مزاحيه ڪھاڻي. جڳاڙي شاعرن جو گروپ!! ************* !! *ڊاڪٽر ذوالفقار علي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2015۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    مون مزاح گھٽ لکي آھي ۽ ھيء شروعاتي ڪوشش آھي،جيڪا ڪھاڻيڪار دوستن اڳيان اصلاحي تنقيد لاء حاضر آھي!
    مزاحيه ڪھاڻي.
    جڳاڙي شاعرن جو گروپ!!
    *************
    خيرل خير ته آھي سھڪي پيو آھين!؟
    ڀلا پويان ڪوئي ڊوڙائي پيو اٿئي ڇا؟
    نه سوڍل نه!
    پوء ڀلا صبح سان سڪھين ڇو پيو؟
    ھا! يار بس ٿورڙو تڪڙيون وکون کڻي
    پھتو آھيان!
    خير ته آھي؟
    وري ڪنھن سان ٺڳي ڪئي اٿئي ڇا؟
    نه…نه يار ھاڻي اھي ڌنڌا ڇڏي ڏنا آھن!
    پوء ڀلا ڪنھن قرضي تنگ ڪيو ھوندئي؟
    نه…نه يار اھڙي ڳالھ ناھي!
    باقي ڪھڙي ڳالھ آھي جو ڀل ۾ گھر واريء جي چپل پائي نڪري پيو آھين؟
    يار ھيء گھر واريء جي چپل ناھي اڄ ڪالھ بازار ۾ اھڙيون چپليون پيون ملن جو خبر ئي نٿي پئي ته مرد لاء آھي يا عورت لاء!
    يار اوطاق جو ڪمرو
    کول ته پوء سڀ احوال ڏيانء ٿو!
    مون اوطاق جو ڪمرو کوليو،
    پوء پڇيم ھاڻي ڏي احوال…؟
    يار فيس بڪ تي اڄ ڪلھ مون کي
    ڪوئي سھي ئي نٿو!
    رڳو پئي تنقيد ٿئي !!
    يار سٺو لکڻ جي ڪوشش ڪندي ته
    پوء ڪوئي تنقيد نه ڪندو!
    يار تنقيد جو واسطو سٺي لکڻ
    يا نه لکڻ سان ناھي!
    باقي ڪھڙي ڳالھ سان آھي؟
    فيس بڪ تي رڳو گروپ ئي گروپ آھن جيڪي ھڪٻئي کي ڇڏي ڪري باقي
    ٻين تي بيجا تنقيد ڪن ٿا!!
    مون ته سنڌ جي ھڪ وڏي شاعر جو غزل چوري ڪري فيس بڪ تي رکيو ھيو تڏھن
    به مخالفن منھنجو غزل سمجھي ڇتي تنقيد ڪئي!
    اڇا…؟
    جي ھا!
    يار خيرل ھڪ ڳالھ پڇاء سچي ٻڌائجاء!
    ھا ادا ڀلي پڇو!
    يار مون ٻڌو آھي تنھنجي فيس بڪ جي ڪنھن به دوست سان اصل پوت ئي ڪونھي؟
    ھا يار پنھنجي واقعي به فيس بڪ جي مرد دوستن سان ناھي پوندي باقي ڇوڪريء جي ڀلي فيڪ آء ڊي ڇونه ھجي ان تي سر گھوري ڇڏيندو آھيان.
    اڇا…؟
    جيء ھا
    يار ڪمال جو ماڻھو آھين!
    پر ھاڻي ڀلا ڇا سوچيو اٿئي؟
    تنقيد کي ڪيئن منھن ڏيندي؟
    يار سوڍل ڳالھ ٻڌ نه!
    ٻڌاء ٻڌاء…
    يار پاڻ به فيس بڪ تي ھڪڙو گروپ
    ٺاھيو آھي!
    بسم الله…!
    ھا! يار سوڍل پاڻ به تنقيد جو جواب تنقيد سان ڏينداسين سر جو جواب پٿر سان ڏبو!
    يار خيرل ايترو جذباتي به نه ٿيء !
    يار ھاڻي ائين ئي ٿيندو بس!
    جيڪا سنگت جي مرضي!
    پوء پنھنجي گروپ ۾ ڪھڙا شاعر کنيا اٿئي؟
    يار استاد وات پٽيو، گلو گھنتري،ڪن ڪٽيو، استاد مشڪي، پيارو پکالي سڀئي مون سان گڏ آھن.
    بلي بلي ڪمال جو گروپ ٺاھيو اٿئي.
    …گروپ جو نالو ڇا رکيو اٿئي؟
    جڳاڙي شاعرن جو گروپ!!
    واھه بلڪل ڪمال جو آھي!
    ڪياڙي کندي پڇيائين يار سوڍل ڪيئن آھي، مون وارو گروپ؟
    بلي بلي ڪمال جو گروپ آھي!!
    ھاڻي ڪنھن جي مجال آھي جو جڳاڙي شاعرن سان مقابلو ڪري ۽ انھن تي تنقيد ڪري!!
    *ڊاڪٽر ذوالفقار علي*
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد يوسف ڳنڀير

    محمد يوسف ڳنڀير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڊاڪٽر صاحب مزو اچي ويو جڳاڙ جو
     
  3. عبدالرحمان مڱڻيجو

    عبدالرحمان مڱڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88

هن صفحي کي مشهور ڪريو