اختر حفيظ ادب ۽ اديب

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادب ۽ اديب

    اختر حفيظ

    انهي ڳالهه کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي ته سماج ئي ادب جو محرڪ آهي ۽ ادب زندگي مان ئي جنم وٺي ٿو. ادب جو ڪم نه فقط سماج کي تبديل ڪرڻ بلڪه سماج کي آئينو ڏيکارڻ به آهي. انهي کي رڳو وندر جي شئي سمجهڻ به ادب سان ناانصافي ٿيندي. جتي سموري دنيا ۾ ڪيترين ئي ٻولين ۾ ادب لکيو ويو آهي، اتي اسان جي سنڌي ٻولي ۾ ادب اڄ به لکجي رهيو آهي. ڪيترائي نسل آيا، انهن پنهنجي قلم جو پورهيو ڪيو ۽ گذاري ويا ۽ ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي اڄ به لکي رهيا آهن، ايندڙ وقت ۾ جڏهن هاڻوڪي دور جا لکندڙ نه هوندا ته ڪي ٻيا هوندا جيڪي انهي سلسلي کي جاري پيا رکندا. پر انهي عرصي دوران جيڪو ڪجهه ادبي حلقن پاران ٿيندو رهيو آهي، انهي کي به جاچڻ جي ضرورت آهي.
    جيئن هڪ ڊاڪٽر جو ڪم ڪنهن بيمار جسم جو علاج ڪرڻ هوندو آهي، ائين ئي هڪ اديب يا ليکڪ جو ڪم به ڪنهن بيمار سماج کي ڦلهوري پيش ڪرڻ هوندو آهي پو انهي جو ذريعو شاعري به ٿي سگهي ته ڪهاڻي به ۽ نثر پڻ.
    ڪنهن زماني ۾ سنڌي ادب هڪ ئي وقت سياست، صحافت ۽ سماج جي ڳنڍيل نظر ايندو هو، انهي زماني ۾ شاعرن جي ڪتابن تي پابنديون به لڳنديون هيون ته ڪهاڻيڪارن جي ڪهاڻي ڇپجڻ هڪ وڏو ڏوهه ليکيو ويندو هو. پر جيئن ئي ضيا جي آمريت جا ڪارا ڪڪر لٿا ته سنڌي اديبن ڪجهه سک جو ساهه کنيو ۽ وري لکڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. پر تيستائين حالتون تمام تبديل ٿي چڪيون هيون. سياسي طور ماحول اهڙو نه رهيو هو جيڪو اڳ هو. پر ڇا اسان جي اديبن واقعي به ادب ان ڪري لکيو جو اهي سماج ۾ تبديلي آڻيندڙ بڻجي سگهن؟ ڇا انهن جو مقصد هڪ اهڙي سنڌ اڏڻ هو جنهن جا خواب اهي انهي وقت به ڏسي رهيا هئا، جڏهن انهن جو پيٽ ۽ کيسو خالي هوندا هئا؟ ڇا اهي حقيقي طور سنڌ کي مومل سمجهي انهي جا راڻا بڻجي انهي کي ماڻڻ چاهيندا هئا؟ ڪجهه وقت لا ته ائين لڳي ٿو ته پر حقيقتون انهي جي ابتڙ آهن.
    اڄ جيڪڏهن آئون ڪا سٽ لکڻ جي قابل ٿيو آهي ته انهي جو داد آئون سنڌ جي انهن وڏن ليکڪن، سائين ابراهيم جوئي، رسول بخش پليجي، جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جهڙن ڪردارن کي ڏيان ٿيو جن سنڌ جي ڪيترن ئي ماڻهن کي ان قابل بڻايو آهي ته اهي پنهنجو آواز اٿارين. اڄ اسان جي ڪيترن ئي اديبن کي سنڌي ادب کان تمام گهڻي شڪايت آهي. پر جڏهن انهن جي پنهنجي ڪردار جي باري ۾ سوچجي ٿو ته خبر پوي ٿي ته انهن جي اها ميار ٺهي ئي نٿي.
    90ع واري ڏهاڪي ۾ جيڪي شاعر، اديب، صحافي ۽ ڪهاڻيڪار اڀريا اهي پنهنجي فن ۾ تمام گهڻا جينئس هئا، انهن تمام بهترين لکيو. اهي جنهن ۾ شعبي ۾ هئا، انهي ۾ انهن پاڻ ملهايو پر انهي جو ٻيو پاسو تمام خطرناڪ آهي. جيئن ته انهن مان گهڻا پنهنجي پنهنجي حساب سان ڪن محرومين جو شڪار هئا، جن اڳيان هلي تمام خراب صورت اختيار ڪئي. اڳيان هلي ڪهاڻيڪار کان ڪهاڻي لکڻ وسري وئي، شاعر شاعري تان هٿ کڻي ويو، صحافي ڪنهن ٻئي ڪم کي لڳي ويو. جنهن ڪري ادب وارو سمورو ماحول بگاڙ جو شڪار ٿي ويو.
    اسان جي اديبن گهڻي ڀاڱي ادب جو واپار ڪيو آهي، انهن جا مقصد تمام ننڍڙا ۽ تڇ رهيا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ به اهي پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ڪم کي لڳا پيا هجن ها پر انهن مان ڪن پنهنجي ادب کي سرڪاري نوڪرين لا ڪم آندو، ڪن عورتن کي متاثر ڪرڻ ۽ انهن تائين رسائي لا پئي لکيو ته ڪن وري سماج ۾ پئسو ڪمائڻ لا هڻ وٺ پئي ڪئي پر انهن جو پهريون ۽ بهترين ذريعو انهن جي تخليق ئي هئي.
    اهي سموريون محروميون جيڪي انهن پنهنجي زندگي ۾ ڏٺيون هيون، انهن جو ازالو انهن پنهنجا مادي مفاد ماڻي ڪيو. ڪنهن زماني ۾ سنڌ انهن جي لکڻين جو محور هوندي هئي پر جڏهن انهن ڏٺو ته جنهن سنڌ کي ڪيش ڪرائي انهن لکيو پئي ۽ جيڪو انهن کي گهربل هو، اهو انهن ماڻي ورتو آهي ته پو ادب لکڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اڄ جڏهن انهن جي واتان اسين سندن تڪليفن جون ڳالهيون ٻڌون ٿا ته کل جهڙيون لڳن ٿيون ڇاڪاڻ ته انهن جون تڪليفون دنيا جي ٻين ليکڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهن. اهي فقط زندگي جي عام معاملن کي تڪليفون سمجهي پيش ڪن ٿا.
    جيڪ لنڊن هڪ اهڙو ناول نگار ٿي گذريو آهي جنهن پنهنجي زندگي ۾ تمام معمولي ڪم ڪيا آهن، هن هوٽلن ۾ ٿانو ڌوتا، ٻهارو ڏنو، جهازن ۽ ڪارخانن تي ڪم ڪندو رهيو. شيڪسپيئر پنهنجي پي سان ننڍي هوندي مينهن جو کير ڏهندو هو، رڍون چاريندو هو، ۽ پنهنجي پي سان گڏجي چمڙو به صاف ڪندو هو. ڪارل مارڪس جنهن زماني ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو ته سندس پي کيس ان وقت سوين ٿيلر هر مهيني موڪليندو هو ۽ ان زماني ۾ ڪوبه شاگرد ايترا پئسا نه کپائيندو هو پر هن جڏهن پنهنجي عملي زندگي شروع ڪئي ته هن جي حالت اها هئي جو گهر جي مسواڙ ڏيڻ جا پئسا ڪونه هوندا هئس. سندس پٽ ۽ ڌي مري ويا پر هن وٽ ايترا پئسا نه هئا جو هو کين ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي ها. هو پنهنجي ڪوٽ جا بٽڻ گروي رکي به پئسا هٿ ڪري ايندو هو ته جيئن هڪ ويلو ماني کائي سگهي. هوچي منهه جنهن اخبار ۾ ڪم ڪندو هو، انهي جو پگهار نه وٺندو هو بلڪه ٻي اخبار ۾ ڪالم لکي اتان کان مليل پئسا پنهنجي اخبار کي ڏيندو هو.
    اهڙا ٻيا ڪيترائي ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي تڪليفن مان گذريا پر اهي پنهنجن مقصدن تان نه ٿڙيا، انهن ڪڏهن به پنهنجي لکڻ جي ڪم کي نه ڇڏيو. اهي سمورين تڪليفن ۽ پيڙائن باوجود لکندا رهيا، لاڳيتو لکندا رهيا ۽ هڪ ڏينهن انهن جي تخليقن کين ڪاميابي جي آسمان تي پهچائي ڇڏيو. اهي دنيا تي اثر انداز ٿيا، انهن جا مفاد ڪنهن عورت کي متاثر ڪرڻ يا سرڪاري عهدو ماڻڻ نه هو. بلڪه اهي اجتماعيت جا حامي هئا. انهن جيڪو ڪجهه لکيو اڳيان هلي اهو ادبي دنيا جو شاهڪار بڻجي ويو. اڄ جڏهن اسين انهن جي زندگين يا لکڻين کي پڙهون ٿا ته خبر پوي ٿي ته انهن ڪڏهن پنهنجن محرومين کي ذاتي مفادن لا استعمال نه ڪيو بلڪه انهن کي اها ڳڻتي ئي نه هئي ته دنيا ڇا چوندي پر اهي اهڙا چريا هئا جن کي اهو يقين هو ته هڪ ڏينهن انهن جو تخليقي عمل کين سموري دنيا ۾ پذيرائي ڏياريندو.
    پر اسان وٽ اسان جو اديب اهو مقام نٿو ماڻي سگهي، ڇاڪاڻ ته انهي رڳو شارٽ ڪٽ ڳوليا آهن، اهڙا شارٽ ڪٽ جن وسيلي انهي پاڻ کي سکيو رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ادب جو مقصد رڳو انفرادي طور پاڻ کي سکيو رکڻ هجي ته اهو ادب ڪڏهن به سماج ۾ تبديلي نٿو آڻي سگهي. اڄ اسان وٽ شاعر سماجي تنظيمون پيا هلائين، ڪهاڻيڪار ماضي ۾ دفن ٿي ويا آهن، ۽ نثر نويس سرڪار کان مراعت جي انتظار ۾ آهن. يعني ڪوبه ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ لا تيار نه آهي. شيخ اياز اسان وٽ هڪ اهڙو مثال آهي جنهن پنهنجي شاعري تان ڪڏهن هٿ نه کنيو، هو مسلسل لکندو رهيو ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته شاعري ئي سندس سڃاڻپ آهي ۽ اها ئي کيس ادبي افق فراهم ڪندي. هاڻ جن ماڻهو کي سنڌي ۾ هڪ سٽ به لکڻ نٿي اچي اهي به اياز تي تنقيد جا تير وسائين ٿا. هر ٽڻي ٽامڻي تنقيدنگار لڳو پيو آهي.
    جڏهن اديب ۽ شاعر پنهنجي تخليق ۽ فن کي اهو مانُُ نه ڏيندا آهن جيڪو کين ڏيڻ کپي ته هڪ ڏينهن اهو به ايندو آهي جو کين سندن ئي تخليق ڌڪاريندي آهي، اها به انهن لا اوپري ٿي ويندي آهي. اڄ جيڪي اديب سنڌي ادب کي ميارون ڏئي رهيا آهن، اهي پنهنجي جي ۾ جهاتي پائي ڏسن ته ڪٿي انهي جا ذميوار اهي پاڻ ئي ته نه آهن؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو