مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. چيم سچ، سوريءَ سزاوار آحيان. مان پورهيت پنوهارن کي پچندي ڏسان ٿو، مان مارۡن مٿي مچ مچندي ڏسان ٿو، بگھاڙن کان تن کي نـ بچندي ڏسان ٿو، نشي ۾ نگهبان نچندي ڏسان ٿو، جلان ٿو پچان ٿو ، تڏهن ڪجه لکان ٿو، ڪري مان چڪو پان اقرار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. جڏهن انگ اگھاڙا اباڻا ڏسان ٿو، وطن منجھ وانگي ويڳانا ڏسان ٿو، ڏکن ۾ ڏريل ڏاڏاڻا ڏسان ٿو، سنڌ سڄيءَ جا سَنڌ ساڻا ڏسان ٿو، مان لئونءَ لنئونءَ لڇان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو، حقيقت ۾ ڦاسيءَ جو حقدار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. مان مورن ملوڪن کي مرندي ڏسان ٿو، مان ڪنگن ۽ ڪانگن کي ڪڏندي ڏسان ٿو، مان ڌارين کان ڌرتيءَ کي ڌڏندي ڏسان ٿو، مان ٻيڙي ڪا منجهـ ٻار ٻڏندي ڏسان ٿو، سڙان ٿو، ڪڙهان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو، مان پنهنجي ئي ڄڻ ڄاڻ جو ڄار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. مان جيئري جوانيون ڪيئن جلندي ڏسان ٿو، مان رازق جو روح رڙندي ڏسان ٿو، مان ڪونڌر ڪلها ڪنهن جا ڪڙهندي ڏسان ٿو، سڄي سنڌ سورن ۾ سڙندي ڏسان ٿو، ٻران ٿو مران ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو، گنهگار آهيان، گرفتار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. ڪٽي ڪو شرابن شبابن ۾ راتيون، سڄي رات بک ۾ ڪنهن جھاتيون ٿي پاتيون، ڏسي ڪنهن امڙ جون سڪل ٺوٺ ڇاتيون، ٻَران ٻارڙن جون ٻڌي ٻوليون ٻاتيون، جھران ٿو جھڄان ٿو،تڏهن ڪجه لکان ٿو، مان پنهنجي پنوهارن جو پرچار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. مان حاڪم جي هت هيري ڦيري ڏسان ٿو، وطن ۾ مان وانگين جا ويري ڏسان ٿو، مان اک سامراجين جي ميري ڏسان ٿو، مان بازن جي گھيري ۾ ڳيري ڏسان ٿو، مچن ۾ مچان ٿو،تڏهن ڪجه لکان ٿو، مان ”منشي“ مرڻ لاءِ تيار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان
سڄي سنڌ سورن ۾ سڙندي ڏسان ٿو، ٻران ٿو مران ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو، گنهگار آهيان، گرفتار آهيان، مان غدار آهيان، مان غدار آهيان. منشيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي