آدرش هتان هُتان جون ڳالهيون

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    هتان هُتان جون ڳالهيون


    آدرش

    ٽي صوفي بزرگ هيا. وقت جا حاڪم پنهنجي مڳ وارا هوندا آهن. حاڪم جا ڪن مولوين ۽ پنڊتن اچي ڀريا ته هي صوفي ملحد آهن ۽ ملڪ جو خانو خراب ڪري ڇڏيندا سو کين ڪا سزا ڏيو. حاڪم نادري حڪم ڏئي کين موت جي سزا ٻڌائي.
    ڦاهيءَ مهل ٽنهي کي قطار ۾ ويهاريو ويو. جلاد کي واري واري سان نالو کڻي ڦاسي ڏيڻي هئي. جلاد پهرئين صوفيءَ جو نالو کڻي سڏيو: ” نورل.“ نورل بدران جيڪو ٽئين نمبر تي صوفي ويٺو هو. اُٿي ڪري جلاد اڳيان آيو. چوڻ لڳس :” پهريون مونکي ڦاهيءَ تي چاڙھ.“
    جلال چيس” نورل تنهنجو ته نالو ناهي. توکي ڇو ايڏي مرڻ جي تڪڙ آهي؟“ صوفي وراڻيس : ” مون کي نورل پيارو آهي سو مان چاهيان ٿو ته مان اڳ ۾ مران جيئن منهنجو دل گهريو دوست مون کان وڌيڪ زندگيءَ جا ٻه ٽي پل جي وٺي.“

    ***

    هڪ همراھ سينٽ آگسٽن کان پڇيو: ”سائين! اسان کي اهڙو ڇا ڪرڻ گهرجي جو اسان کان گناھ نه ٿين؟“ هُنَ وراڻيس:” من! اهو نه پُڇ. مان رڳو هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن توکي پيار جي پروڙ آهي، ته پوءِ جيڪي ڪجهه ڪندين اُهو گناھ نه هوندو.“

    ***

    هڪ سامونڊي جهاز ۾ هڪ سوامي راما چڙهي جپان پئي ويو. جهاز ۾ هڪ نوي ورهين جو آڍڙو ٻڍڙو جرمن به سوار هو. اُهو هڪ چيني هم سفر کان چيني ٻولي سکي رهيو هو. چيني دنيا جي ڏکئي ۾ ڏکي ٻولي آهي. سو سواميءَ کي ان ڳالهه تي عجب لڳو ته شايد ان نوي سالن جي کوڳ جو مٿو خراب آهي ڇا؟ مرڻ ڪنڌيءَ تي آهي ۽ ڏکي ٻولي ٿو سکي.
    هن ڏٺو صبح مڙدان سان ئي جرمن ڪاڪو ڪتاب کولي پيو ويهي ته نماشام تائين ويٺو پڙهي. جڏهن ڊيڪ تي اونداهه ٿيڻ لڳي ته پوءِ ڪمري ڏانهن هليو پيو وڃي.
    سوامي ٽن ڏينهن تائين هن جي ان ساڳي ڪرت کي ڏسندو رهيو. چوٿين ڏينهن هن ڏانهن وڃي کيس چوڻ لڳو : ” چاچا! ڳالهه ته ٻڌ! مون ٻڌو آهي ته چيني ٻولي ڏکي آهي. ان جي سکڻ ۾ به گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سال لڳي ويندا آهن. اوهان جي عمر چڱي آهي سو ڏهه سال اوهان جِي سگهندئو؟ “ ڪاڪي ٻڍي چيس : ” پٽ! ٿي سگهي ٿو ڌڻي سڳورو منهنجي عمر جي ڳڻپ ڪندو هجي پر مون وٽ انهن اجاين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ جو وقت ئي ناهي.“
    ”اهو بروبر سچ آهي.“ سوامي چوڻ لڳو: ” پر چيني ٻولي سکڻ ۾ ڏھ ورهه لڳي ويندا آهن جڏهن ته تنهنجو ڏھ سال جيئرو رهڻ مشڪل ٿو لڳي.“
    ڪاڪي ٻڍي وراڻيس : ”منَ! منهنجو نوي سالن جو تجربو چئي ٿو ته مان ڪنهن وقت به مري پيو سگهان پر نوي سالن تائين جيئرو رهيم. مون نوي سال موت کي شڪست ڏني آهي ڇو ته مان اڃا تائين جيئرو آهيان. مان ڪافي عرصو جيئرو رهي سگهان ٿو. تنهنجي عمر گهڻي آهي؟ پٽ!“
    سوامي بي چيني محسوس ڪئي ڇو ته هو ٽيهن سالن جو هو. چيائنيس :” ٽيهه ورهيه.“ ڪاڪي ٻڍي چيس ” پٽڙا! مان توکي اهو ٻڌايان ٿو ته تنهنجو ملڪ هندوستان ۽ ڀرسان وارو ملڪ پاڪستان ڪراڙا ڇوٿي ويا آهن. ان ڪري جو توهان ڪجهه ڪرڻ بدران ڇڙو موت جو انتظار ڪندا آهيو.“
    سوامي راما جپان کان سير ڪري موٽيو. ٻن سالن کان پوءِ ڪنهن صدمي سبب ديهانت ڪري ويو.
    اسان جي جرمن ڪاڪي ٻڍي نه رڳو چيني ٻولي سکي. انيڪ چيني ڪتاب پڙهيائين ۽ هڪ ڪتاب چيني ٻوليءَ ۾ پڻ لکيائين. هڪ سئو پنجن سالن جي عمر ۾ ڏاڍي اطمينان ۽ سڪون سان، بستري تي سُتي گذاري ويو. چيني لکيل ڪتاب هن جي ويڪري ڇاتيءَ تي کليل پيو هو.

    ***

    هڪ ڏينهن صبح جو هڪ نيگرو (شيدي) گرجا گهر ويو. پادريءَ کي عرض ڪيائين ته کيس اندرا اچڻ جي اجازت ڏئي. پادري لاءِ هو ائين جيئن برهمڻ لاءِ شودر. چيائين:” تون گرجا ۾ اچي ڇا ڪندين؟ جيستائين تنهنجو من ۽ دماغ سڪون ۾ اچن ته پوءِ اچجانءِ. هاڻي تنهنجو ڪهڙو ڪم جو اچين؟“
    هو پادري هو سو کيس ڪيئن چئي ته ” تون پليت آهين. ڪمتر آهين. ٽري وڃ“ ان ڪري نرميءَ مان اهو چيائينس:”دوست! تون اندر اچي ڇا ڪندين؟ جيستائين تنهنجو ذهن پاڪ صاف نه ٿو ٿئي، تيستائين تون خدا کي حاصل نه ٿو ڪري سگهين. تنهن ڪري هاڻي وڃ ۽ وڃي پنهنجي ذهن کي پاڪ صاف بڻاءِ.“ نينگرو مولائي ماٺ ڪري هليو ويو.
    ڏينهن لنگهي ويا. هڪ سال پڄاڻان پادريءَ ان نيگرو کي گرجا ڀرسان لنگهندي ڏٺو. هاڻي هو کيس صاف ۽ پاڪ نظر آيو. هن جي اکين ۾ چمڪ ئي ٻي ڏٺائين سو هن کي ڊپ ورايو ته متان هاڻي گرجا ۾ نه اچي. پر هن جو ڊپ اجايو هو ڇو ته نيگروءَ اک کڻي به گرجا ڏانهن نه ڏٺو ۽ سڌو هليو ويو.
    پادريءَ جو هن کي ائين بي نياز ڏٺو ته پويان تڪڙيون تڪڙيون وکان کڻي پهتس ۽ ٻانهن کان وٺي چوڻ لڳس: ” دوست! تون آئين ڇو نه؟“
    نيگرو کليو. چوڻ لڳس : ” سائين منهنجا! توهان جا لک ٿورا، مون سڄو سال توهان جي ڪيل نصيحت مطابق گذاريو. مون کي پاڪ صاف ٿيڻو هو ته جيئن مان گرجا ۾ اچي سگهان پر گذريل رات مون ڌڻي سڳوري کي خواب ۾ ڏٺو. جنهن ٻڌايو ته : ” منهنجا ٻانها! تون چريو آهين ڇا؟ تون مون سان ملڻ لاءِ گرجا ۾ ٿو اچين؟ گذريل ڏهن سالن کئون مان گرجا ۾ وڃڻ جي ڪوشش پيو ڪيان پر پادري پير ئي رکڻ نه ٿو ڏئي. جتي مان نه ٿو وڃي سگهان، اُتي تنهنجو وڃڻ ته ممڪن ئي ناهي.“

    ***

    هڪ الله لوڪ فقير صفا اڪيلو هو. هڪ رات خواب ۾ ڌڻي سڳوري کي ڏٺائين ته اهو هن کان به وڌيڪ اڪيلو هو. فقير وائڙو ٿي ويو. چوڻ لڳس: ” اي ڌڻي! تون اڪيلو آهين! تو مٿان سر ڏيندڙ اڻ ڳڻيا ماڻهو آهن. اُهي ڪاڏي ويا؟“
    اهو ٻڌي ڌڻي وراڻيس:” مان شروع کان اڪيلو آهيان ۽ رڳو انهن کي ئي مان ملندم جيڪي پاڻ اڪيلا آهن. جيستائين تنهنجي سوال جو تعلق آهي ته جواب اهو آهي ته اهي سر ڏيندڙ نام نهاد عقيدائي ماڻهو مون سان ته ڪڏهن گڏ رهيا ئي ناهن. ڪو راما سان گڏ آهي، ڪو ٻڌ جو پيرو ڪار آهي، ڪو ڪنهن پيرَ پٺيان آهي. انهن مان ڪوبه مون سان گڏ ناهي. مان سدا کان اڪيلو آهيان. جيڪو به ڪنهن جي پٺيان ناهي ۽ صفا اڪيلو آهي سو ئي مون سان گڏ آهي.“

    ***

    ابراهام لنڪن آمريڪا جو صدر ٿيو. هو هڪ موچيءَ جو پٽ هو. گهڻا ماڻهو هن جي صدر ٿيڻ تي ناخوش ٿيا.
    جڏهن سينيٽ ۾ هو پهرئين تقرير ڪرڻ آيو ته هڪ ميمبر کي باھ وٺي وئي. گهڻن ميمبرن کي هن جو صدر ٿيڻ نه ڀانيو هوندو پر اُهو هڪ ميمبر کان رهيو نه ٿيو ۽ بيهي ڪري چوڻ لڳيس : ” گهڻو خوش نه ٿيءُ. تنهنجو پيءُ جوتا ڳنڍيندو هو.“
    ابراهام لنڪن مرڪندي ڏاڍو ٿهرمَ سان جواب ڏنو : ” مٺا بابا! مان ڄاڻان ٿو منهنجو پيءُ موچي هو. جوتا ڏاڍا سُٺا ڳنڍيندو هو. تو سٺو ڪيو جو مونکي وقت تي ياد ڏياريو. تنهنجي سڄي آڪهه منهنجي پيءُ جا ٺاهيل ئي جوتا پائيندي هئي. ڇا مان پڇي سگهان ٿو ته منهنجي پيءُ جي ٺاهيل جوتن ۾ ڪو نقص هو؟ ڇا اُهي ڪنا ٺهيل هوندا هيا ۽ جلدئي ڳري ويندا هيا؟ مون کي ياد آهي ته هو ايڏي لگن سان جوتا ٺاهيندو هو جو پائيندڙ ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. مون لاءِ صدر ٿي ڪري ڪم ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ڇو ته جيڪو بهترين ڪم منهنجو پيءُ موچي ٿي ڪري ڪندو هو اهڙو ڪم مان صدر ٿي نه ٿو ڪري سگهان.“

    ***

    ڀڳت ڪيبر ڪوري هو. هو آڏاڻي تي ويهي ڪپڙو ٺاهيندو هو. ماڻهن کيس چيو هو اهو ڪم ڇڏي ڏي جو اهو ڪم صوفي جي منهن تي ٺهي نه ٿو. ڀڳت ڪبير وراڻي ڏني ته : ” بابا! جيڪڏهن هڪ صوفيءَ کي ڪپڙا پائيندي ٺهن ٿا ته پوءِ ڪپڙا ٺاهڻ ۾ ڪهڙي گهٽتائي ٿي پئي؟“

    ***

    هڪ ڀيري مهاتما ٻڌ هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ آيو، جتي ”سداس“ نالي هڪ غريب موچي رهندو هو. صبح سان سداس ننڊ مان اُٿيو. ڏٺائين ته سندس جهوپڙيءَ پويان واري ڍنڍ ۾ ڪنول جو گل ٽڙيو پيو آهي. سداس اهو ڏسي حيران ٿي ويو جو ڪنول ٽڙڻ جي موسم ئي نه هئي. سداس چيو ” جيڪڏهن مان اڄ اهو گل بازار کڻي وڃان ته مون کي ضرور اهڙو گراهڪ ملي ويندو، جيڪو هن جو مُلهه ضرور هڪ روپيو ڪندو.“ هن گل ڇڳو ۽ بازار ڏانهن روانو ٿيو.
    جڏهن هو سڙڪ تي پڳو ته ڳوٺ جو امير ماڻهو پنهنجي بگيءَ ۾ پئي آيو. ڪنول ڏسي هن بگي بيهاري ۽ پڇڻ لڳس : ” گل جو گهڻو وٺندين؟“ سداس هڪ رپيو نه چيس پر چيائينس : ” سرڪار! هي موسمي گل ناهي سو اوهان جيڪو مناسب سمجهو، اهو ڏيو.“ امير چيس : ”مان توکي هن جا پنج سئو سونا سڪا ڏيان ٿو ، ٻئي ڪنهن کي نه ڏجانءِ.“ اتفاق سان ان گهڙيءَ بادشاھ جو سپهه سالار لانگهائو ٿيو. ان وڌي اچي چيس ” گل جي جيڪا هن قيمتي چئي اٿئي. مان ان جي ڏهوڻ ٿو ڏيانءِ.“ سداس چوڻ لڳس:” ڇا توهان چريا ٿي پيا آهيو يا منهنجو مٿو ٿا ڦيريو؟“ اهي ٻول هليا پئي ته بادشاھ جي سواري به اچي وئي. بادشاھ کي سداس ڳالهه ٻڌائي ته مان هڪ روپئي ۾ گل وڪڻڻ پئيس ويس. هنن ايڏي رقم ٻڌائي منهنجا وائيسر خطا ڪري ڇڏيا آهن.“
    بادشاھ چيس : ”توکي شايد خبر ناهي ته مهاتما ٻڌ آيو آهي ۽ اسان ان جو آڌرڀاءُ ڪرڻ پيا وڃون. مان پاڻ اهو گل هن جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو ڇو ته هن جي وهم گمان ۾ به نه هوندو ته اڄ ڪو هن کي اهڙو گل ڏئي سگهي ٿو.“
    ان تي سداس چوڻ لڳو : ” اها ڳالهه آهي ته پوءِ گل وڪڻڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿي سگهي. اهو مان پاڻ مهاتما کي پيش ڪندس.“
    بادشاھ چيس:” تنهنجو مغز خراب ٿي ويو آهي ڇا؟“ ٻيا به چوڻ لڳس : ” چريا! اهو ڇا ٿو ڪرين ان رقم مان تنهنجو ست پيڙهيون ويٺي کائينديون. ڇو ٿو پنهنجي مت وڃائين.“
    سداس وراڻين :” سمجهو ته منهنجي غربت ختم ٿي وئي. مان هي گل پنهنجن هٿن سان هاڻي مهاتما ٻڌ کي پيش ڪندم.“
    سداس ان پاسي هلڻ لڳو جتي ٻڌ اچڻو هو. بادشاھ ۽ ٻيا هن کان اڳ ٻڌ وٽ پڄي ويا. هنن ٻڌ کي سڄي ڳالهه ٻڌائي. جهٽ کان پوءِ سداس به اچي پهتو. مهاتما ٻڌ کانئس پڇيو ”اڙي چريا سداس! تو اهو گل ڇو نه وڪيو؟ ست پيڙهيون خوش گذارني ها.“
    سداس وراڻيو: ” منهنجا مالڪ! پيار اڳيان ڌن دولت جي ڪائي حيثيت ناهي. روح کي روپين عيوض وڪڻي نه ٿو سگهجي. جيستائين هي گل هو، مون وڪڻڻ پئي چاهيو پر جڏهن اوهان جي پيرن جو خيال آيو ته وڪڻڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿيو. غريب به پيار ڪندا آهن. غريب به روح جا ملڪ آهن. مهرباني ڪري هي گل قبول ڪيو.“

    ***

    هڪ جهونو پرهيزگار ٽيپهريءَ جي نماز لاءِ قرطبه مسجد ڏانهن پئي ويو. رستو ڀلجي ڪري هڪ سوڙهي گهٽيءَ ۾ وڃي نڪتو. اُتي هڪ گهر جي دريءَ مئون هڪ ڏاڍي سهڻي ڇوڪريءَ هن کي ڏٺو ۽ آهستي سرٻاٽ ۾ چيائينس ” هي گهٽي اڳتي بند آهي.“
    پرهيزگار ڪاڪي هن جي جملي جي ادا ۽ حسن جي سٽ جهلي نه سگهيو. هن لاءِ هاڻي قرطبه ۾ وڃڻ هڪ نيڪ ناميءَ کي دفن ڪرڻ هو. ان رات هڪ اڻ ڄاتل ڳوٺ ڏانهن هليو ويو. ڳوٺ وڃي هڪ ڪنڊ وسايائين ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو.

    ***

    هڪ هنڌ هڪ ڪراڙو ۽ هڪ جوانڙو، آرام ڪرسين تي ويٺا هيا، ڪراڙي جو اکيون ٻوٽيل هيون. زبان تي چُپ جا تالا هيس، پر ٿوري ٿوري جهٽ کان پوءِ مرڪي رهيو هو. ڪيڏي مهل هٿن ۽ منهن سان اهڙا اشارا ڪري رهيو هو ڄڻ ڪنهن کي پنهنجي اڳيان پري ڪندو هجي.
    جوان ڏسندو رهيو نيٺ هن کان رهيو نه ٿيو، سو پڇيائينس : ” سائين! هتي رکيو ڇاهي جو اوهان هر هر مرڪي رهيا آهيو؟“ ڪراڙي وراڻيس:”مان پنهنجو پاڻ کي آکاڻيون ٻڌائي رهيو آهيان سو انهن تي کل پئي اچي“ هن پڇيس:” اوهان اهي هٿن جا اشارا ڇا جا پيا ڪريو؟“ ڪراڙي چيس:” انهن آکاڻين کي پري پيو ڪريان جيڪي هر هر ٻڌڻ پيون اچن.“
    ”معنيٰ ته آکاڻيون ٻڌائي پنهنجو من پيا ريجهايو؟“
    ڪراڙي چيس:”پٽ! هڪ ڏينهن توکي سمجهه ۾ اچي ويندءِ ته سڄي زندگي پاڻ کي آکاڻيون سمجهائڻ جو نالو آهي.“

    ***

    سياري جي رات هجي. اوڻٽيهن جي اُماس هجي. هڪ ساڌو سيءَ کان بچڻ لاءِ هڪ مندر ۾ اچي پناھ ورتي ورتي. رات جو وڳڙو هو. اڌ رات گذري چڪي هئي. سيءُ به چئي اڄ نه پوان ڪڏي پوان؟
    ساڌوءَ سيءَ ۽ اوندهه کان بچڻ خاطر مندر ۾ رکيل هڪ ڪاٺ جي مورتي کڻي، ان کي باھ ڏني. روشني ۽ باھ جي تپش تي پوڄاريءَ جي اک کلي وئي. جان کڻي ڏسي ته ڀڳوان جي مورتي باھ ۾ سڙي رهي آهي. پوڄاريءَ جون ڏندين آڱريون اچي ويون. ڪاوڙ ۽ پريشانيءَ ۾ وات مان ڪو اکر ئي نه اُڪليس.
    ساڌو سڙيل مورتيءَ جي رکَ مان ڪجهه ڳولڻ لڳو. تنهن تي پوڄاريءَ پڇيس : ” نڀاڳا! ان ۾ ڇا ٿو ڳولهين؟“
    ساڌو وراڻيس: ” مان هن ۾ ڀڳوان جون هڏيون پيون ڳوليان، جيئن انهن کي گنگا ۾ وجهان.“
    پوڄاريءَ چيس ” چنڊا! چريا! ڪاٺ ۾ هڏيون؟ اهو ممڪن آهي؟“ ساڌوءَ نماڻائيءَ سان چيس:” ته پوءِ ڀلا ٻي ڪا وڏي مورتي لاهي کڻي اچ. رات ڊگهي آهي ۽ سيءُ پارو ٿو پئي.“

    ***

    چنڊ جي چوڏهينءَ رات هجي. ڪجهه پياڪَ مئخاني مان نڪري، درياءَ ڪناري آيا. ٻيڙيءَ ۾ سير ڪرڻ لاءِ چڙهيا. اڌ رات کان باک ڦٽيءَ تائين ٻيڙي ڪاهيندا رهيا.
    سج نڪرڻ جا سانباها ڪيا. ٿڌڙي هير تي هن جا کيپ لٿا ته چيائون. صبح ٿي ويو آهي. هاڻي ڪناري تي هلجي.
    جڏهن ڪناري تي ٻيڙي بيهاريائون ته عجب ۾ پئجي ويا ۽ جو سڄي رات پنهنجي خيال سان هن ٻيڙي ڪاهي هئي پر ٻيڙي اُتي ئي بيٺي هئي.
    هنن کي سڌ ئي نه هئي ته ٻيڙيءَ جو رسو کولڻو هوندو آهي. هنن ٻيڙيءَ جو رسو ئي نه کوليو هو.

    ***

    هڪ جنرل کي خبر پئي ته هڪ ڪئپٽن سدائين مڌ ۾ ٻڏل هوندو آهي. جنرل هن ڏانهن ويو. ڪئپٽن ڀلو ماڻهو هو. شرابي هونئن به سٺا ماڻهو هوندا آهن ڇو ته اهي پنهنجي واٽ وارا هوندا آهن.
    جنرل اچي چيس : ” ڪئپٽن! تو سٺو ماڻهو آهين. مان تنهنجو دل سان قدر ڪندو آهيان. هر ماڻهو توکي چاهيندو آهي پر تون پنهنجو پاڻ کي وڃائي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو مڌ به ڇڏين ۽ سنئين رستي تي هلين ته ڪرنل ٿي ويندين.“
    ڪئپٽن ٽهڪ ڏئي کليو ۽ پوءِ چوڻ لڳس : ” سر! توهان جا لک ٿورا! پر اهو ته ڪجهه به ناهي. اها ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي. اوهان ته منهنجي ڪرنل بڻجڻ جي ڳالهه پيا ڪريو مان ته پي ڪري ئي جنرل بڻجي ويندو آهيان.“

    ***

    هڪ همراھ شراب پي رهيو هو. هڪ سنگتي لنگهي آيس چوڻ لڳس : ”يار اهو ڇا ٿو ڪرين؟ هي ته اهو زهر آهي جيڪو آهستي آهستي پنهنجو اثر ڏيکاريندو آهي.“
    همراھ وراڻيس : ” منَ! تون بالڪ سئو آنا صحيح چئي رهيو آهين. مون کي به ڪا تڪڙ ناهي.“

    ***

    هَليل نالي هڪ يهودي صوفي هو. هو عبادت ڪندڙ ۽ اعتقاد وارو پرهيزگار هو. هڪ ڏينهن هو دعا گهرندي چوڻ لڳو : اي ڌڻي! اهو نه سمجهجانءِ ته ڇڙو مونکي تنهنجي ضرورت آهي. توکي به منهنجي ضرورت آهي. مان نه هجان ته ڪير عبادت ڪندو؟“

    ***

    هڪ همراھ کي پڪڙيِ، ڪورٽ وٺي ويا. ڪورٽ کان ٻاهر نڪتو ته سنگت کي حوال ڪندي ٻڌائڻ لڳو.
    ڏاڍو لڱو ٿيو. جج پهريون پنجاھ روپيا ڏنڊ هنيو. ڪارڻ اهو جو مون ڀري بزار ۾ هڪ مائيءَ کي چمي ڏني. اهو ڏنڊ جج چميءَ تي هنيو. وري جڏهن هن مائيءَ کي ڏٺو ته مون مٿان وڌيڪ پنجاھ روپيا ڏنڊ وڌو جو مان نشي ۾ ڌت هيم. ڇا هو ته اها مائي ڪا جهور ڪراڙي ۽ بدشڪلي هئي.

    ***

    اسڪول ۾ اُستاد محترم ان ٻار کان سوال ڪيو، جنهن جو پيءُ ريڍار هو.
    ”پٽ! جيڪڏهن توهان وٽ ڏھ رڍون آهن. هڪ ٽپو ڏئي، واڙي جي ڀت ٽپي ڀڄي وڃي ته باقي گهڻيون بچنديون؟“
    ”سائين! هڪ به نه.“
    ”بابا! اهو ڇا ٿو چوين؟ مان تو کان حساب ٿو پڇان ته هڪ رڍ ڀڄي وئي ته باقي گهڻيون بچيون؟“
    ”سائين! توهان کي برابر حساب اچن ٿا پر مان رڍن کي ڄاڻان ٿو. ڪابه نه بچي. ڇو ته رڍن جو اجتماعي دماغ هوندو آهي. جيڪڏهن هڪ رڍ ٽپو ڏئي هلي وئي ته سمجهو ڏهن ئي ٽپو ڏنو ۽ هلي ويون.“

    ***

    هڪ ڏينهن هڪ شينهن چيتي ڏانهن ويو. چوڻ لڳس : ” جهنگ جو بادشاھ ڪير؟“
    ”سائين اهو به ڪو پڇڻ جو سوال آهي. اوهان کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي؟“
    هو وري رڇ ڏانهن ويو. هن کي سوگهو ڪري پڇيائينس : ”جهنگ جو بادشاھ ڪير آهي؟“
    رڇُ وراڻيس : ” سرڪار! اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي. تون ته سڀني جانورن جو بادشاھ آهين. شهنشاھ آهين.“
    شينهن پوءِ هڪ هاٿي وٽ اچي اهو سوال ڪيو. هاٿيءَ وٺي ڪري اهڙو اُڇلايس جو پنجاھ فوٽ وڃي پري هڪ ٽڪريءَ سان لڳو.

    عوامي آواز ميگ 20 ڊسمبر 2015ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو