ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ رحم ۽ رحمت لاءِ ترسندڙ قوم

'ڪالم' فورم ۾ راشد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2015۔

  1. راشد سومرو

    راشد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اليڪٽرانڪ ميڊيا
    ماڳ:
    ڪراچي
    (تو بن جاني! هيءَ جهان)

    ”رحم ۽ رحمت لاءِ ترسندڙ قوم“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ


    اسان جن حالتن مان گذري رهيا آهيون، اهي انهيءَ موڙ تي اچي پهتيون آهن، جتي مذهب يا سياست کانسواءِ ڪنهن جي زبان تي ٻي واٽ ئي ڪانهي. ڪا ڳجهي طاقت آهي، ڪا ڌر آهي جنهن ٻنهي شعبن ۾ رت جي ريج سان پنهنجي مقصد جا ٻوٽا پوکڻ شروع ڪيا آهن. مذهب جي نالي تي جيڪا اسلامي ملڪن ۾ دهشتگردي ٿي رهي آهي، ۽ جهڙيءَ ريت ڪي مسلمان باقي مسلمانن کي مسلمان بڻائڻ ۽ جنت ۾ جايون وٺڻ لاءِ ملڪن ۾ رڻ ٻاريو آهي، اهو نه فقط ماڻهن کي مذهب کان متفر ڪري رهيو آهي، بلڪه ڳجهن هٿن کي ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي لاڳو ڪرڻ ۾ وڏي هٿي ڏئي رهيو آهي. موجوده دور ۾ مسلمان ملڪ ئي هن باهه جو ٻل بڻجي رهيا آهن. ائين ٿو لڳي جهڙوڪ مسلمانن مان ڪن شاهينگن صليبي جنگين جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪا به خبر نه ٿي پئي ته ان جو ڪهڙو انت ٿيندو ۽ مسلمانن کي ان جا ڪهڙا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.

    عالمي سطح تي مسلمان کي مسلمان خلاف ائين ڪتب آندو پيو وڃي ۽ داخلي طور تي اسان انهن دهشتگرد ٽولن کي ڌڪاريندي به ڪڏهن سني ته ڪڏهن شيعي جي ڪنڌ تي ڪاتي رکڻ مذهبي عقيدت ۽ محبت سمجهي ويهون ٿا. اسان مان جيڪڏهن ڪو ائين ڪاتيون ۽ ڪهاڙيون هٿن ۾ کڻي ٿو، سو حقيقت ۾ دين دشمن قوتن جو مفت ۾ هراول دستو بڻجي ڪم ڪري ٿو.

    مذهبي متڀيد ۽ نفرت سنڌ جي منطق ۽ فلسفي جي بنهه ابتڙ آهي. سنڌ صدين کان باهمي ڀائيچاري امن ۽ سڪون جي ماحول جي روايتن کي قائم رکيو آهي، ان ۾ اهڙا واقعا سنڌ-دوستي جي خلاف آهن. انگريزن جي دور کان اڳ سنڌ ۾ ڪيتريون مسجديون ۽ ڪيترا مندر لڳو لڳ هوندا هئا ۽ هر ڪنهن کي مذهبي آزادي هوندي هئي. اختلافن جو اهو ٻج انگريزن ڇٽيو. هنن جي ڇاڙتن پادرين پنهنجي مذهب جي سرڪاري سرپرستي ۾ تبليغ ڪئي ۽ هندن خواهه مسلمانن جي مذهبن تي ڇوهه ڇنڊا. اهڙيءَ ڇڙواڳيءَ ڪٽر هندن ۽ مسلمانن کي مذهبي مت ڀيد پيدا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ۽ ان جي پڄاڻي مسجد منزل گاهه جي خوني ڊرامي سان ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ سدا ۽ سٻاجهڙا سنڌي هندن ۽ مسلمانن جي جدا جدا ڪئمپن ۾ ورهائجي ويا.

    سوچڻ جو مقام آهي ته ٻين ڪيترن ملڪن ۾ دهشتگرديءَ کي سياست جو حربو ڪري هلايو وڃي ٿو ۽ هتان جي هڪ اڌ پارٽي به انهيءَ اصول تي دين ايمان رکي ٿي. پر اسان پنهنجي ڌرتيءَ تي مذهب ۽ دهشتگرديءَ کي هڪ سڪي جا ٻه پاسا سمجهي ويٺاسين ته اهڙي ڪرنسيءَ سان ڪو به اسان جي ماڻهپي جو ملهه ڪٿي نه سگهندو. اسان انساني تاريخ ۾، بلڪه پنهنجي تاريخ ۾ ٽڪي ملهه به ڪو نه وڪاڻباسين.

    چئون ٿا ته اسان هي ملڪ مذهب جي نالي تي قائم ڪيو. پر محرم جا ڏهه ڏينهن هجن يا ربيع الاول جا ٻارنهن ڏينهن. اسان جو ساهه مٺ ۾ آهي. رستا بند آهن، موبائلون بند آهن ۽ اسان جا هٿ مٿي، پر اکيون بند آهن. هيءَ ڪهڙي مذهبي آزادي آهي ۽ هيءَ اسان جي ڪهڙي دين دوستي آهي؟

    چوندا آهن ته عوام طاقت جو سرچشمو ٿيندو آهي. ڇا اهو عوام پنهنجي مذهبي اڳواڻن، هادين ۽ رهبرن کي فهمائش نه ٿو ڪري سگهي ته دين ته محبتن جا روپ ٿين ٿا ۽ دين ۾ ڪا زبردستي ڪا نه ٿيندي آهي، پوءِ اهي دين کي ديندارن جي ويڙهائڻ ۽ مارڻ لاءِ ڪتب ڇو ٿا آڻين؟ اسان مان جيڪڏهن ڪو ديني عالم دين جي نالي تي ويڙهائڻ جون ڳالهيون ٻڌائي ٿو ته اسان ان تي ايمان ڇو ٿا آڻيون؟ ۽ ان تي عمل ڇو ٿا ڪريون؟ سوچڻ جو مقام آهي ته اسان اهڙا سادا ۽ سٻاجها ڇو ٿا بڻجي وڃون جو اکيون ٻوٽي هر انهيءَ ڳالهه تي به عمل ڪريون ٿا، جيڪا سمورن دينن ۾ حرام آهي.

    هاڻي ربيع الاول جي ٻارنهين اچڻ واري آهي اسان جي مذهب دوستي ۽ ماڻهپي جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهبو ته پنهنجي رسول مقبول صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي ولادت جي ڏينهن کي ڪيئن ٿا ملهايون. هو پاڻ ته رحمت العالمين آهن. ڏسڻو آهي ته اسان پنهنجي لاءِ رحمت ٿا بڻجون يا زحمت؟ شل اسان رحم دل بڻجي پئون ۽ رحم خواهه رحمت کانسواءِ ڪا ڳالهه پسند نه ڪيون. ڪاش اسان رحم ۽ رحمت لاءِ ترسندڙ ۽ تمنا ڪندڙ قوم نه بڻجون.


    Email: gulhayat2010@gmail.com

    Website: www.drpathan.com

    نوٽ: هي آرٽيڪل روزاني عوامي آواز مان اوهان دوستن لئه چونڊيو ويو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو