ڪامپيوٽر جي هاڃيڪار رٿا

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2015۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    1984ع جي هڪ صبح، ڪئنيڊا ملڪ جي ٽورانٽو شهر ۾ ڄاڻ جي عملڪاري بابت عالمي وفاقي تنظيم (International Federation for Information Processing, IFIP-Sec`84) پاران رٿيل ستين عالمي گڏجاڻيءَ جي موقعي ته جڏهن آمريڪي ڪامپيوٽرائي سائنسدان ڊاڪٽر فريڊرڪ .بي. ڪوهيِن (DR. FREDERICK.B.COHEN, Born 1957) پنهنجي هڪ تحقيق (Research) نالي ”ڪامپيوٽرائي وچڙندڙ هاڃيڪاري رِٿائون، نظريو ۽ تجربا“ (Computer Viruses, Theory and Experiments) پڙهي ٻڌائي ته سندس ان تحقيق تي ان وقت ڪاميٽي ۾ موجود مختلف ملڪن مان ڪهي آيل سوين ڪامپيوٽر جي ماهرن (جن ۾ گهڻا تڻا ته مختلف ملڪن جا ڪامپيوٽرائي حفاظتي ادارن جا ڊائريڪٽر هئا) جا ڇرڪ ڇڏائجي وڃڻ بدران سندس ان ڪاوش تي نه رڳو ٺٺولون (Mockings) ۽ تنقيدون (Criticize) ڪيون ويون پر ان کان انڪاري ٿيندي هڪ معتبر ڪامپيوٽر اداري جي ڊائريڪٽر ايتري قدر به چيو ته ” مونکي عجب لڳي ويو آهي ته هڪ معتبر آمريڪي يونيورسٽي پنهنجي ڪامپيوٽرائي تجربي گاھ (Laboratory)هڪ نوجوان کي فقط ان ڪري ڏئي ڇڏي آهي جو هو اُتي ويهي ڪامپيوٽر تي رانديون (Games) کيڏي؟ ڇاڪاڻ جو کيس وٽ سندس ان تحقيق جو ظاهري ثبوت (Practical Evidence) ته موجود ئي ناهي“. جڏهن ته هڪ سال پهريان هي ڊاڪٽر فريڊرڪ ڪوهِين 10 نومبر1983ع تي هڪ هفتيوار سيمينار منجھ جيڪو”ڪامپيوٽرائي حفاظت“ (Computer Security) بابت ئي هئو منجھ ظاهري طور سڀني آڏو سندس پاران ليھاءِ يونيورسٽي (Leigh University) ۾ هفتو اڳ ويڪس ڪامپيوٽر (VAX 11/750) تي هلندڙ يونيڪس عملي نظام (UNIX Operating System) منجھ اٺن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ تيار ڪيل وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا (Virus Program) جا پنج ڪامياب تجربا ڪري ڏيکاريا هئا، تنهن جي باوجود به سندس ان نئين دريافت تي اُن مهل ٻين ملڪن جا ماهر ته ٺهيو پر سندس ئي ملڪ جي ماهرن به ڪو خاص ڌيان نه ڌريو، پر وقت اهو ثابت ڪيو ته ڊاڪٽر فريڊرڪ جي تحقيق غلط نه هئي جو اڃ هاڃيڪاري رٿائون جو وجود نه رڳو ديو هيڪل گهڻ ملڪي ڪمپنين (Multi-National Companies) لاءِ پر ترقي يافته (Developed) ۽ ترقي پذير (Developing) ملڪن لاءِ به هڪ خوفائتي خواب جيان آهي.


    اصل ۾ ڪامپيوٽر جي وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا (Computer Virus) جو وجود (Existance) ته ڊاڪٽر فريڊرڪ جي ان تحقيق کان پهريان هي ڪامپيوٽر جي دنيا ۾ موجود هئو پر ڪامپيوٽر جي ماهرن لاءِ کيس وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا (Virus) جي نئين نالي ساڻ اُچارڻ هڪ نئين ۽ انوکي ڳالھ هئي جو ان وقت جي ڪامپيوٽرائي ماهرن لاءِ هي نئون نالو هضم ڪرڻ جوڳو نه هُئو ڇو جو ان کان اڳ اهي ماهر اِن رٿا کي پاڻمرادو ورجائيندڙ رٿا (Self-Replicating Program) نالي ساڻ سڏي رهيا هئا ۽ ڪو خاص لفظ ان لاءِ سندن وٽ ڪونه هُيو پر ڊاڪٽر فريڊرڪ پهريون ڀيرو ڪامپيوٽر جي دنيا ۾ ان نالي (وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا يعني (Virus جو اضافو ڪيو ۽ انَ لفظجي وصف ڪجھ هن ريت ڪيائين.


    A program that can “infect” other programs by modifying them to include a possible evolved copy of itself

    کيس اهو اکر( وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا، (Virus سندس اُستاد ليونارڊ ايڊلمين (LEONARD ADLEMAN, Born 31 Dec, 1945) پاران سندس ان تحقيق دوران ڏنو ويو هو جو ليونارڊ ايڊلمين ميڊيڪل سائنس جي شعبي ساڻ سلهاڙيل هئو تنهن ڪري سندس ان وصف کي ٻُڌندي ۽ خاص ڪري لفظ “بگاڙڻ/کارڻ” (Infect) جي ڪري ڊاڪٽر فريڊرڪ کي صلاح ڏني ته اهڙي رٿا جو نالو وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا (Virus) ئي هئڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو جهڙي طرح وچڙندڙ بيماري جو جيوڙو (Virus) هڪ انسان کان ٻي انسان کي لڳي ان ۾ بگاڙ(بيماري) پيدا ڪندو آهي تئين هي وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا به هڪ ڪامپيوٽر کان ٻئي ڪامپيوٽر ۾ منتقل ٿي ان کي بگاڙي/کاري ڇڏي ٿي. سندس اها صلاح ڊاڪٽر فريڊرڪ کي ايتري قدر لاڀائتي لڳي جو ان لفظ کي نه رڳو پنهنجي تحقيق ۾ شامل ڪيائين پر ان کي تحقيق جي مُک عنوان (Title) ۾ به جاءِ ڏنائين. اهڙي طرح ڪامپيوٽر جي دنيا ۾ هي اکر 1983ع ڌاري ظاهر ٿيو.


    لفظ ”هاڃيڪار رٿا “ جو بُڻ (ORIGIN OF WORD “MALICIOUS SOFTWARE”)

    لفظ “مئليشيز” (Malicious) صفت طور ڪتب اچي ٿو جنهن جو مطلب بد، برو، غلط، هاڃيڪار يا بيڪار آهي ۽ هن اکر کي ڇوٽڙو ڪري مال(MAL) نالي ساڻ به پڙهيو ويندو آهي. هي اکر 19 صديءَ ۾ اوائلي انگريزيءَ (Old English) منجھ فرانسيسي (French) ٻولي مان آيو آهي جڏهن ته فرانسيسي ٻولي ۾ هي اکر 13 صديءَ ۾ لاطيني ٻوليءَ جي ”مئليشيس“ (Malitious) جيڪو پڻ ”مئليشيا“ (Malitia) ۽ مئلس (Malus) مان ورتو ويو آهي. هن اکر ان سڄي عرصي ۾ پنهنجي شڪل ضرور مٽائي آهي پر معنيٰ ساڳي اٿس. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته هي اکر اڳياڙي(Prefix) طور به ڪتب ايندو رهيو آهي ۽ اهڙي قسم جا تقريبا سڀئي اکر 19 صديءَ ۾ ئي انگريزي ٻوليءَ منجھ ترتيب ڏنا ويا هئا جيئن لفظ ”مال فنڪشن“ (Malfunction) ، ”مال پريڪٽس“ (Malpractice)، ۽ ”مال نيوٽريشن“ (Malnutrition) وغيره. جڏهن ته لفظ وئير (WARE) جي لفظي معنيٰ آهي ڪا به رکيل شي، سامان يا مواد وغيره. خاص ڪري اهڙي شي جيڪا وڪري لاءِ محفوظ ڪيل هجي. هي اکر 12 صدي جي اوائلي انگريزيءَ (Old English) جي ”وَارُو“ (WARU) اکر جي بگڙيل صورت آهي جيڪو جرمني (Germany) ٻوليءَ جي ” وَارو“ (WARO) اکر مان ٺهيو آهي، هي پڻ اسڪاٽي (Scottish) ٻوليءَ جي ”وئير“ (WARE)اکر مان کنيل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”حفاظت هيٺ رکيل شي“ (Object of Care) وغيره. اهڙي طرح جيڪڏهن ٻنهي لفظن (MAL + WARE) جو ميلاپ ڪبو ته تت اهو نڪرندو ته ”ڪنهن جاءِ تي موجود ڪا هاڃيڪار، بدڪار،بيڪار شي يا مواد“. هي اکر 1997ع ۾ ڪامپيوٽر جي دنيا ۾ آيو آهي ۽ اهڙي رٿائي جوڙ(Software) لاءِ ڪتب آندو ويندو آهي جيڪي هاڃيڪاري، نقصانڪاري يا بدڪاري ڪمن ۾ ڪتب اينديون آهن.

    ڏٺو وڃي ته اڄ ڪالھ ڪامپيوٽر جي دنيا ۾ وري هر هاڃيڪاري رٿا(Malicious Software, MALWARE) کي وچڙندڙ هاڃيڪاري رٿا(Virus Program) طور سڏيو ۽ سمجهيو وڃي ٿو جيتوڻيڪ اهو تاثر غلط آهي پر اها حقيقت آهي ته اڄ به ڪنهن جي ڪامپيوٽر ۾ ڪا هاڃيڪاري رٿا منتقل ٿي ويندي يا وري جيڪڏهن ڪنهن جي ڪامپيوٽر مان ڪو ذاتي مقصد وارو دستاويز (Personal Document)توڙي ڳُجهي لکيل مواد(Confidential Matter) کي عالمي ڳنڊيل نظام (Internet) وسيلي چوري ڪيو وڃي/ختم ڪيو وڃي تڏهن به ان جو سبب هر حال ۾ هاڃيڪاري رٿائون کي سمجهيو ويندو آهي جيڪو سراسر غلط فهميءَ کان سواءِ ٻيو ڪجھ ناهي ڇاڪاڻ ته وچڙندڙ هاڃيڪار رٿائن جو دور هاڻ ختم ٿي ويو آهي ۽ انهن جي حملي ڪرڻ جو طريقي ڪار به مٽجي ويو آهي جنهن جي آڌار تي هاڻ وارين هاڃيڪاري رٿائون تي اهو پراڻو نالو(وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا) ٺهڪي به ڪونه ٿو. هاڻ اهي ڪيترن ئي ٻين قسمن ۾ ورهائجي ويون آهن ۽ اهي هڪ ڪامپيوٽر کان ٻئي ۾ وچڙڻ کانسواءِ ڪنهن هڪ خاص ڪامپيوٽر يا عالمي ڳنڊيل نظام (Internet) وسيلي ڪنهن ٻئي ملڪ يا شهر ۾ رکيل ڪامپيوٽر ۾ موجود اهم ڄاڻ کي حاصل ڪرڻ، ان کي سدائين لاءِ بيڪار ڪرڻ، يا ان ڪامپيوٽر کي ڪنهن خاص ڏينهن، مهل، يا تاريخ تي مڪمل ناڪاره بڻائي سگهن ٿيون. ان ڪري انهن کي سندن حملي ڪرڻ جي آڌار تي مختلف نالن ۽ قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. جيئن پاڻ ورجائيندڙ هاڃيڪار رٿا (WORM)، دولابي/فريبي هاڃيڪار رٿا (TROJAN HORSE)، مُخبر/جاسوس هاڃيڪار رٿا (SPYWARE)، اشتهاري هاڃيڪار رٿا (ADWARE)، تابعدار/موڳاٽيل هاڃيڪار سٿ/رٿا (ROBOT NETWORK, BOTNET)، پوشيدو ڪندڙ/گهياريندڙ هاڃيڪار رٿا (ROOTKIT)، ۽ ڀُنگوڙي/تاوَڻِين هاڃيڪار رٿا (RANSOM WARE) وغيره. ان ڪري هاڻ لفظ وچڙندڙ هاڃيڪار رٿا (Virus) کي پڻ ان (هاڃيڪاري) سلسلي جي هڪ ڪڙي/شاخ (Branch) طور ليکيو وڃي ٿو ۽ انهن سڀني قسمن جي لاءِ لفظ “هاڃيڪار رٿا” (Malicious Software, MALWARE) کي مادر/سرپرست اصطلاح (Umbrella Term) طور ڪتب آندو ويندو آهي.

    روزاني عوامي آواز ڇنڇر 19 ڊسمبر 2015
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪامپيوٽر ماهرين لاء ڪار آمد ليک ونڊڻ لاء لک قرب
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو ۽ معلوماتي ليک وندڻ لاء مهربانيون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    زبردست ڄاڻ..
    مونکي حيرت پئي ٿئي ته اها ڄاڻ عوامي آواز مان کنيل آهي.. خدا ڪري هاڻ اهڙيون اخبارون ئي پروموٽ ڪَن..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    پيارا عبيد هي آرٽيڪل ڪجھ ڏينهن پهريان ئي لکيو هئم ۽ ڪوشش ڪندي رهندو آهيان ته پنهنجن دوستن تائين ڪامپيوٽر جي اصل ۽ نج معلومات پهچائيندو رهان ڇاڪاڻ ته هي وقت آهي ته اسان سنڌي ٻولي ۾ ڪامپيوٽر جو ادب به شامل ڪيون.
    سڀني دوستن پيارن جي مهرباني جن جن کي هي محنت پسند آئي آهي.

    لک لائق
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 ڊسمبر 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو