ايوب کوسو پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

ايوب کوسو

پسيل شام جي هر اشاري ڪُٺو آ،
چُني ڪنهن هوا ۾ اڏاري ڪُٺو آ.

وري پاڻ اُلجھي ٻڏاسين اکين ۾ ،
وري عشق ڪنهنجي ڪنواري ڪُٺو آ.

ڇڻياسين ، ٻرياسين ،اويلا ،اڪيلا،
سوا تو ستمگر سياري ڪُٺو آ.

اچي ياد و يئي گلابي چپن جي،
اُفق رنگ لالاڻ هاري ڪُٺو آ.

نه ٻيڙي ، نه جوڙا ، نه پاڻيءَ ڦُڙو ڪو،
اکين کي سنڌوءَ جي ڪيڏاري ڪُٺو آ.

ٻُڏي ويو مِٺي ننڊ ۾ ڳوٺ سارو،
اسانکي کِلي تاري تاري ڪُٺو آ .​
 
Back
Top