ڪهاڻي ... تون بهار هئين! ........ سورٺ مظهر ابڙو

'مختلف موضوع' فورم ۾ رسول بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏18 ڊسمبر 2015۔

  1. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    [​IMG]
    تون بهار هئين

    سورٺ مظهر ابڙو

    جيئن ئي سوچن جون هوائون گهليون ته تنهنجي يادن جا اڻميا پن سرءَ جي سڪل پنن وانگر منهنجي خيالن جي ويران شهر ۾ وکري ويا، الائي ڇو؟ تون ياد ايندو آن ايڏو؟! توسان ملڻ کانپوءِ اهو ڪو سيڪنڊ به مشڪل سان هوندو جنهن ۾ توکي ساريو نه هجي، اسان ان مند ۾ مليا هئاسين، جنهن مند منهنجي زندگيءَ اپنائي ڇڏي هئي، الائي لکئي جو ڪرتب آ...!؟ وڻ جي هيٺان ويٺي هئس، جيڪو پنهنجا سڀ پن ڦڪا ڪري ڪيرائي چڪو هو، هن وٽ مونکي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، سواءِ ٽيڪ جي.

    ڪتين ڪر موڙيا، ٽيڙو آيا ٽريئي

    راڻو رات نه آيو، ويل ٽري ويئي

    کوهه سا کاڻي راتڙي، جا پرينءَ ريءَ پئي

    مونکي ڏن ڏيئي وڃي ڍولو ڍٽ قراريو

    مان وڻ جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي جهڙالي آسمان ۾ اکيون اٽڪائي سُر راڻو چوندي رهيس، اُهڙي مهل ۾ نه ئي ڪو منهنجو راڻو هو ۽ نه ئي وري ان جو انتظار. راتيون پڙهائيءَ ۽ موسيقيءَ سان گڏجي فرحت سان گذري وينديون هيون، الائي ڇو سُرراڻو، ڏاڍو چوندي هئيس. مومل تي مون کي ترس ايندو هيو حد کان وڌيڪ پيار ايندو هيو، هنن جي محبت ۽ انتظار تي. ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍولو ڍٽ قراريو، آخري شعر کي هڪ اڻٻڌي آواز مونسان گڏ ڳايو. منهنجي اکين جي پنبڻين تي گهنج پئجي ويو، ڄڻ سج جي روشنيءَ کان اکين لاءِ ڇپر ٺاهينديون هجن. تجسس مان آسمان تي اٽڪيل اکين کي اوپري آواز جي لهرن پيدا ڪندڙ Source ڏانهن ڦيرايو، آهستي آهستي پنبڻين جا گهنج سڌا ٿيندا ويا، ڄڻ استري ايندي هجين. بنا مقصد جي اڀيون ٿينديون ويون, منهنجون ڀرون ڄڻ ته ٻن ڍنڍن جي مٿان ٻه انڊلٺيون تپي ويون هجن. رجي ويم..!
    تون پنهنجي ناسي نيڻن جي شعاع تي سياري جو سج آڻين ۽ مان برف! رجندي ويس تنهنجي آڏو، پنهنجو وجود وڃائيندي محسوس ٿيم، پر تڏهن به نظرون تو ۾ کُپي ويون، چپ ڦڙڪڻ لڳا، اکين ۾ اڻگهريو پاڻي وهي آيو، ڳل ڳاڙها ٿي اڀا ٿي ويا. اکين جو بند ڀڄي پيو، پاڻي ڳٽن کي لوڙهيندو آيو. مان ڇو رنم؟ خبر نه هئي..! شايد ان لاءِ ته اُهي نيڻ هئا جن کي پسڻ جي تمنا مون سالن کان ڪئي هئي، تنهنجو آواز اهو هو جنهن کي سڻڻ لاءِ صدين کان سڪي رهي هيئس ۽ حد کان وڌيڪ مٺڙي مُرڪ هئي جنهن لاءِ روح به صدين کان سڪي رهيو هو. منهنجي اکين ۾ پاڻي ڏسي تنهنجي اکين جو جرڪاٽ جهڪو ٿيندو ويو، مرڪ غائب ٿيندي ويئي. مان رءِ جي پلئه سان اکيون اگهيم، منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿيندي ويئي يا ته الائي رڪجندي وئي؟ تون هٻڪندي هٻڪندي منهنجي ڀر ۾ ويهي رهين، مان تنهنجي نظرن کي نه ڏسي سگهيس. گهڻي دير گذري ويئي، نه تونکان ڪو لفظ نڪتو ٿي، نه ئي مان ڪجهه جهونگاريو. “هم هم” آخر تو نڙيءَ کي لرزش ۾ آندو.“مان توهان کي هتي اڄ پهريون چڪر پئي ڏسان”
    مان ساهه کي روڪي پنهنجي نظرن کي تنهنجي نيڻن سان ملائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. دل ڌڌڪو کاڌو ۽ رڪجي ويئي “ايڏي گهرائي! اڄ تائين ڪنهن جي اکين ۾ ناهي ڏٺي!” دل ڀڻڪيو. تنهنجي نيڻن جو نور وري وڌڻ لڳو. مونکي هزارين سوال ۽ مونجهارا تنهنجي اکين ۾ ظاهر ٿيا.
    “مان به” تو هلڪي کل سان جواب ڏنو. تنهنجي جواب ۾ به سوال ئي هو، پر شايد مان سمجهي نه سگهيس.

    “شاهه صاحب وڻندو اَٿو” مان به پنهنجي پڳل منهن ۾ مرڪ ملائيندي پڇيو.
    “ها! پر “راڻو” سڀني کان گهڻو”
    توبه ساڳي ئي مرڪ موٽائيندي چيو. “ها..! مونکي به” اهيو مون چئي تو زور سان کلي ڏنو هو.
    تو ٻڌايو هو ته تون ان وقت ٻي شهر رهيل هئين ۽ هي تنهنجو اباڻو شهر هو، تون اتي ٽن مهينن کانپوءِ گهمڻ آيو هئين. “اڙي توهان وري ايڏانهن جا آهيو، لڳو ته صفا به نٿا.” تو مونکي کلي چيو هو، جڏهن مان توکي پنهنجي اباڻي شهر جي باري ۾ ٻڌايو هو. ڇاڪاڻ ته مان “مشي” بجاءِ مڇي کائيندي آهيان” مان تنهنجي نيڻن کي گهورڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بيڪار وئي هر اعليٰ کان اعليٰ ڪوشش به! تو ٽهڪ ڏئي چيو “ها شايد تڏهن”. اسان ڳالهائيندا رهياسين، هوا پنهنجي زور تي سڙيل ڦڪن، ڳاڙهن پنن کي اٿلائي پٿلائي رهي هئي، سج وچ آسمان تي هو پر ڏسڻ ۾ ڪا نه پيو اچي ڇاڪاڻ ته ڪارن ڪڪرن پنهنجي چادر آسمان جي سج تي وڇائي ڇڏي هئي.
    “لڳي ٿو اڄ وسندو” تو وچ سانوڻ جي منجهند ٽاڪ ۾ ايندڙ اوچتي ڪڪرن جي وسڪاري کان به وڻندڙ مرڪ چپن تي آڻي پنهنجي نظر کي جهڙ طرف اڇلائيندي چيو هو.
    “الله ڪري” مان بنا ڇنڀ جي توکي تڪي چيو هو. ۽ تو جهڙ جي ڪاري چادر کي تڪيو پئي. منهنجي وات مان “الله ڪري” نڪرڻ ۽ هوڏانهن مينهن ڦُڙيون هيٺ ڪرڻ شروع ٿي ويون. تو سارنگ جهونگاريو. اهڙو مٺو آواز ته ڪنهن ڪوئل جو به نه هوندو آ، مان توکي تڪيندي دل ئي دل ۾ سوچيو هو.
    “ائي منهنجو گهر هتان کان تمام گهڻو پري آ، مان هتي مامي وٽ رهندي آهيان”. تون مگن هئين شاهه جي گهرن لفظن ۾ “ويهو ته” ڏسو ڪيڏو مزو آ، پوءِ وڃجو” تنهنجون نظرون جهڙ ۾ ئي کُپيل هيون، “نه، نه ڄاڻ پوائنٽس نڪري ويون، مينهن به پنهنجي رفتار وڌائيندو. “آءُ هلڻ هاري” مان اٿندي چيو. “نه بابا نه! مان ته توهان کي ايئن هلڻ ڪانه ڏيندس پهريان هلو ته چانهه هلي پيئون، پوءِ ڏٺو ويندو توهانجي وڃڻ جي باري ۾، هونءَ به اسانجي دوستيءَ جي شروعات ڪيڏي سٺي مند ۾ ٿي آ....”

    تو پنهنجي هٿن کي پنهنجي جينز جي چر نما پاڪيٽس ۾ لڪائي وري بادلن ڏانهن ڏسي ساڳئي ئي بيحد وڻندڙ مُرڪ سان ڳالهيون ڪيون هيون، الائي ڇا هو تو ۾، تنهنجي نيڻن جي روشنيءَ ۾، تنهنجي مرڪ ۾، تنهنجي آواز ۾ الائي ته ڇا هو؟ الائي ڪهڙي ڪشش هئي جو اجنبي هوندي به مان توڏانهن ڇڪبان پئي، مون توکان پري وڃڻ نه چاهيو هو. منهنجي سيل فون جي رنگ وڳي، “اهيو! ماما جي فون” مان زور سان چيو ڇاڪاڻ ته بارش کي تيز هلڻ لاءِ ڏنڊو لڳي چڪو هو.

    ”چڱو لطيف مان وڃان پئي”

    “نه نه ائين ڪيئن، مامي کي چئو ته تون پنهنجي دوست سان اچين پئي ٿوري ئي دير ۾”

    منهنجي منهن تي الائي ڪهڙي مرڪ آئي جو تو به مون ڏي ائين ئي نهاريو جيئن مان توکي گذريل لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن کان تڪيان پئي. مان تنهنجا لفظ فون تي دهرايا ۽ “ٺيڪ آ” جو جواب ٻڌم، ”هلو ته هلون شامونءَ جي هوٽل تان چانهه پيئون“ تو اڳتي وڌندي چيو.

    ”ها مونکي اها چانهه وڻندي آ ڏاڍي“

    ”ها جڏهن مان يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس، تڏهن ڏينهن ۾ ٽي چار چڪر اها چانهه پيئندو هئس، هاڻي به جڏهن به هيڏي اچڻ ٿيندو آ ته هتي ضرور به ايندو آهيان، چانهه پي، ان نم وٽ ويهندو آهيان جتي توهان ويٺا هيئو“.

    مان کلندي، تنهنجي نظرن ڏي ڏٺوهو، اڃان به گهيريون ٿينديون ويون، جيڪڏهن مان هڪ منٽ به لاڳيتو تنهنجي نيڻن ڏانهن ڏسان ها ته چرين وانگي وڏا وڏا ٽهڪ به ڏيان ها ۽ خالي وڻن وانگي جهومان به ها ته مينهن وانگر وسي به پوان ها. تو چانهه آڻائي، ٻنهي کي ڳالهائڻ لاءِ ڪو لفظ ئي نه لڌو
    “ڀلا هاڻي ڇا ڪندا آهيو، پنهنجي شهر کان ٻاهر؟“ نيٺ مان پنهنجو ڪوپ سوريندي ڀڻيڪو.
    ”مان بزنس مين آهيان، سٺي عهدي تي آهيان، صبح جو ڇهين وڳي آفيس لاءِ گهران نڪرندو آهيان ۽ رات جو ڏهين وڳي موٽندو آهيان، ٿڪ ڀڃي پوءِ وري شاهه صاحب سان گڏ ويهندو آهيان.“

    “اتي ڪنهن سان رهندا آهيو؟”

    “اڪيلو” تو وري مرڪي چيو هو

    “خبر اٿو مان به رات جو شاهه سائين پڙهندي آهيان”

    “ڀلا ڇاهي! توهان مون تي ايڏو ساڙ ڇو ٿا ڪيو؟”

    تو مذاق ڪندي چيو

    ”نه سائين نه! ساڙ ته توهان پيا ڪريو، الزام وري مون تي!“ ”نه بابا ڏسو، راڻو به مون وانگي ئي وڻندو اَٿو، وري رات جو شاهه به پڙهندا آهيو منهنجي ساڙ تي، شامونءَ جي چانهه به! ۽ خبر اٿو جڏهن مان يونيورسٽيءَ ۾ هوندو هئس ته توهان وانگي ئي، ان ساڳئي نم کي ٽيڪ ڏئي راڻو ئي ڳائيندو هئس تنهنجي ڳالهائن جي ٽون جهڪي ٿيندي وئي ۽ تون مون ڏي تڪڻ لڳين.

    ” هڪ ڳالهه ته دنيا ۾ رڳو توهانکي ئي راڻو ناهي وڻندو، ٻيو ته مونکي ته ڪا خبر به نه هئي ته ڪو لطيف هتي ويهندو هو ۽ مون وانگي ئي راڻو ڳائيندو هو“ . مان تنهنجي نظرن کان نٽائيندي چيم.

    تو جواب رڳو ماکيءَ کان به مٺڙي مرڪ سان ڏنوهو . اسين يڪو ڳالهائيندا رهياسين، ڪلاڪ گذريو الائي ٻه ڪلاڪ پوئتي لنگهي ويا، پر مونکي لڳو ٻه سيڪنڊ به نه گذريا آهن، دل چاهيو ته اڄ خدا جا هٿ اچي وڃن ته جيڪر وقت جي ڪانٽي ۽ زمين جي ڦيري کي ڦرڻ ئي نه ڏيان، بيهاري ڇڏيان صدين تائين. اسان ڇڙين سان ٺهيل منهيءَ هيٺان سالن پراڻي ڪرسين تي ويٺا هئاسين، آڏو مينهن اڃان وسي پيو، ايڪسيلريشن مائنس ۾ هئس. جهڙ به پاڻيءَ کان خالي ٿي ويو، پر اسانجون ڳالهيون نه پيون کٽن، نيٺ ڪچهري جو انت آڻڻو پيو ۽ اسين اڳتي وڌڻ لڳاسين. ڦڙ ڦڙ اڃا به جاري هئي، تو جهڙ ڏانهن ڏسي وري سارنگ جو ڪو بيت جهونگاريو.
    ”نالن جو اثر پوندو اٿو، ڏسو توهان تي ڪيڏو آ لطيف“ مان هلڪي کل کلي توکي چيو.
    ”هل هل، هاڻي ڪاڏي مان ڪاڏي شاهه سائين.“ تو مرڪي چيو.
    ”اڙي جائي! توهانجو نالو!؟“ تون حيرانيءَ مان اکيون وڏيون ڪري مونکان پڇيو.
    مان ٽهڪن جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويس “لڳ ڀڳ چار پنج ڪلاڪ ڪچهري ڪئي آ، توهانکي منهنجي نالي جي خبر ناهي! ڪمال ٿا ڪريو“ مان کلندي رهيس. تون مون ڏي ڏسندو رهين، هلڪي مرڪ جا مصريءَ کان به مٺي هئي سا تنهنجي منهن تي برقرار هئي، ڪلهن کي سٽ سان مٿي ڪري وري هيٺ ڪري چيئي ”ڪمال ته توهان ٿا ڪيو، اهڙي ڪچهري ڪيئي جو نالي پڇڻ جو ٽائيم ئي نه مليو”. “ها اها ڳالهه آهي، مان ڪجهه وڌيڪ ڳالهائڻي آهيان“ مونکان کل نه پئي رُڪي. ”چڱو، هاڻي ٻڌايو نالو.“ تنهنجي ڪار ۾ ويٺا هئاسين ۽ تو اهو پڇيوهو.

    ”نه سائين نه! اها ڪهڙي ڳالهه! منهنجو نالو ڳجهارت اَٿو، هاڻي اها ڀڃي ڏيکاريو ته مڃان“ ”اڙي اهو وري ڇا! مان ڪيئن ڀڃي سگهندس؟ ڪا رمز ڌمز ته ڏيو نه.“

    ”جيڪڏهن ڪا هنٽ مليوَ ته اُن مهل ئي سڃاڻي ويندئو، تنهنڪري مان ڪونه ڏيندس ڪا رمز“.
    ”نه با! ائين ته هزارين، لکين، ڪروڙين نالا آهن، انهن مان توهانجو ڪيئن ڳوليان“.

    ”چڱو تنهنجي سولائيءَ لاءِ هنٽ ڏيان پئي، پر هڪ شرط تي، سڀاڻي تائين نالو ٻڌائڻو اٿوَ“ مان توڏانهن ڏسندي چيو. تنهنجي مک جي مرڪ اڏامي وئي ۽ تو چيو؛ ”شايد نه! مان سڀاڻي تائين هتي ڪا نه هوندس، مونکي پنهنجي ڊيوٽيءَ طرف وڃڻو آ..! خبر ناهي الائي ڪڏهن موٽندس، وري توهان سان ملڻ ٿي به الائي نه“ وڇوڙي جي ڳالهه ٻڌي ڄڻ ته زمين ڏري پئي هئي۽ مون کي آسمان مان ڏار پوندي نظر آيا. تنهنجا اهي لفط لکين مائونٽ ايوريٽس ٿي منهنجي مٿان ڪريا، اکين ۾ پاڻي ڀرجڻ لڳو، زبان سن ٿي ويئي. مان صدين کان تنهنجو انتظار پئي ڪيو ۽ صدين تائين توسان گڏ رهڻ ٿي چاهيو، پر تو ڪيڏي نه سولائي سان منهنجي خوابن جي محلن کي ائين چئي ڊاهي وڌو هيو ته وري توهان سان ملڻ ٿي الائي نه. مان جلدي ۾ ڪار جي دريءَ جو شيشو کولي ٻاهر نهارڻ لڳيس ته جيئن ڳوڙها پوئتي ڀڃندڙ رستي تان لنگهندڙ هوا سان گڏ لڪ ڇپ ۾ ڀڃي وڃن. “منهنجي زندگيءَ ۾ به بهار آيو، آيو به خزان ۾، پر رڳو ٽي يا چار ڪلاڪ بس!” مان شيشي کان ٻاهر رستي ڏانهن ڏسندي سوچيو هو.

    زهر جهڙي خاموشي ڇائنجي وئي ائين لڳو ڄڻ نانگن جي ٻر ۾ آهيان. پر نه، منهنجي ڀرسان بهار هو ۽ اتان هوا لڳندي رهي، مان چاهيندي به نه ڳالهائي سگهيس، جيڪڏهن ڳالهايان ها ته روئي ڏيان ها، تڏهن چپ رهيس، هوا منهنجي ڳوڙهن کي ڀڄائي وئي، مونکي ته خبر به نه پئي تو ڏانهن نهاريو ته اها ماکيءَ نما يا ان کان به مٺي مرڪ ملي، تنهنجي ڀِرن ۾ گهنج پيل هئا ۽ نظر ايندڙ رستي ۾ کپيل هئي. ڪار بيهي رهي، مان اٿڻ لڳس، آواز ايڏو ته ڳورو محسوس ٿيم جو توکي گهر هلڻ جي صلاح به نه ڪري سگهيس. ”ها ته ٻڌايو نه پنهنجو نالو؟“ نيٺ تو ڳالهايو. ”اڃا به ڪا نه ٻڌائيندس، ٻيهر ملون ها ته ٻڌايانَ ها، پر هاڻي نه، وري به هنٽ ڏيانَ پئي“ منهنجو آواز ڳورو هو، ائين پئي لڳو ڳلي جي بند ۾ ڄڻ ڪو طوفان برپا ٿيو هو. ها اهو جذبن جو طوفان هو خوابن جي لاشن سان ڀريل.

    ”شاهه جون ستن سورمن جي نالن مان ڪو هڪ منهنجو به اَٿو“ تنهنجي مرڪ موٽي آئي، پر ساڳئي نه هئي سانجهيءَ ۾ پيلي ڪومايل گل جيان هئي.

    اکين جا بادل وسڻ لڳا، پر شڪر تڏهن تون اڳتي وڃي چڪو هئين، مان سرءُ ۾ هيس ۽ اتي ئي رهجي ويس اسانجي ان ملاقات کي هفتو گذري چڪو هو، مان ساڳي ئي نم هيٺان ويٺي هيئس، منهنجي لاءِ اهي ست ڏينهن، ست سئو صدين کان به وڏا هئا، جن ۾ انتظار هو، رڳو انتظار به نه ، رات جي ننڍ ڦٽل هئي، ڏينهن جو چين گم هو، پڙهائيءَ ۾ ڪجهه مليو ته ”راڻو“ جيڪو وڌيڪ وڻڻ لڳو هيم، ايئن لڳندو هو ڄڻ شاهه سائين اهو سر ئي منهنجي حالت تي لکيوهو، مان تنهنجي لاءِ الائي ڇا ڇا لکيو هو، جنهن ۾ مان توکي راڻو سڏيو هو تون منهنجو مينڌرو هئين، آئين به پنهنجي مرضيءَ سان وئين به پنهنجي پر.

    ”مونکي ڏنءُ ڏيئي، وڃي ڍولو ڍٽ قراريو“

    مان جهونگاريو، پر ٻيو به آواز ٻڌڻ ۾ آيم، بهار موٽي آيو، دل خوشيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏي ويئي، پوئتي نهاريم ته نظر سڌو وڃي تنهنجي نيڻن تي پئي، الائي ڇا هو تنهنجي ناسي نيڻن ۾..؟! ايڏو چين، ايڏو قرار! جيڪڏهن اُن مهل جنت به ملي ها ته تنهنجي نيڻن خاطر ٺڪرائي ڇڏيان هان... ”لطيف!“ مان رڙ ڪئي ۽ کلڻ لڳس.

    ”ها مومل!“ تو ڀرسان ويهندي چيو، اڄ تنهنجي منهن تي بيحد وڻندڙ مرڪ ڇانيل هئي، ٽن چئن ڏينهن کان شيو نه ٿيل هيئي پر تڏهن به ايڏو تازو توانو پيو لڳين ڄڻ حوض ڪوثر مان تڙ ڪري آيو هجين. تون ان ڏينهن الائي ڇو ايڏو پيووڻين، جيئن سڄي دنيا جي صحرائن ۽ سمنڊ ڪنارن جي واريءَ جا ڌاڻا ڳڻي نه سگهجن. تو انهيءَ کان به مونکي گهڻو پي وڻين، منهنجي منهن تي لازوال مرڪ آئي ۽ ڇرڪ ڀري، تارا ڦاڙي چيم ”ڇا؟“.

    ”مومل تنهنجو نالو مومل آهي“ تنهنجي نيڻن جا تير مونکي لڳندا رهيا.

    مان کل جي طوفان ۾ گم ٿي ويس ”نه سوڍل سائين نه“ مان کلندي رهيس، ”سراسر غلط“ مون چيو،
    ”اڙي! مان سڄو هفتو رڳو اهو ئي سوچيو آ ۽ پڪ سان چوان ٿو ته تنهنجو نالو مومل آهي“
    ”نه لطيف نه“ مان ٽهڪن ۾ ٻڏندي چيو هيو.
    ”چڱو تون ئي ٻڌءِ هاڻي“ تو چيو.
    ”تون هارائي وئين“ مان ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.

    ”ها مومل جيت تنهنجي ٿي“ تنهنجي نيڻن ۾ عجيب جوت هئي ۽ چپن تي اها ساڳي ئي ماکيءَ کان به مٺڙي مرڪ تري آيئي. منهنجي کل کڄي وئي، مان پنهنجي جيت ۾ به هار محسوس ڪئي، تنهنجي لفظن، نيڻن ۽ تنهنجي مُرڪن مونکي هارائي وڌو، تنهنجي نيڻن جي پهرين ئي وار سان مان پنهنجي هار مڃي هئي، جيت وري ڇاجي؟
    ”ها اُهو ته آهي“ مان ڪوڙي فخر سان ڪنڌ اوچو ڪري چيو، ”هاڻي ڏنڊ ڪهڙو رکانَ“.

    ”رحم ڪجو مومل!“ تو نهٺائي سان مذاق ۾ هٿ ٻڌندي چيو.

    ”پهرين ڳالهه منهنجو نالو مومل ناهي، ٻيو ته اڄ مونکي قلفي کاراءِ، ديسي قلفي” مون منهن بگاڙيندي چيو.
    ”بس! رڳو ايترو ڏنڊ مومل“. تو چيڙائيندي چيو.
    ”مونکي اها قلفي گهڻي وڻندي آهي، جڏهن به اوڏانهن وڃڻ ٿيندو آهي ته اها قلفي ضرور کائيندي آهيان“.

    ”مان ته منڍ ۾ ئي توکي سڃاڻي ورتو هو ته تون وڏي ساڙيلي آن، اها منهنجي به پسنديده قلفي آ مومل“ تون اٿندي چيو.

    ”الاءِ اهو ڇاهي! هر بار مونتي الزام!، مونکي خبر آهي تون سڀ ڪوڙ ٿو ڳالهائين، تون هيڏي سٺيءَ فيمليءَ سان تعلق رکندڙ وري اها قلفي ڪا ڏانهن کائيندو آن، تو جي لاءِ ئي ته ڪي ايف سي ۽ ميڪڊونلڊ ٺهيا آهن“.

    ”چپ ته ڪر، توکي پاڻ ئي خبر پئجي ويندي ته مان سچ پيو چوان يا ڪوڙ!

    ان ڏينهن اسانجي ڳالهائڻ مان توهان ڪريو وغيره جا ڪڙا ڪٽجي ڀري پيا ۽ اسان آزاد نظمي سان تون ڪر وغيره استعمال ڪرڻ لڳاسين.

    ”ادا لطيف مس منهن ڪيو اٿوَ“ قلفيءَ واري اسانکي ڏسڻ شرط ئي رڙ ڪئي.

    تون مون ڏي مرڪ سان ڏٺو ۽ مان ٽهڪ ڏيئي ويٺس

    ان وڻ جي هيٺان بينچ تي ويٺا هئاسين، جنهن جي پنن کي سرءَ جي مند نقصان نه رسايو هو، هوا هئي سڪل پن هئا بس! ۽ قلفيءَ وارو هڪ اس تي سانوري ٿي ويل ڇوڪري سان قلفيون ٺاهڻ ۾ مصروف هو.

    “هاڻي ڇا به ٿجي، توکان جدا ڪونه ٿبو ميان مينڌرا!” مان قلفي چوسيندي دل ئي دل ۾ سوچيو. “ گذريل هفتي کربين خواب ڏٺا هئا تون سان گڏ، اهي به کليل اکين سان، ننڊ ته حرام ٿي پئي هئي، اڄ ايڏو ته سڪون مليو، دل چاهيو تنهنجي ڪلهي تي ڪنڌ رکي سمهي پوان.

    ”هاڻي تنهنجو نالو ڇا به هجي! مان ته توکي مومل چوندس، مان جڏهن به تنهنجو نالو سوچيو ته مومل ئي ذهن تي تري پئي آيو، يا راڻو پئي پڙهيم تڏهن به مومل ئي توتي سيوٽ Suit پئي ڪيو“ تو منهنجي خيالن جي چادر کي ڦاڙي وڌو،
    ”ڇو مونکي وري اهو ڪيئن Suit پيو ڪري؟“

    “انهيءَ ڏينهن مومل وانگي وڻ هيٺان ويهي راڻي لاءِ پئي روئين نه؟.. هان؟“ مونکي ائين لڳو تو اهو ڊڄي ڊڄي ڳالهايو. مان ڪجهه نه چيو.

    ”ڪنهن جي لاءِ پئي رنيئن“

    مرڪ منهنجي چپن تي ترڪي پئي، جڏهن تنهنجو معصوم سوال ٻڌم ۽ اکين ۾ ڏٺم، دل ته چاهيو پئي ٻڌائي ڇڏيان ته تنهنجي لاءِ ئي پئي رنم پر ان تي زبان ئي ڄمي وئي.

    ”ڇڏ ته ، منهنجي نصيب ۾ راڻو وري ڪاٿي؟ ڪو ڪاڪ ئي ناهي اڏايو ته راڻو وري ڪاڏانهن ايندو؟“ مان توتان نظرون هٽائي، سامهون هوا جي غلامي ڪندڙ پنن ڏانهن ڏٺو، ”مان ته سورٺ آهيان، جيڪڏهن ڪو منهنجو راءِ ڏياچ ٿيو به ته ان کي ڪنهن ٻيجل جو چنگ مون کان وڌيڪ پيارو ٿيندو ۽ مونکي ستي ٿيڻو پوندو!“

    ”اڙي سورٺ! ايئن ناهي راءِ ڏياچ توکي وڏي ڏکيائين سان حاصل ڪيو هو“.

    ”چپ ته ڪر،“ مان کلي ڏنو ”ڄڻ مان اها سورٺ آهيان!“
    ”تنهنجو نالو سورٺ آهي! صفا به نه! مان اهو سوچيو به نه هو.“ خاموشي ڇائنجي وئي،
    ”مون کي نه ٻڌائيندينءَ ته انهيءَ ڏينهن ڇو پئي روئين؟“ تو وري پڇيو.

    ”حالي ته نه“ مان کلي پيئس انهي مهل تنهنجون نظرون جهڪيون ٿي ويون، توکي ڪهڙي خبر اُهي لڙڪ تنهنجي لاءِ ئي هئا، تنهنجي نيڻن منهنجي دل کي گهائي وڌو هو، تڏهن پئي رنس.

    ان کانپوءِ هر ستين ڏينهن تي اسان ملندا هئاسين، تنهنجي لاءِ منهنجي محبت عمر جي ڪوٽ کان به وڌيڪ مضبوط ٿيندي وئي، هر ڀيري تنهنجي نيڻن جي تجلي وڌيڪ روشن هوندي هئي، هر ڀيري تون مونکي پوئين ويري کان وڌيڪ وڻندو هئين.

    ڇهه، ست مهينا گذري ويا هئا توسان ملڻ کانپوءِ هر ڏينهن اسان سنڌوءَ جي ڪناري ويندا هئاسين ، هوا پنهنجي منهن سان جهومي رهي هئي. انهن گيتن تي سنڌوءَ جون ڇوليون ڳائي رهيون هيون، سج سنڌوءَ کي الوداع چوڻ لاءِ پنهنجو ڳاڙهو رنگ آسمان تي هاري چُڪو هو. نه تو پئي ڳالهايو ۽ نه ئي مان!

    ”سورٺ!“ تون مونکي پنهنجي ماکيءَ جهڙي مٺڙي آواز سان دستور جي خلاف سورٺ چئي سڏ ڪيو.
    مان ڀرن کي اڀو ڪري جواب ڏنو هو.
    تون پنهنجي چيئر منهنجي ڀرسان سوري آئين، هوا منهنجي وارن سان رانديون ڪري رهي هئي ۽ تنهنجي ان سڏ منهنجي نيڻن کي ڳاڙهو ڪري اڀو ڪري ڇڏيو هو ، تو منهنجي هٿ کي پنهنجي هٿن ۾ لڪائي ڇڏيو، مان ڄمي ويم، دل جي ڌوڙ زمين جي رفتار کان تيز ٿي وئي. ”سورٺ، مون ڏانهن ته ڏس!“ تنهنجو اهو آواز اهڙو ته وڻندڙ ۽ دلڀائيندڙ هو جو ڪنهن ڀٽائي جي ڳايل وائي جو به ڪانه هوندو. دل سڪون جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳي، الائي گهڻين صدين کان منهنجي دل ترسيل هئي، تنهنجو اهو لهجو ٻڌڻ لاءِ مان توڏانهن نهاريو.

    تنهنجي نيڻن ۾ محبت ئي محبت جون ڇوليون هيون، ڪيڏي گهرائي نظر آئي هئي تنهنجي ان نظر ۾، پئسفڪ کان به وڌيڪ!

    ”سورٺ مونکي ائين ٿو لڳي مون ازل کان وٺي توکي چاهيو آ، رڳو توکي ئي“

    مان چپ رهيس ۽ جواب پنهنجي اکين سان ڏيڻ لڳس جن ۾ پاڻي تري آيوهو.

    تون بلڪل منهنجي آئڊيل جهڙو هئين، شاعراڻه طبيعت، سريلو آواز، ڪڻڪ رنگيو، اکين ۾ ته الائي ڪيڏيون جنتون سمايل هيون، تنهنجي مٺڙي مرڪ کانسواءِ ڪجهه نه ٿي کپيو.

    تون منهنجي هٿ کي پنهنجي چپن طرف وڌائي رهيو هئين، اوچتو تنهنجي سيدل فون جو بيسرو آواز گونجيو ”ها سارنگ“ تون منهن بگاڙيندي چيو، اتي به تون مونکي الائي ڪيڏو وڻين.
    ”ڇا!“ تون وائڙو ۽ ڪجهه ڪجهه پريشان به ٿي وئين، ماحول وري خاموشيءَ جو پهراڻ پائي ڇڏيو هو. تنهنجي ”ڇا“ کانپوءِ تنهنجي هٿ جي پڪڙ منهنجي هٿ تي وڌيڪ مضبوط ٿي وئي، هاڻي تنهنجا ناسي نيڻ جهڪيل هئا، چپن تي ماحول جهڙي ئي خاموشي ڇانيل هئي. اداسي تنهنجي منهن مان ليئا پائڻ لڳي هئي، تو ڳالهه جو تسلسل برقرار رکڻ لاءِ ڏڪندي ڏڪندي چيو ته ”پر... پر هڪ...“ تون منجهيل هئين ۽ مونکي ڏسي به نه پيو سگهين مان حيرانيءَ مان توڏانهن ڏسندي رهيس.

    ”پر هڪ...“ تون اڃان ائين چيو ئي مس ته سامهون هڪ هڏ ڪاٺ جو وچولو شخص هڪ سيپڪڙي ڀوري عورت سان گڏ اسان طرف وڌندا پئي آيا، تنهنجي هٿ جي پڪڙ ڍلي ٿي وئي، مان هٿ تنهنجي هٿ مان کسڪائي ڪڍي ڇڏيو.

    ”ته هيءَ آهي سورٺ؟“ ان مرد مون ڏانهن ڏسندي چيو ”ها“ تو اٿندي چيو. وري مون ڏانهن ڏسندي چيئي ”هيءُ سارنگ آهي، منهنجو بيسٽ فرينڊ“ تون رڪجي وئين ۽ ٿڌو ساهه کڻي عورت ڏانهن ڏسندي چيئي ”هيءَ رقيه آهي، منهنجي مـڱيندي“.

    زمين کسڪي وئي منهنجي پيرن هيٺان، سڀ ڪجهه بي رنگ ٿي ويو، دنيا ۾ دل ٽٽڻ کان وڏو عذاب ٻيو ڪو به نه هوندوآهي...!

    رقيه جي منهن ڏانهن ڏسي منهنجو منهن جهڪي ويو جنهنجو منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو، ”منهنجي مڱيندي“ لفظ ٻڌڻ کانپوءِ اکين مان خوشي کيس ليئا پائڻ لڳي ۽ فخر کان ڪنڌ به ڪجهه اوچو ٿي ويس.
    دل ته چاهيو پئي ته سنڌوءَ ۾ پاڻ سمائي ڇڏيان،
    ”۽ هيءَ سورٺ آهي“ تون رقيه ڏانهن ڏسندي چيو، ڪيڏي آسانيءَ سان منهنجو نالو کنيئي، نه ڪو رشتو ۽ نه ئي ڪو ناتو مون سان ظاهر ڪيئي ، ٻه لمحا پهريان وارا لفظ هنن لفظن جي اڻمئي مٽيءَ جي طوفان ۾ دٻجي ويا.

    مان بنا ڪڇڻ پڇڻ جي اتان هلي آيس ۽ سارنگ جيڪو تنهنجو مڊل ڪلاسز کان وٺي بيسٽ فرينڊ رهيو هو، ان سان گهر طرف وڌڻ لڳس.

    تون به ڪار تائين اسان سان گڏ آيو هئين ۽ تو آخري دفعو پنهنجي مٺي آواز سان رقيه ڏانهن پوءِ مون ڏانهن ڏسي چيو هيو! ”مومل کي خبر نه هئي پر راڻي جي رسوائي عارضي هئي، راڻي اصل لاڪون ئي مومل کي ئي چاهيو هو“ تنهنجو آواز ڳورو ٿي پيو، اکين ۾ سنڌوءَ جهڙي وڻندڙ آلاڻ ٽپڪي آئي هئي.

    ”مومل ڏي به لکين جوڌا دليون چيري آيا، پر راڻي مينڌري کانسواءِ هوءَ به ڪنهنجي نه ٿي، مينڌري سچائي نه ڪئي، پر مومل صرف ان کي ئي چاهيو ۽ راڻي لاءِ ئي جان ڏنائين“ منهنجو آواز ڏڪيو پئي.

    ”يقين ڪر! لطيف صرف توکي ئي چاهيو آ!“ سارنگ رستي هلندي چيو جڏهن سنڌوءَ جو سڄو پاڻي منهنجي اکين ۾ اچي اتان وهڻ لڳو هو.

    ”مونکي حيرت ايندي آ، هتي ان جي سڄي فيملي رهندي آ، رقيه به، پر تڏهن به هو ڇهن ڇهن ، ستن ستن مهينن کانپوءِ ايندو هو، پر توسان ملڻ کانپوءِ ايڏو پنڌ هجڻ باوجود هر هفتي ايندو هو.“

    ”هن جي مڱڻي ڪڏهن کان ٿيل آهي؟“ مان جڏهن سانت ۾ آيم ته پڇيم.

    سارنگ گهٻرايو ”سچ ٻڌائجان“ مان سارنگ ڏانهن بنا ڏسڻ جي چيو.

    ”ٽي چار سال ٿيا آهن، رقيه سندس ڪلاس فيلو هئي، مڱڻيءَ ۾ گهڻي مرضي رقيه ۽ لطيف جي فيمليءَ جي هئي“. اکين جا بند ڀڳل هئا، پاڻي وهي پيو، گهر تائين پهچڻ وقت اکيون سُڄي ويون هيون شڪر جو تڏهن ماما جن ڳوٺ ويل هئا ۽ گهر رڳو منهنجو تيرهن سالن جو ماروٽ مجيد رهيل هو.

    گهر سارنگ کي به وٺي آيس پر هن سان ڪجهه ڳالهائي نه ٿي سگهيس، مجيد کي ان سان ويهاري، ڪمري ۾ آيم ته ڏاڍيان رڙيون ڪرڻ پئي چاهيم، ايڏيون تيز جن جي لهرن سان ڏونگر به ڏري پون، پين کنيم، پنو کنيو ۽ ان ۾ لکيم؛

    ”مان ان ڏينهن تنهنجي لاءِ ئي رني هيم، تون مونکي مومل چوندو هئين ته مان به پهرين نظر سان ئي توکي پنهنجو راڻو سمجهيو هو، مان هميشه توکي ئي چاهيو آ.. تون هڪ پل به مون کان نه وسري سگهندي.

    ڪي ويجها به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا ئي سپرين،
    ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور“.

    مجيد آيو، منهنجا ڳوڙها ڏسي هيراسجي ويو.
    ”باجي هي ادا وڃي پيو، چيئين ته توهان کي ٻڌائي اچان“ هن رڪجي رڪجي ڳالهايو.

    مان ڪجهه نه چيو ٻاهر آيم ته سارنگ ڪار ۾ ويٺو هو، ”هي لطيف کي ڏجان“ مان پنو سارنگ ڏانهن وڌايو، ڳوڙها پاڻ اورتي ٽمڻ لڳا

    .........................

    اڄ اسان جي پهرين ملاقات کي ڏهه سال پورا ٿي چڪا آهن، تون ڏور آ مون کان، الاهي دور، الائي ڪاٿي آن، مان الائي ڪاٿي آهيان؟ ڪا سڌ ناهي رهي..!

    تنهنجي نيڻن جي گهرائي پئي ياد پوي، شاهه جي لفظن کان به گهرا هئا تنهنجا نيڻ، تنهنجي مرڪ! لکين جنتون کربين نظارن ۽ عيشن سان ڀريل هجن، پر تڏهن به تنهنجي مُرڪ آڏو ڪجهه نه هونديون، تنهنجي ڪشش ته خدا کي به ڇڪي وٺي.

    مونکي ائين لڳندو آ.. توسان خواب ۾ ملي هيم ۽ اهو خواب تعبير ماڻڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويو، ڀڄي پيو، ڀري پيو، جنهن جا نوڪدار ٽڪرا مونکي اڄ به چڀندا آهن، مونکي خبر ناهي تو وفائي ڪئي الائي بيوفائي..؟ ڪنهن جي واتان ٻڌو هيم ته رقيه کي ٻار آهن پر تون انهن جو پيءُ ناهين...!

    سنڌوءَ تي وئي هيم نيڻ به ٽمي پيا هئا سنڌوءَ وانگي، تون ڪاٿي به هئين پر زنده هئين! مون ڏي ڇو نه آئين..!؟ اڄ به راڻو ئي وڻندو آ...

    توکي ساري شاهه سائين جو هڪ شعر گهڻو لکندي وتندي آهيان....!

    ”ميي ۽ مينڌري، ڏٺي ٿئڙم ڏينهڙا
    هاڻي ڪريان ڪيئن، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.“

    ...................


    آهون ڀري سوچان پئي ڪجهه به ته نه رهيو آ . وقت مون کان دور سڀ ڪنهن کي پاڻ سان گڏ پوئتي ڇڪي ويو.

    رهجي ويم ته مان! ها مان اڪيلي.

    مان آهيان تنهائي آ ۽ ڏور ڪٿان ڪوئل جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو تنهنجي مڌر ڌن جي ياد ڏياري ٿو، هاڻي اڪثر مان ئي هوندي آهيان ۽ اڪيلائي سان ونڊڻ لاءِ مون وٽ يادن کانسواءِ بيو ڪجهه به ڪونهي!

    پر ها! منهنجي زندگيءَ ۾ به رونق هئي ڪنهن وقت بهار به آيو هو، پر تمام ٿوري وقت لاءِ.

    پوءِ هليو ويو، گم ٿي ويو پولارن ۾، ڪنهن ٻئي کي بهارڻ...؟

    ۽ منهنجي زندگيءَ ۾ خزان ئي رهي...!!
     
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,918
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    هي ته پورو ناول ٿو نظر اچي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو