نظم “مــــان غـــدار آهـيـان”

'مُنشي ابراهيم' فورم ۾ صاحبڏنو شيخ طرفان آندل موضوعَ ‏16 ڊسمبر 2015۔

  1. صاحبڏنو شيخ

    صاحبڏنو شيخ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    84
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.
    چيم سچ، سوريءَ سزاوار آحيان.

    مان پورهيت پنوهارن کي پچندي ڏسان ٿو،
    مان مارۡن مٿي مچ مچندي ڏسان ٿو،
    بگھاڙن کان تن کي نـ بچندي ڏسان ٿو،
    نشي ۾ نگهبان نچندي ڏسان ٿو،
    جلان ٿو پچان ٿو ، تڏهن ڪجه لکان ٿو،
    ڪري مان چڪو پان اقرار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

    جڏهن انگ اگھاڙا اباڻا ڏسان ٿو،
    وطن منجھ وانگي ويڳانا ڏسان ٿو،
    ڏکن ۾ ڏريل ڏاڏاڻا ڏسان ٿو،
    سنڌ سڄيءَ جا سَنڌ ساڻا ڏسان ٿو،
    مان لئونءَ لنئونءَ لڇان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،
    حقيقت ۾ ڦاسيءَ جو حقدار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

    مان مورن ملوڪن کي مرندي ڏسان ٿو،
    مان ڪنگن ۽ ڪانگن کي ڪڏندي ڏسان ٿو،
    مان ڌارين کان ڌرتيءَ کي ڌڏندي ڏسان ٿو،
    مان ٻيڙي ڪا منجهـ ٻار ٻڏندي ڏسان ٿو،
    سڙان ٿو، ڪڙهان ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،
    مان پنهنجي ئي ڄڻ ڄاڻ جو ڄار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

    مان جيئري جوانيون ڪيئن جلندي ڏسان ٿو،
    مان رازق جو روح رڙندي ڏسان ٿو،
    مان ڪونڌر ڪلها ڪنهن جا ڪڙهندي ڏسان ٿو،
    سڄي سنڌ سورن ۾ سڙندي ڏسان ٿو،
    ٻران ٿو مران ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،
    گنهگار آهيان، گرفتار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

    ڪٽي ڪو شرابن شبابن ۾ راتيون،
    سڄي رات بک ۾ ڪنهن جھاتيون ٿي پاتيون،
    ڏسي ڪنهن امڙ جون سڪل ٺوٺ ڇاتيون،
    ٻَران ٻارڙن جون ٻڌي ٻوليون ٻاتيون،
    جھران ٿو جھڄان ٿو،تڏهن ڪجه لکان ٿو،
    مان پنهنجي پنوهارن جو پرچار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

    مان حاڪم جي هت هيري ڦيري ڏسان ٿو،
    وطن ۾ مان وانگين جا ويري ڏسان ٿو،
    مان اک سامراجين جي ميري ڏسان ٿو،
    مان بازن جي گھيري ۾ ڳيري ڏسان ٿو،
    مچن ۾ مچان ٿو،تڏهن ڪجه لکان ٿو،
    مان ”منشي“ مرڻ لاءِ تيار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان
     
    علي گل، سليمان وساڻ، (deleted member) ۽ 4 وڌيڪ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    مان ”منشي“ مرڻ لاءِ تيار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان


    بھترين شاعري ادا
     
    علي گل هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڄي سنڌ سورن ۾ سڙندي ڏسان ٿو،
    ٻران ٿو مران ٿو، تڏهن ڪجه لکان ٿو،
    گنهگار آهيان، گرفتار آهيان،
    مان غدار آهيان، مان غدار آهيان.

    منشيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي
     
  4. Moazam Ali

    Moazam Ali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2011
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    94
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ڌنڌو:
    Private Job
    ماڳ:
    Tando Soomro
    تمام سٺي شاعري آهي ۽ منشي جي ته شاعري پنهنجو مٽ پاڻ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو