محبت پائي من ۾

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محبت پائي من ۾

    گذارش

    مال ۽ دولت، صحت ۽ تندرستي، سٺا تعلاقات ۽ خوشيون اهي سڀ ڪامياب ۽ سچي زندگي جا ڪجهه اهم حصا آهن. انگريز ڏاهو ”ويلس دي ويٽلس“ ڪامياب، خوشحال ۽ سچي زندگي جي ماڻڻ واري راهه جو داعي، پوئلڳ ۽ استاد هو ... جنهن پنهنجي سوچ ۽ فڪر ذريعي انسان کي سچي محبت ماڻي ڪامياب زندگي گهارڻ جا نظريا ۽ ليک ڏيندو رهيو، جنهن ذريعي يورپ ۽ انگريزي دنيا جي ماڻهن لاڀ حاصل ڪري ڪئي معرڪه کٽي ورتا ...

    اسين پڻ سندس لکڻين مان لاڀ حاصل ڪري، پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي زندگي کي ڪارائتو ۽ ڪامياب ڪري سگهونٿا ... بشرطيق اندر جي اڱڻ تي ڪي سهڻا ٻوٽا ۽ گل اڀاري سگهون ته؛

    هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ کپي ته ”ڏاهي ويٽلس“ کي هن فاني دنيا مان گذر ڪئي لڳ ڀڳ هڪ صدي ٿي وئي آهي، پر اڄ به سندس لکڻيون مقبول ۽ ڪارائتيون آهن ...

    هن ليک لکڻ وقت مون اصل لفظن جي معني ڪرڻ بجاءِ ليک اندر موجود فڪر کي پنهنجا جملا، لفظ ۽ ڪٿي ڪٿي پنهنجا خيال ڏنا آهن ته جيئن ٻولي به آسان رهي ۽ فڪر به سولائيءِ سان سمجهه ۾ اچي ...

    اميد ته پڙهندڙ لطف اندوز ٿيندا ۽ جي ماسو جڙئي مال ته پوڄارا پر ٿئين واري روش پنهنجائيندا ...

    نثار ابڙو
    مڪو پاڪ
    مئي 2009
    -------------------------------------
    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻتوريو ئي اگهايو.

    حقيقت ۾ انسان کي ڪو فائدو ناهي جو هو سڄي دنيا ته حاصل ڪري وٺي پر پنهنجو روح ماري لتاڙي ڇڏي ... اهو کليل سچ آهي ته سٺي صحت، دولت ۽ مال، قابليت ۽ ڪاميابي ڪنهن قيمت جا ناهن جي ڪو ماڻهون پنهنجي گهريلو تعلقات ۾ انهن مان ڪا خوشي يا سڪون حاصل ڪرڻ ۾ سوڀارو نه ٿئي ...

    پنهنجن عزيزن سان خوشحال ۽ پيار واري زندگي گذارڻ لاءَ ڪهڙين شين جي ضرورت آهي ... انهيءَ ڄاڻ کان علاوه اسين هر هنڌ هارائي ويهنداسون پوءِ اهو پئسو هجي يا صحت قابليت هجي يا ڪاميابي ...
    ڪيئن حاصل ڪجي اهو امرت جنهنجي اهميت آهي پيار ڀري زندگي گهارڻ ۾ ....؟

    پاڻ کي اهو ته مڃڻو پوندو ته پيار جو وجود آهي ۽ هر وجود جيئان ان جي به شروعات آهي ۽ پاڻ ڄاڻونٿا ته جي انجي شروعات آهي ته پوءِ ضرور ڪو سبب به هوندو .. ڇاڪاڻ ته

    ”هر شروع ٿيندڙ شئي جو ڪو سبب يا ڪا پيڙهه هوندي آهي“

    عام ماڻهونءَ جو پيار ازلي نه هوندو آهي، انجا ڪي نه ڪي پرڪشش سبب هوندا آهن ۽ ڪنهن گهٽ يا وڌ عرصي لاءِ وجود ۾ ايندو آهي ... ممڪن آهي ته ڪو پيار ازلي ابدي موجود هجي، جنهنکي ڪنهن سبب جي ضرورت نه هجي جيئن ماءَ جو پيار پنهنجي اولاد لاءِ جو ماءُ جي فطرت ۾ ازل کان ڀريل هوندو آهي ... پر اهڙا پيار جي خاندان يا سماج کي پاڻ ۾ قائم رکڻ يا ڳنڍڻ جو ڪم ڪنٿا جهڙوڪ؛ زال ۽ مڙس، ڀيڻ ۽ ڀاءُ، پاڙيسري يا دوست لاءِ پيار، انهن سڀن کي شروعات هوندي آهي ۽ ڪنهن سبب يا ضرورت آهر پئدا ٿيندا آهن ...

    ”هڪ جهڙا مقصد هڪجهڙا اثر پئدا ڪندا آهن“

    جي اها ڳالهه مڃجي ته پوءِ هر حال ۾ پيار جي نوعيت ساڳي هوندي آهي ۽ مقصد پڻ هڪجهڙا ... جيڪڏهن اسين پيار ڪرڻ جي سبب جي ڄاڻ حاصل ڪري وٺون ۽ انکي استعمال ڪريون ته پوءِ يقينن اسين پنهنجي اندر محبت جي جذبي کي اڀاري سگهونٿا ... انڪري پاڻکي گهرجي ته ان مايا کي ڳولهي لهون ...

    شروعات ۾ اسانکي اهو سمجهڻو پوندو ته پيار واري عمل سان هميشه ان ڌر کي فائدو ٿيندو آهي، جنهن مٿان پيار جي ديوي مهربان ٿيندي آهي، ٻين لفظن ۾ معشوق فائدي ۾ هوندو آهي ۽ عاشق ويچارو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ .... ڪو ماڻهون تيستائين ڪنهن سان پيار نه ڪندو آهي جيستائين ان ۾ ڪا اهڙي شئي نه هجي جنهن سبب کيس پيار ڪجي. هميشه ايئن ئي ٿيندو آهي ته ٻي ڌر جي ڪا اهم ۽ قيمتي خوبي پيار ڪرڻ واري کي پاڻ ڏانهن متوجه ڪري محبوب جو رتبو حاصل ڪري وٺندي آهي ...

    پيار زبردستيءَ سان ڪري نٿو سگهجي ۽ اسين هر ڪنهن سان پيار ڪري به نٿا سگهون، سڀ ڏانهن رحمدلي، مهرباني يا خلوص واري روش ته ٿي سگهي ٿي ... پر پيار نه. ها اوهين صرف انکي ئي پيار ڪندا آهيو جنهن کي سمجهندا آهيو ته هو پيار ڪرڻ جي قابل آهي، اوهين انکي ئي پيار ڪندا آهيو جنهن طرف توهانجي پيار جا جذبا اڀرندا آهن ۽ انهن سان پيار ٿيڻ جو سوال ئي نٿو اڀري جنهن طرف توهان جا جذبا نه جاڳن ...

    محبت ڪنهن ٻَڌَڻَ يا ڪنهن ڏيکاءَ اندر پيدا ناهي ٿيندي . اوهان پيار ڪنهن حڪم سبب ڪري نٿا سگهو ... يا ٻيا اوهان سان محبت ڪرڻ شروع ڪن جو کين ايئن ڪرڻو ئي آهي ... هر ماڻهونءَ تي اها اخلاقي ذميواري ٿي سگهي ٿي ته هو ٻين سان احترام ۽ انصاف سان پيش اچي ... پر اها اخلاقي ذميواري ناهي ته هو ٻين سان پيار ڪري ... اهو ضرور ممڪن آهي ته سماجي ۽ اخلاقي ذميواريون نڀائيندي اوهان ڪنهن جو پيار حاصل ڪري وٺو ... پر ڪو به شخص ايتري حد تائين جو زالون يا مڙس پڻ ان ٻَڌَڻَ کان آزاد آهن ته هو هروڀرو هڪ ٻئي سان پيار ڪن ...

    اها اوهانجي ذميواري آهي ته ڪنهنجو پيار کٽو ۽ انکي قائم رکو ... زال مڙس سان پيار نٿي ڪري ته ان وٽ ڪو سبب آهي ايئن ڪرڻ جو ۽ اوهان وٽ اهو حق به ناهي ته شڪايت ڪريو ... ها زال وٽ ضرور شڪايت ڪرڻ جو ڪارڻ آهي ته سندس مڙس هن جو پيار حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامياب ٿيو آهي ...

    اها زال جنهنکي پنهنجو مڙس پيار نٿو ڪري، انکي به ڪو جواز ناهي ته هوءَ شڪايت ڪري، کيس گهرجي ته هوءَ مڙس جو پيار پائڻ لاءِ پاڻ ۾ اهڙي ڪشش يا خوبي پئدا ڪري جا کيس سوڀارو ڪري سگهي، ٻي صورت ۾ هوءَ پڻ ناڪامياب ٿي مڙس کي وڃائي ويهندي ... ڪو قانون يا ٻڌڻ ڪنهن به ماڻهونءَ کي مجبور نه ٿو ڪري ته هڪٻئي سان پيار ڪن ... سچ ته هي آهي ماڻهون اسان سان پيار نٿا ڪن، جو اهي مجبور آهن ايئن ڪرڻ تي، ٻيطرف اسين پيارا به هجون ۽ ماڻهون پيار به نه ڪن سو ته ناممڪن آهي، اهي ضرور پيار ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا ...

    جيڪڏهن آءُ ڪاروبار ۾ ڪامياب ناهيان ته پڪ سان پنهجي سگهه صحيح رخ ۾ لڳائي نه هوندي ڪاروباري اصولن کي پٺيءَ اڇلايو هوندو ۽ جي آءُ پيار نٿو ڪيو وڃان ته به پڪ سان پنهنجي خوبين کي پيار پائڻ لاءِ استعمال ئي نه ڪيو هوندو يا ظاهر نه ڪيو هوندو يا پيار ڪرڻ جي قدرن کي پٺيءَ اڇلايو هوندو ...

    جيڪڏهن اوهين پيار ڪيا وڃوٿا ته پڪ ڄاڻو ته اوهان ۾ ڪا اهڙي خوبي ضرور آهي جنهن سبب اوهان پيار پائي ورتو آهي ۽ اوهان ان خوبيءَ کي اڃان وڌائي، استعمال ۾ آڻي وڏي کان وڏا معرڪه کٽي سگهو ٿا فقط اوهان پاڻ ۾ موجود ان صلاحيت يا خوبيءَ کي سڃاڻي وٺو ... ٻيو ڪو به رستو ناهي ...

    اها ڪهڙي شئي آهي ۽ جيڪڏهن انکي ڪنهن هڪ لفظ ۾ بيان ڪجي ته اها آهي اوهانجي ” شخصيت“ اوهان جي شخصيت پر ڪشش آهي تڏهن ته ڪو اوهانکي پيار ڪري ٿو ۽ جي اها جاذبيت وڌائيندا ته پوءِ کوڙ ساترا ماڻهون اوهان سان پيار ڪندا ...

    اهو خيال هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو ته ڪو ٻين جو پيار ڪنهن طاقت ذريعي حاصل ڪري سگهجي ٿو، اها خام خيالي ذهن مان ڪڍڻي پوندي ته ڪو مڙس، زال، ڀاءَ، ڀيڻ، پاڙيسري يا دوست اوهانکي ايئن ڪرڻ سان پيار ڪرڻ شروع ڪندو يا جي اهي اوهان سان پيار نه ڪن ته مٿن ڪا معيار آهي ... اها غلط ۽ هاڃيڪار سوچ آهي ...

    ” پنهنجي اندر جي خوبين کي اهڙي نموني وڌايو جو اوهان ڪنهن جو پيار حاصل ڪري سگهو“، پنهنجي شخصيت جي قوت کي چمڪايو، جي اوهان ۾ ڪا شخصي خوبي ناهي ته پئدا ڪريو پر ڏيکاءُ واري خوبي نه، ايئن نه ٿئي جو اوهانجي اندر ته ڪجه هجي ۽ ٻاهر ڪجه ٻيو ” ٻاهر ٻولي هنج جي ۽ اندر ڪارو ڪانءُ “اوهانجي اهڙي ٻه رخي شخصيت هوندي ته يقين ڄاڻو ته هڪ نه هڪ ڏينهن اوهانجو راز پڌرو ٿي پوندو ۽ اوهان ڪوڙ جي بنياد تي حاصل ڪيل پيار وڃائي ويهندا ... اهڙا ئي ٿيو جهڙا آهيو ۽ جي ڪا ڪمي آهي ته پنهنجين خوبين کي وڌ کان وڌ چمڪايو ته جيئن سچو ۽ گهڻ وقتي پيار حاصل ڪري سگهو ...

    پاڻ کي سهڻو ڪريو پر سڀ ڪجه پاڻکي حسين ڪرڻ ۾ ئي ناهي، عورت جي طاقت سندس حسن ۾ ته ٿي سگهي ٿي پر مرد جي خوبصورتي سندس طاقتور ۽ فيصلاڪن شخصيت ۾ لڪل هوندي آهي ... پر جي اوهانجي سهڻي چهري جي هيٺان ڪجهه به ناهي ته اوهان پائدار پيار حاصل ڪري نه سگهندا ۽ اوهانجي حالت جي ترجماني ڪجه هن ريت ڪري سگهبي ...

    ”پاڻيءَ مٿي جهوپڙا ، مورک اڃ مرن .... جر ڪجر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن“

    ۽ جنهن ڏينهن اوهانجي محبوب کي خبر پئجي وئي ته اوهانجي شخصيت مٿاڇري ۽ صرف ڏيکاءُ آهي ته پوءِ اها محبت اوهانجي بدقسمتي يا نفرت ۾ تبديل ٿي ويندي ... ياد رکو ته ڪوڙ يا ڌوڪي سان اوهان پنهنجي اصل چهري کي ڪجه ڏينهن لڪائي سگهو ٿا پر سچي شخصيت سان اوهان هميشه لاءِ روشن، سهڻا ۽ طاقتور نظر ايندا ... ڇاڪاڻ سچ هميشه سوڀارو ٿيندو آهي ۽ سچي انسان جو ظاهر يا باطن ٻئي سهڻا هوندا آهن انڪري کيس ڪڏهن به ناڪميابيءَ جو منهن ڏسڻو نه پوندو آهي ... طاقتور ۽ پرڪشش شخصيت کي پنهنجي ظاهري خوبصورتيءَ جي ڪا خاص پرواه رکڻي به ناهي ڇاڪاڻ ته اندر جي خوبصورتيءَ وارو خودڪار نظام ظاهر کي به سهڻو ۽ پرڪشش ٺاهيندو آهي ...

    غلطيءَ سان به نه سوچجو ته اوهان ٻين جي غلامانه خدمت ڪري پيار ماڻي سگهو ٿا ... خدمت ڪرڻ جو جذبو ته پاڻ عظيم آهي پر غلامانه خدمت جو جذبو شرمدگيءَ کان سواءِ ڪجه به نه ... ڪنهنجي پويان مسلسل ڀڄڻ يا چاپلوسي ڪرڻ يا حد کان وڌ انتظار ڪرڻ سان اوهان ڪنهنجو پيار کٽي سگهندا ته اهو ممڪن نآهي ان رويي سان نفرتون ته وڌائي سگهجن ٿيون پر پيار کٽي نٿو سگهجي ... يا وري ڪنهن هڪ اڌ حالت ۾ صرف همدردي يا رحمي جذبو حاصل ڪري سگهبو پر پيار نه ...

    ” رشتن کي پيار ۽ عزت سان حاصل ڪريو“

    ڏکين رشتن کي سٺن رشتن ۾ بدلايو، سٺن کي عظيم ۽ عظيم رشتن کي عزت ۽ مانائتي حيثيت سان اڻٽٽ رشتن ۾ تبديل ڪيو“

    اهو صحيح آهي ته اوهان اخلاص ۽ رحمدليءَ سان ٻين جي خدمت ڪريو، پر اهو انتهائي غلط آهي ته اوهان پاڻکي ٻين جو غلام بڻائي ڇڏيو ... ” صرف خدمت سان پيار کٽي نٿا سگهو ... ڪجهه ٿي ڏيکارڻ سان ئي پيار کٽي سگهو ٿا“ اوهان ماڻهن اندر خدمتن ذريعي محبت وارو جذبو پئدا ڪري نٿا سگهو، جيڪڏهن اهي اوهان سان پيار ڪندا ته صرف اوهانجي شخصي خوبين جي ڪري ۽ جي صرف ۽ صرف خدمت ڪندا رهندا ته گهڻو ڪري نفرت يا وڌ ۾ وڌ همدردي حاصل ڪري سگهندا ... اهو اصول سماج، خاندان، پاڙيسري ۽ دوستيءَ وارن تعلقات سان به لاڳو ٿئي ٿو ... اهڙي اولاد جنهن تي پنهنجا والدين پنهنجون سموريون خدمتون نشاور ڪندا رهندا آهن پر پوءِ به اولاد جو پيار حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو ڪري ناڪمياب رهندا آهن ۽ ساڳي طرح زال ۽ مڙس پڻ هڪٻئي کان خدمتون ته حاصل ڪندا رهندا آهن، پر سچي پيار کان وانجهايل رهجي ويندا آهن ...

    جيڪڏهن چاهيو ٿا ته اوهين پيار ڪيا وڃو ته پوءِ اوهانکي پنهنجي زندگي پاڻ جيئڻي پوندي ۽ جيتري سگهاري ۽ مڪمل شخصيت سان زندگي گذاريندا اوترو ئي مڪمل پيار حاصل ڪري سگهندا ... ٻه طرفي شخصيت سان نه ته پيار حاصل ڪري سگهبو ۽ جي حاصل ڪري به وٺبو ته برقرار رکي نه سگهبو، جيترو پنهنجي شخصيت کي سچو، بي داغ ۽ سورهيه بڻائيندا اوتروئي محبت جي ويجهو ٿيندا ... اها غلطي ٿيندي جو پنهنجو پاڻ کي قربان ڪري ڇڏجي، پاڻکي قربان ڪرڻ پنهنجي شخصيت کي ماري لتاڙي دفانڻ جي برابر ٿيندو ۽ اوهين هر اها شئي وڃائي ويهندا جنهن سان ڪنهنجي اندر پاڻ ڏانهن پيار واري جذبي کي اڀاري سگهو ها ...

    ٻين لاءِ قربان ٿيڻ جي بجاءِ بي لوث ٿي پنهنجي سگهه آهر ڪجهه ڪري سگهو ته ضرور ڪريو. پنهنجو پاڻکي قربان ڪرڻ وارا ڪنهن درجي جي دلي همدردي ۽ رحمدلي ته حاصل ڪري سگهنٿا پر اهو پيار حاصل ڪري نه سگهندا جنهن جي کين ضرورت آهي ...

    اها سوچ پڻ غلط آهي ته ڪنهن ڏي وٺ سان پيار خريد ڪري سگهجي ٿو ، پيار ته اهڙو ئي حاصل ڪري سگهندا جهڙا اوهين آهيو...

    انڪري سماجي يا محلي داريءَ وارن مسئلن ۾، ڪجهه ٿي ڏيکاريو ... جي اوهانکي ڪنهن شئي ۾ اصلاح ڪرڻ جي ضرورت نظر اچي ٿي ته پاڻ ئي اصلاح ڪرڻ وارا ٿي وڃو پر پنهنجي شخصيت کي قربان ڪرڻ جي ضرورت ناهي، ايئن ڪرڻ سان ان مقصد جي پوري ڪرڻ بجاءِ پنهنجي زندگي يا پنهنجي زندگيءَ جي اهميت وڃائي وجهندا ...

    اهڙي چاهت جا مسلسل قربانيءَ جي گهرجائو هجي سا اوهان لاءِ ڏک، پريشاني ۽ مرض کان علاوه ڪجه به نه هوندي ... اهڙي تبديليءَ جي چاهت جا اوهان ۽ سماج جي ڀلي ۾ هجي سا ئي ڪارآمد ٿي سگهي ٿي نه فقط اوهان يا اوهانجي سماج لاءِ پر ممڪن حد تائين دنيا لاءِ مانائتي ٿيندي ... جيڪڏهن اوهان مضبوط ۽ پيار ڀرئي شخصيت وارا انسان آهيو ته پڪ سان اوهانکي پاڙي وارا به پيار ڪندا ۽ شهر وارا به، پر جيڪڏهن اوهان انهن خاطر پاڻکي ڪنهن آڙاه ۾ اڇلائي پنهنجي زندگي وڃائي ويهندا ته صرف همدردي ئي پلئه پوندي ۽ تبديليءَ وارو مقصد به اڻپورو رهجي ويندو ... جو مقصد اوهانجي شخصيت جي هجڻ سان ئي پورو ٿي سگهيو ٿي ...

    ان جو مقصد اهو به ناهي ته اوهان خودغرض ٿي وڃو، اوهانکي خودغرضيءَ کان پاسو ڪرڻو آهي پر خودڪشي، خودغرضيءَ کان به وڌ خطرناڪ آهي ... اهڙا ماڻهون پنهنجي خودڪشيءَ کي پنهنجي وڏي قرباني تصور ڪندي مغرور ٿيندا آهن ... ياد رکو! پيار صرف اوهان پنهنجي مضبوط شخصيت سان کٽي سگهو ٿا ۽ خودڪشي يعني اوهانجو ۽ اوهانجي شخصيت جو موت...

    ”بيشڪ شخصيت ڪنهن عمل سان ئي ٺهندي آهي پر اهو عمل جو ڪارائتو ۽ فائديمند هجي نه ڪي خودڪشي“

    پيار حاصل ڪرڻ جو سبق سکڻو هجي ته، ڪنهن اهڙي پيار ڪندڙ جوڙي کان سکجي، جنهن ۾ نوجوان پاڻ کي ٺاهيندو آهي، پنهنجي پوشاڪ حد الامڪان سهڻي ۽ صاف رکندو آهي ۽ ڪوشش ڪندو آهي ته سندس شخصيت پرڪشش ۽ مضبو ط نظر اچي ... جيڪڏهن منجهس ڪا خرابي ۽ ڪمزوري آهي ته هو ان کان آجي ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي ۽ هر ممڪن طرح سان پنهنجو اندر ٻاهر صاف رکندو آهي ته جيئن سندس محبوب خوش ٿئي ... کيس خبر آهي ته جي هو پاڻکي جيترو پرڪشش ۽ وڻندڙ ٺاهيندو اوتروئي سندس محبوبه کيس ڀائيندي ۽ خوش ڪندي ... انڪري هو پنهنجي شخصيت ۾ مردانگي ۽ مان، عزت ۽ احترام پئدا ڪندو آهي ... بدلي ۾ سندس محبوبه پڻ پاڻ کي سهڻو ٺاهيندي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي. کيس سٺا سٺا کاڌا پچائي کارائيندي، هر خواهش ۽ ضرورت جو ازخود خيال رکندي ۽ هوءَ به پنهنجي شخصيت کي وڌائي پاڻکي برابر رکڻ جي ڪوشش ڪندي ته جيئن پنهنجي ساٿيءَ جو پيار حاصل ڪندي رهي ۽ انکي هميشه لاءِ قائم به رکي سگهي ... ۽ اهو قانون ٻنهي طرف عمل ڪندو رهندو ... ٻئي هڪٻئي کي خوش ۽ سهڻو رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهندا، نيون نيون ايجادون ڪندا رهندا، نوان طريقا ڳولهي لهندا ۽ هڪ ٻئي جو من موهيندا رهندا ...

    ”اهڙا جوڙا ئي پرڪشش ۽ ترقي يافته زندگي گذاري، پيار کي وڌائي سنواري، خوش ۽ ڪامياب رهندا آهن ۽ سماج ۾ پڻ ڀلائي جو سبب ٿيندا آهن“

    جيڪڏهن اوهانکي به ڪنهن خاص ماڻهونءَ سان پيار ٿي ويو آهي ته پنهنجي پيار کي ان طرف ڦيرايو ... پنهنجن حواسن کان ڪم وٺندي انجي پيار کي حاصل ڪريو ... ڪوشش ڪريو پنهنجي شخصيت کي ٺيڪ ڪرڻ جي نه اڳلي جي شخصيت تي هرو ڀرو اثرانداز ٿيڻ جي ... پنهنجي شخصيت کي تيار ڪيو ۽ اهڙو ته سنواريو جو هو اوهان ڏانهن متوجه ٿي اوهان سان پيار ڪرڻ کان، پاڻکي روڪي نه سگهي ...

    جي اوهان شادي شده آهيو ۽ اهو محسوس ڪيو ٿا ته اوهانجي گهر مان پيار جي ديوي موڪلائيندي ٿي وڃي ته يقين ڪريو ته اوهان ٻنهي مان ڪو هڪ مٿي ڄاڻايل قانون جي خلاف پيو هلي ... زال ۽ مڙس جي اندر پيار قائم رکڻ پڻ هڪ مسلسل عمل آهي، ان ڪشش واري قانون جي پوئواريءَ سان ئي اوهان پنهنجو پيار هميشه دائم ۽ قائم رکي سگهو ٿا ... اهو ٻنهي ڌرين جي عمل سان ئي ممڪن آهي ... تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي ...

    ڪو به جوڙو پيار جي خيرات حاصل ڪري نٿو سگهي يا پيار وري ڪو خيرات ئي آهي، مڙس يا ڪا زال پيار ڪرڻ تي مجبور ٿي نٿي سگهجي اهو هڪ اهڙو مسلسل عمل آهي جنهن سان پيار کٽي سگهبو آهي ۽ ايئن نه ڪرڻ سان پيار هارائي ويهندا ممڪن آهي ته رشتو پڻ ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي پوي ...

    ” پيار ڪيا ويندا جهڙا اوهين هوندا، نه انڪري ته اوهان ڪنهنجي ڪيتري خدمت ڪئي آهي“

    هرممڪن خدمت ڪريو پر سٺي طريقي سان، نه ڪي غلامانه يا مطلبي نموني سان،

    مثال؛ ڪو شخص چور، زاني، ٺڳ يا گنڊو هجي ۽ پنهنجي در تي مَٽُ پاڻيءَ جو رکي ماڻهن کي پاڻي پيئارڻ واري خدمت سرانجام ڏي، خدمت ته سٺي آهي پر ڇا ماڻهون کيس ايئن ڪرڻ سان پيار ڪرڻ لڳندا ؟
    سڀ جي نوڪري ڪريو پر ڪنهنجا غلام نه ٿيو، ۽ جي ڪا عورت آهي ته سندس منزل صرف ۽ صرف رڌوڻو يا گهر جي صفائي ناهي، جنهن ۾ هوءَ پنهنجي شخصيت کي ٻوڙي غرق ڪري ڇڏي ته کيس پيار ملندو! اها هڪ ناڪاره قرباني آهي! ۽ ڪو مهذب خاندان اهو به نه چاهيندو ته سندس عورت جاهل جي جاهل صرف رڌوڻي يا گهر جي ڪم ڪار ۾ لڳي پئي هجي برعڪس انجي اهو خاندان ضرور چاهيندو ته سندس عورت به سماجي ڪمن ۾ کين همٿائي ۽ پنهنجي شخصيت کي اڀاري سهڻو ٺاهي ...

    ياد رکو! اوهين پيءُ آهيو يا ماءُ، مڙس آهيو يا زال، اوهانجو خاندان اوهان سان انڪري محبت نه ڪندو ته اوهين هنن لاءِ ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏيو ٿا بلڪه هو اوهانجي شخصيت جي ڪري اوهان سان پيار ڪندا ... مثال؛ گهر جو ڪو ڀاتي ڪوڙو، چور، گاريل ۽ بداخلاق آهي پر هو هر روز گهر جي صفائي ڪري ٿو يا کاڌو پچائي ٿو يا ڪا ٻي اهڙي نوڪري ڪريٿو ته ڇا هو پيار ڪرڻ جي قابل هوندو؟

    چاهيو ٿا ته اوهين پيار ڪيا وڃو ته پنهنجي پيار کي ان شخص طرف موڙيو ... ” پيار ئي پيار کي حاصل ڪندو آهي سائنسي اصول جيئان ”هر عمل جو ردعمل هوندو آهي“ متوجه ٿيو ان شخص ڏانهن ۽ کٽو پيار کي بغير ڪنهن زور زبردستي يا خريد و فروخت جي. ” پنهنجي اندر جي انسان کي سهڻي ڪرڻ سان ئي ڪنهنجو پيا ر کٽي سگهو ٿا “ سڀ ماڻهون ڪنهن هڪ خوبيءَ طرف نه ڇڪبا آهن، پر جيڪڏهن سچائيءَ سان پيار ڪندا ته يقينن پنهنجو پاڻ ۾ اهڙي قسم جو بدلاءُ پئدا ڪندا جو ان ماڻهونءَ کي پسند هوندو ۽ جنهن سان اوهين انجو پيار کٽي سگهندا ...

    پيار جي شادي ڪرڻ وارا جوڙا جي هڪٻئي سان پيار واري جذبي کي قائم رکڻ چاهنٿا سي ياد رکن ته هڪجهڙا سبب هميشه هڪجهڙا اثر پئدا ڪنٿا ۽ شادي کان اڳ وارا عمل جي اوهانکي هڪٻئي طرف ڇڪيندا هئي سي اڄ به اوترائي ڪارآمد آهن جيترا اڳ هئا ... اهڙن جوڙن کي ور ور ڪري هڪٻئي سان عشق ڪرڻو پوندو ته جيئن سندن محبت دائم رهي ... ۽ سچي عشق کي سمجهڻو پوندو جنهن سان زندگي ۾ سڪون ۽ خوشحالي پئدا ٿيندي هجي ۽ پنهنجي پيار کي قائم رکڻ لاءِ مسلسل سٺائيءَ واري عمل مان گذرڻو پوندو آهي ... جهڙيطرح سٺائيءَ جي ڪا حد ناهي اهڙي نموني اوهانجي پيار جي به ڪا حد ناهي ... اوهين پنهنجي پيار کي نئين تخليقي ڀلائن ۽ سٺائن سان مرڻ گهڙي تائين قائم رکي سگهندا ... پاڻکي ٺاهيو ۽ اوهان پيار پائيندا ۽ اهڙا مثال قائم ڪندا جي سماج لاءِ رهنمائيءَ جو سبب پڻ ٿيندا ...

    ڏکين رشتن کي سٺن رشتن ۾ بدلايو، سٺن کي عظيم ۽ عظيم رشتن کي عزت ۽ مانائتي حيثيت سان اڻٽٽ رشتن ۾ تبديل ڪيو“
    -----------
     
  2. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا نثار زبردست....
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نثارن جي لانڍ

    ڀائڙا نثار منگي
    جڙيل هجين شال
    ادا سائين دوستن جو خيال آهي ته نثارن جي لانڍ لڳي پئي آهي، چون ته دوست به صحيح ٿا ، جو نثار منگي، نثار ناز، نثار ابڙو هرطرف نظر پيا اچن، جڏهن ته ٻيا دوست به پنهنجي پنهنجي وت آهر وس پيا ڪن ۽ واه واه، ”مٽن جي ڀڄڻ“asul matt ۽ ”هل چري“ hall chariجي ڪا ڪمي ناهي،
    دوستن جون مهربانيون جو هر سٺي ڳالهه کي پسند ڪنٿا ۽ جي ڪا ڳالهه کين نٿي وڻي ته انجو اظهار به ڪنٿا ... جا انتهائي اهم ۽ وڻندڙ ڳالهه آهي ...

    ڀائڙا منگي اوهانجي به مهرباني ۽ خاص طور تي اوهانجي نالي سان لڳل جهنڊي کي سلام ...
    سدائين گڏ
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين نثار صاحب توهان ڀل ڪيترا به نثآر هجوفورم تي پر اهيو توهان سڀ ............................................. اکين تي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا فقير سائين
    حق موجود
    معاف ڪجانءِ دل ۾ نه ڪجانءِ نثار واري ڳالهه ته مڙئي مون به ايئن ئي وقت پاس ڪيو آهي ... پر يار اوهانکي هي پيار پائڻ وارو مضمون ڪيئن لڳو، ضرور لکجو!
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهترين شيئرنگ آهي
    shabash
    shabash
    lajwab-sharing
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,646
    ورتل پسنديدگيون:
    5,653
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پر سوال اهو آهي ته هتي پيار ڪرڻ کي ڇو ٿو روڪيو وڃي؟
    هتي عاشق کي ڇو نه ٿو سَٺو وڃي؟
    ۽ اهو به ٻڌايو ته پيار يڪ طرفو به ٿي سگهي ٿو؟
    ڇا اها به حقيقت آهي ته جڏهن توهان پنهنجي ڪنهن معشوق سان پيار جو اظهار ڪندا آهيو ته هو ڄاڻهي ٻجهي توهان کي نظر انداز ڪندو آهي؟
    آخر ڇو عاشق اهو سهي نه سگهندو آهي ته ان جو معشوق ڪنهن ٻئي سان گڏ ويهي ان سان کِلي ڳالهائي..
    ڇا واقعي عاشق معشوق کي ان ڳالهه جو پابند بنائڻ چاهيندو آهي ته ان جو اٿڻ ويهڻ به سندس سان ٿئي ته گهمڻ ڳالهائڻ به سندس سان ...؟
    ڇا پيار خود بخود ٿي ويندو آهي يا ان جي لاءِ ڪا حڪمتِ عملي رکبي آهي؟
    ڇا پيار پئسن سان خريد ڪري سگهجي ٿو؟
    ڇا پيار جي منزل شادي آهي؟
    ڇا پيار شادي کان پوءِ به برقرار رهندو آهي.؟
    ۽ هڪ اهم سوال ته پيار صرف هڪ دفعو ٿيندو آهي يا بار بار ٿي سگهي ٿو؟


    مٺا نثار ابڙو صاحب
    توهان جيڪو لکيو سو سچ لکيو. برابر پيار ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي. مون کي يقين آهي ته اسان جا اهي جوان جن جي دلين ۾ مٿيان سوال جنم وٺندا آهن. جن جو جواب هو پاڻ کان ته وٺي نه سگهندا آهن ۽ دنيا انهن کي ٻڌائي نه سگهندي آهي جيڪي جذبات جي وهڪري ۾ اچي ڪڏهن معاشري کي ته ڪڏهن ماڻهن کي ڏوهي سمجهي بغاوت ڪندا آهن ايتري تائين جو مايوس ٿي اهو سوچيندا آهن ته شايد قصور ئي سندن جو آهي. هو پيار جي لائق ئي نه آهن. انهن جي شخصيت ئي پر اثر نه آهي. هو ڪجهه نه ٿا ڪري سگهن......... ۽ آخر مايوسي جي انتها تي پهچي ويندا آهن ۽ اهو ڪري وٺندا آهن... جنهن کان پوءِ سندن لاءِ ڪجهه نه رهندو آهي....
    انهن دوستن لاءِ توهان جا هي لفظ تمام گهڻا قيمتي آهن....

     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    منهنجا مٺا پاڻ انهن ڳالهين کان تمام گهڻو پري آهيون، جٿي ڪجهه سمجهه نه اچي ته اُتي هٿ ٻڌي جند ڇڏايون،
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ٿورا نه ٿورا

    ادا رشيد
    حق موجود
    پيارا سائين پنهنجو مقصد به اهو آهي ته سنڌي نوجوان کي ڪا سٺي راه ملي ۽ هو انساني ۽ سماجي رشتن کي سڃاڻي، ڪامياب زندگي گذاري جو نه فقط سندس حق آهي پر حڪم الاهي پڻ ...
    لک لائق جو تفصيلي تبصرو ڪري، هن ليک کي مان ڏنو اٿو
    ٿورا نه ٿورا مونتي ماروئڙن جا
    سدائين خوش هجو
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا نثار مان ان تي ڇا تعليقو لڳايان بس ايترو چوندس ته مٺي منهن مان مٺي ۽ سهڻي ڳاله نڪرندي آ اوهان جي لاجواب شيئرنگ جي مهرباني
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,876
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا علي علي
    حق موجود
    مٺا اوهانجي مهرباني جو اهڙن سٺن لفظن ۾ ياد ڪيو اٿوَ، اوهانجون ڪاوشون پڻ تعريف جوڳيون آهن جو سنڌي زبان کي هن مشيني ڊوڙ ۾ پاڻ اڳڀري ڪرڻ لاءِ ويٺا پاڻ پتوڙيو ...

    الله اوهانکي پنهنجي امان ۾ رکي
    سدائين گڏ
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا علي علي بلڪل سچ ٿا چئو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو