هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾ (سنڌ سلامت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دوستن سان) محمد سليمان وساڻ خبر ناهي ڇو چاهيندي به حيدر آباد لاءِ گهٽ وقت ملندو آهي. کوڙ سارا ذاتي دوست آهن، سنڌ سلامت جا دوست آهن، فيسبوڪ جا دوست آهن، ادب ۽ پبليڪيشن سان واڳيل دوست آهن، ڪجهه استاد ۽ يونيورسٽي جا شاگرد آهن جن سان ملڻ ۽ ڊگهين ڪچهرين جو چاهه رهندو اٿم. هن دفعي آفيس کان موڪل ڪيم ته ڪجهه منجهيل ڪم به ڪرڻا هيا ته ڳوٺ به وڃڻو هيو. هڪ هفتو اڳ حيدرآباد باغين سان شام واري پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ گورڌن ولاسائي سان ڪچهري جو پروگرام هيو، ساڻ اهو به طعي ٿيو ته پڙهندڙ نسل (پن) جي دوستن سان به ملاقات ڪبي جيڪي ڊجيٽل ڪتابن تي ڪم پيا ڪن. پر ڊاڪٽر حفيظ لغاري جي مصروفيت سبب پروگرام تبديل ڪرڻو پيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي سرواڻ رشيد سمون جو فون آيو ته 20 ڊسمبر تي حيدر آباد ۾ ايم بي ٽرسٽ پاران انڊس سليڪان ويلي جي دوستن هڪ ميٽنگ رکي آهي اوهان به هلو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته اها ميٽنگ سنڌي ڊولپرز جي دوستن جي آهي، تنهنڪري بهتر سمجهيم ته مان ان جي قابل ناهيان ۽ ساڻس معذرت ڪيم. رشيد جي زور ڀرڻ تي حامي ڀريم ته هلنداسين. 19 ڊسمبر جي رات جو ئي رشيد حيدر آباد نڪري ويو جو کيس ڪجهه ذاتي ڪم به هيا. حفيظ لغاري به هلڻ کان نابري واري ويٺو ۽ مرتضيٰ پڻ هلڻ کان انڪار ڪيو. خير مونکي وڃڻو ئي هيو ۽ عبيد الله ٿهيم سان به اچڻ جو واعدو ڪيو هيم جنهن رات دير تائين رابطو رکيو ته صبح جو ٽول پلازا حيدر آباد پهچي کيس اطلاع ڪيان. هاڻ پروگرام ۾ ٿوري ڦير ڪرڻي پئي جو صبح جو سوير نڪرڻو پيو ان جو سبب اهو هو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سينيئر دوستن ماما تاج محمد وساڻ، غلام رسول ٻٻر، ڪرم الاهي چنا کي ڪلوئي وڃڻو پيو جو ارباب خالد سان سندس چاچي جي وفات تي ساڻس عذر خواهي ڪرڻي هين. انهن کي حيدر آباد مان جاويد انڙ کي به کڻڻو هيو. صبح جو سوير ڪراچي مان نڪتس ته فيسبوڪ تي به اپڊيٽ رکيم نتيجي ۾ کوڙ سارن دوستن جا ميسيج ۽ ڪالون آيون ته ساڻن به ملجي پر سڀ ڏکيو هيو. مان ٽول پلازا پهچي رشيد کي فون ڪئي جيڪو شايد سمهيو پيو هو ۽ حسب روايت ڪال اٽيند ڪونه ڪيائين. عبيد کي ٻڌايم جنهن واڌو واهه پهچڻ جو چيو ته هو اتي انتظار ۾ هوندو. ايستائين ابو واصف جو به فون آيو ته مان پڻ واڌو واهه پيو پهچان. قاسم آباد باءِ پاس تي پالاري هوٽل تي پهتاسين جتي جاويد انتظار ڪري رهيو هو. جاويد چيو ته ناشتو ڪيو، ايئن پراٺا ۽ چانهه گهرائي وئي. چانهه پي دوستن کان موڪلايم جيڪي ڪلوئي لاء روانا ٿيا ۽ شام تائين واپسي جي تياري جو چيو. جيئين ئي سنڌ پالاري هوٽل کان ٻاهر روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ وڌيس ته ابو واصف جو سڏ ڪن پيو جنهن روايتي پنهنجائپ ۽ پيار وارو ڀاڪر پاتو. ابو واصف سنڌ سلامت جي انهن بي لوث دوستن مان هڪ آهي جيڪي محبتون ورهائن ۽ ڪم سان ڪم رکن. هڪ ڊگهي عرص کان شايد پنجن سالن کان مسلسل ابو واصف سان رابطو رهي ٿو. ڪيئي ڪم ڪندو آهي پر خاموش رهي، ڪڏهن به اسان وانگر ڪنهن ايوارڊ، ڪنهن تعريف يا پبلسٽي جو شوق ڪونه هوندو اٿس. هو موٽر سائيڪل تي هيو ان سان گڏ نسيم نگر پهتاسين جتي اڳ ئي رشيد سمون ۽ عبيد اسان جي انتظار ۾ بيٺا هيا. عبيد سان اها پهرين ملاقات هئي جيڪا پهرين ڪانه پئي لڳي. عبيد اسان جي انهن پرجوش نوجوان دوستن مان آهي جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جن کي ٻوليءَ جو اونو رهي ٿو. هو هميشه ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. هونئن ته هو ڪافي ڪم ڪندو رهي ٿو پر تازو ايس ايس ريڊ جو فونٽ ۽ اپليڪيشن جوڙي فيسبوڪ تي سهڻا سنڌي فونٽ ڏيکاري اسان لاء آسانيون پيدا ڪيون اٿس. هو ڪافي پرجوش نظر پئي آيو ڇو ته سندس خواهش هئي ته رشيد سان ڪچهري ڪري ۽ ملاقات ڪري، ڇو ته رشيد سندس رهنما ۽ استاد آهي ان ڪم ۾. مان ڊاڪٽر ممتاز قريشي کي فون ڪيو ته هو اسان سان ڪچهري ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر ممتاز سنڌ سلامت تي اسلامي تحقيقي مواد ۽ سنڌيءَ ۾ ميڊيڪل سان لاڳاپيل ليک لکندو رهندو آهي. پاڻ لمس ۾ ٻارن جي سرجري جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي، ان کان اڳ 10 سال جناح اسپتال ڪراچي ۾ رهيو ۽ سچل ڳوٺ ۾ ساڻس ڪچهري به ٿيندي رهي آهي. اتان اسانکي سڀ کان اڳ يوسف سنڌيءَ سان ملڻو هيو جنهن ڪتاب سافٽ ڪاپي طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ۾ آڻي دنيا تائين پهچايون. حيدر چوڪ جي هڪ هوٽل تي دوستن ناشتي جو پروگرام جوڙيو هو. ناشتي ۾ پراٺا. مغز ۽ چانهه هئي .... مغز رشيد کي وڌيڪ کائڻ جي صلاح ڪيم. ڪچهري به ٿيندي رهي ۽ يوسف سنڌي به پهچي ويو. يوسف سنڌي استاد آهي پر سندس سڃاڻ هڪ اديب طور آهي. دڙي شهر سان تعلق رکندڙ يوسف سنڌي سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ ميمبر ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيو آهي. اڄڪلهه پبليڪيشن سان واڳيل آهي. ساڻس چانهه جي ڪپ تي خوب ڪچهري ٿي جنهن جا موضوع ادب، نوجوان اديب، پبليڪيشن جا ادارا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ادب ۾ آيل جمود هيا. ان دوران مور ساگر جوڻيجو به اچي ويو. مور ساگر ساحل پبليڪيشن جو سرواڻ آهي ۽ پاڻ به ليکڪ آهي. ٻنهي دوستن ڪتابن جا تحفا به ڏنا ته کوڙ ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون به ڏنيون جيڪي جلد سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪنداسين. ڳالهين هلندي ڊاڪٽر ممتاز به پهچي ويو ساڻس سان حيدر آباد ۾ نه ملڻ جون ميارون هيون. هاڻ عبيد ٿهيم ۽ رشيد سمون کي ميٽنگ ۾ وڃڻو هيو جتي هنن سان عامر ضياءَ چارڻ کي به گڏجڻو هيو، رشيد جي زور ڀرڻ باوجود مان وڃڻ مناسب نه سمجهيو جو مونکي ميٽنگ جي ڪوٺ به ڪونه هئي ۽ مان ڊولپنگ جو ماڻهو به ناهيان. مان اتان گورڌن ولاسائي کي فون ڪئي جنهن چيو ته کيس مهراڻ جي هاسٽل تان کڻو ۽ هن ڪا پاسپورٽ يا پورٽ ايبل هارڊ ڊسڪ به آڻڻ جو چيو جيڪا حيدر آباد مان ئي ورتيسين. ڪمپيوٽر مارڪيٽ ۾ ئي هياسين ته گل حسن لاکو به اچي ويو. گل لاکو شهدادپور جو آهي ۽ اسان سان ملڻ لاءِ ڳوٺان آيو هو. هو مهراڻ يونيورسٽي جي لائبرري ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ سنڌ سلامت سان گڏ فيسبوڪ تي به سرگرم رهي ٿو. ڪتابن سان شوق اٿس ۽ فيسبوڪ تي سنڌي پي ڊي ايف بوڪس نالي گروپ به هلائي ٿو. مان ۽ گُل لاکو، ڊاڪٽر ممتاز سان گڏ سندس گاڏيءَ ۾ مهراڻ يونيورسٽي پهتاسين جتي گورڌن ولاسائيءَ سان ملاقات ٿي. گورڌن قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ليڪچرر آهي پر هن وقت مهراڻ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز تي ڪم پيو ڪري. سندس تحقيق جو موضوع انرجي ريسورس آهي. گورڌن ترڪيءَ مان هڪ سال جي تحقيق ڪئي آهي ۽ اتان ترڪيءَ بابت سهڻا ليک سنڌ سلامت تي شيئر ڪندو رهيو آهي. سندس هڪ شوق آهي ڦوٽوگرافي . هو ڪمال جي تصوير نگاري ڪري ٿو خاص ڪري فطرت جون تصويرون ته لاجواب هونديون اٿس. اسان هاڻي ڪوٽڙي بيراج ڪراس ڪري ڀٽائي نگر پهتاسين جتي اسان جي ملاقات مهراڻ جي اسسٽنٽ پروفيسر راشد ميمڻ سان ٿي. جنهن اسانکي پڙهندڙ نسل (پن) جي نرنجڻ راجاڻي سان ملايو جيڪو هن پروجيڪٽ جو روح روان آهي. وتائي فقير جي نالي سان قائم هن سٿ جو ڪم ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ آهي. هو هن وقت سنڌي ڪتابن کي اسڪين ڪري انهن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي پي ڊي ايف ۾ پيش ڪن ٿا. هو لڳ ڀڳ 300 سنڌي ڪتاب پي ڊي ايف ڪري چڪا آهن، هزارين انگريزي ۽ اردو ڪتابن جو پي ڊي ايف ذخيرو اٿن ۽ هزارين موويز ۽ ڊاڪيومينٽريز پڻ سهيڙيون اٿن. سندن ڪم بغير ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ پئسي وارو آهي. ساڻن ڪتابن بابت ڳالهه ٿي ۽ هنن اهو وعدو ڪيو ته هو ڪتابن جي ڪاپي اسان کي به ڏيندا ۽ سڀني يونيورسٽين تائين پڻ پهچائيندا. هنن گُل کي چيو ته هو سندن مدد به ڪري ۽ ڪتابن کي سهيڙڻ جو طريقو پڻ سمجهي. دوستن سان ڪچهريون ٿيون، چانهه به پيتيسين ۽ پوء موڪلايوسين. گورڌن کيڊاڪٽر ممتاز جي گهر تي مانيءِ جي دعوت ڪئيسين پر هن اتان ئي موڪلايو. اسان پوءِ ڊاڪٽر ممتاز جي گهر آياسين جتي هن پُر تڪلف مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو. رشيد ۽ عبيد سان رابطو ڪيو ته هنن مغرب تائين مصروف هجڻ جو چيو. هاڻي اسان ڇا ڪيون ... اهو سوچي ساجد سنڌيءَ سان ملڻ جو سوچيم پر هن فون اٽينڊ ڪانه ڪئي. هاڻي اسان ڊاڪٽر ممتاز سان گڏ سنڌ ميوزيم وڃڻ جو طعي ڪيو جتي شيخ اياز ميلو هلي رهيو هو. اياز ڌرتيءَ جيڏو شاعر جنهن سنڌ کي اڻ کُٽ شاعري ڏني، ساڃاهه ڏني، شعور ڏنو. دوستن کي جس هجي جن هڪ هفتي جي تقريب رکي آهي. علي آڪاش ۽ ڪيفي خانه بدوش جي امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح کي سلام هجي جن هي ميلو مچايو آهي. اياز پاڻ ئي ته چئي ويو هو: تون جو مونکي ڪونه مڃيندين مونکي ڪا پرواهه نه آهي آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي مون تي ميلو مچڻو آهي شيخ اياز پهچڻ سان پهرين ملاقات حبيب سنائي ۽ ڊاڪٽر مخمور بخاري سان ٿي. ان ڏينهن جيڪو سيشن هليو پئي ان ۾ اياز جي گهر ڀاتين ۽ دوستن پئي ڳالهايو. اتي ئي علي آڪاش، علي زاهد، امر سنڌو، نصير مرزا، يوسف جوکيو، خدا بخش جويو، راجڪمار کوکر، ڪليم ٻُٽ، هاشم شورو، جميل سومرو، منصور سيتائي، وسيم آڪاش سيتائي، بخشڻ مهراڻوي، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين سان ملاقاتون ٿيون. اتي ئي پوءِ ميٽنگ مان واپس آيل دوست به پهتا پر عامر ضياءَ چارڻ بغير ملڻ جي ٻاهران ئي هليو ويو. اتي ئي بيٺا هياسين ته علي حسن ملاح ۽ عباس ڪوريجو به اچي ويا. علي حسن ٻولين تي تحقيقي ڪم سان گڏ ٻارن لاءِ سنڌي سافٽويئر پڻ جوڙيو آهي. عباس ڪوريجي چيو ته ڊنر کانسواء اوهان کي وڃڻ ڪونه ڏبو، جڏهن ته ماني کائڻ جو موڊ بلڪل ڪونه هو. پر ڪچهري لاءِ ماني بهانو هئي. عباس ڪوريجي پاران ڊنر ان خوشيءَ ۾ به هئي ته کيس يونيورسٽيءَ پاران گولڊ ۽ سلور ميڊل مليا آهن. عباس هڪ ڪهاڻيڪار آهي ته محقق به آهي، ساڳي وقت هو ڪمپيوٽر جي دنيا جي سرگرم دوستن مان هڪ آهي. اسان اتان نڪري هوٽل تي پهتاسين جتي ڊنر سان گڏ خوشگوار ماحول ۾ ڪچهري ٿي جنهن ۾ رشيد سمون، عباس ڪوريجو، علي حسن ملاح، ابو واصف (اسد ڀٽو)، عبيد ٿهيم، گُل لاکو، وقار ملاح موجود هيا. موضوع پسند جا ئي هيا اڄوڪي انڊس سليڪان واري ميٽنگ، هڪ نئون ڊجيٽل ڪتاب گهر جوڙڻ جيڪو ٽيڪسٽ ۽ پي ڊي ايف ۾ هجي، سنڌي فونٽس، سنڌي ڊولپنگ ۽ ٻيا سنڌي ڪمپيوٽنگ جا موضوع. ان دوران سنجيده ڪچهري به هئي ته ٽهڪڙا به هيا. مونکي فون آئي ته دوست واپس هاءِ وي پهتا آهن ۽ ڪراچي لاء واپسي جي تياري ۾ آهن. دوستن سان خوشين ڀري ڀاڪرن سان موڪلايوسين پر ابو واصف، عُبيد ۽ گُل لاکو هاءِ وي تائين گڏ هليا. اتي پهتاسين ته اسان واري سنگت سگا جي سينيئر دوستن سان ڊنر ۾ مصروف هئي جن ۾ خالد چنا، نور محمد سيال ۽ عبد الرسول سومرو پڻ موجود هيا. چانهه پي لڳ ڀڳ 11 بجي حيدرآباد جي دوستن کان موڪلايوسين، مونکي اسد ميرجت (مست) ڏاڍو ياد پئي آيو جو کيس وساري ويٺا هئاسين ۽ کيس اچڻ جو اطلاع ئي ڪونه ڏنوسين. لڳ ڀڳ هڪ بجي ڪراچي پهتاسين، رشيد کان ٽول پلازا تي موڪلائي هڪ بجي سچل ڳوٺ رسياسين. وڌيڪ تصويرن لاءِ ڊاڪٽر ممتاز قريشي جو فيسبوڪ البم
ڏاها ٿيو .. ادا... يادگار ڏينهن هيو.. عبيدالله ٿهيم سان نه ملڻ جي شڪايت به ختم ٿي ته سنڌي ڪمپيوٽنگ تي ڪجهه وڌيڪ ڪرڻ جو جذبو به وڌيو.. توهان جي ڄاڻ سڃاڻ جا ته اسان اصل کان قائل ئي آهيون.. پر هن دفعي ته اصل ڪمال ٿي ويو.. دوستن جا وڏا وڙ جن وقت ڏنو... بس اميد رکجي ٿي ته ساٿ سلامت رهندو..
شڪايت ته ختم ٿي پر ڪچهري ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون رهجي ويون.. وقت الا ڇو تيزي سان گذري ويو هو، ڪلاڪ صفا جلدي گذري ويا خبر ئي ڪانه پئي.. اميد اٿم ته ٻيهر حيدرآباد جلدي ايندا ۽ خوب ڪچهريون ڪبيون
هڪ آس رهجي وئي اڃان، تون هُجين ۽ بس مان هُجان.. ڪچهري سُٺي ٿِي، پر توهان کي جيترو وقت ڏيڻ کپندو هو اهو نه ڏئي سگهيس ڇوته ميٽنگ 2 ڪلاڪ جِي هُئي جيڪا 7 ڪلاڪ تائين ڊگهي ٿِي وئي.. چاهيم پئي ته ڪچهري ڪري مَن هلڪو ڪريان پر ميٽنگ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه وٺي...! ڳالهيون ئي ڪجهه اهڙيون هُيون جو ميٽنگ مان اُٿڻ تي دل نه پئي چوي.. مٿان ڊاڪٽر ممتاز، بابا سائين ۽ چاچا حبيب الله (جنهن جو اُن وقت آپريشن ٿيڻو هو) ۽ ٻين دوستن جون ڪالز پئي آيون جيڪي پڻ اٽينڊ ڪرڻ مناسب نه سمجهيم.. حسن درس جي بيت جي هِن سٽ جيان ته : اڃان ڀي الئي هو ڪيڏو ڪَم ڪرڻو.. پر وقت رُڪيو ئي ڪونه... حياتي رهي ته انشا الله ملاقاتون به ٿينديون رهنديون.
هي ملاقات تمام سٺي رهي. هن ڏينهن تي آئون ڪيترن ئي اهڙن دوستن سان مليس جن سان سالن کان فون، فيس بڪ ۽ سنڌ سلامت جي ڪري رابطو هو پر ملاقات پهريون دفعو ٿي. انهن ۾ ادا محمد سليمان وساڻ، ادا رشيد سمون، ادا ڊاڪٽر ممتاز علي قريشي شامل هئا. هون ته آئون آچر جي ڏينهن شام جو نڪرندو آهيان شهدادپور کان ته جيئن ٻئي ڏينهن سومر تي مهراڻ يونيورسٽي ڊيوٽي تي وڃي سگهان پر ان ڏينهن دوستن جي پروگرام جي ڪري آئون صبح 10 وڳي نڪري پيس ۽ 01 وڳي منجهند حيدرآباد پهچي ويس. قصو کٽائڻو ٿيو..... دوستن سان ملندي اهڙو ته مزو پئي آيو جو وقت جي ڪا خبر ئي نه پئي. سڀني دوستن جون مهربانيون جن پنهنجو قيمتي وقت ڏنو.
سياري جي موسم جي اها هڪ خوشگوار صبح هئي. صبح جي ان ٿڌڙي موسم ۾ ادا سليمان وساڻ جي فون ذهن ۽ جسم کي گرمائي ڇڏيو. پاڻ حيدرآباد جي مشهور جاء “حيدرچوڪ“ تي سنڌسلامت جي ٻين دوستن سان گڏ موجود هئا. فورن تيار ٿي سڄي سنگت سان ملاقات لاء اتي پهتس. آچر جو اهو ڏينهن واقعي هڪ يادگار ڏينهن بڻجي ويو. سنڌ سلامت جي مختلف دوستن سان ملاقاتون ڪري دل خوشي سان ڀرجي وئي. ادا ذيشان رشيد ۽ ادا عبيد الله ٿهيم ته پنهنجي پسنديده موضوع ڪمپيوٽر تي سنڌي فونٽس جي وڌ ۾ وڌ بهتري بابت ڳالهائيندا رهيا. جنهن دوران ادا عبيد الله ٿهيم پنهنجي ليپ ٽاپ تي پنهنجا ٺاهيل مختلف سنڌي فونٽس ۽ ڪيترائي اهم سافٽ ويئر به ڏيکاريا. ان يادگار گهڙين کي ڪيمرا هن ريت محفوظ ڪري ورتو. ٻنهي تصويرن ۾ ادا ذيشان جي سوچ ويچار واري ڪيفيت ڏسي سندس اندروني جنون ۽ جوش جو اظهار ٿئي پيو ته پاڻ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقي بابت ڪيترا سنجيده آهن. حيدرچوڪ تي ٿيل ان يادگار ملاقات کان پوء سنڌسلامت جي سڄي سنگت ٻن گروپن ۾ ورهائجي وئي. ادا ذيشان رشيد ۽ ادا عبيد الله ٿهيم ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جي اهم ميٽنگ ۾ شامل ٿيڻ لاء هليا ويا ۽ مون سميت ادا سليمان وساڻ ۽ ادا گل حسن لاکو مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ڏانهن روانا ٿياسين. ادا ابو واصف حيدرچوڪ تان پنهنجن ذاتي ڪمن جيڪري اجازت ورتي هئي. مهراڻ يونيورسٽي کان پوء اسان موهني بائي اسپتال جي ويجهو وتايو جي گهر پهتاسين. نئين تعمير ٿيل ان بلڊنگ ۾ مختلف پورشنز کي مختلف اهم ڪمن لاء مخصوص ڪيو ويو هو. اُتي مختلف ڪتابن جا ڪافي باڪس به هڪ جاء تي موجود هئا. هڪ هال نما ڪمري کي ملٽي ميڊيا جي سهولت سان به مزين ڪيو ويو هو. ”وتايو جو گهر“ نالي ان جاء تي موجود مختلف نون دوستن سان پڻ تعارف ٿيو ، انهن دوستن سان پنهنجائپ واري ماحول ۾ سٺي ڪچهري ڪئيسين. خاص طور تي محترم نرنجن راجاڻي صاحب اسان کي سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ وارين سندن ڪاوشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. پاڻ پنهنجي ڪمپيوٽر تان هڪ دل کي ڇُهندڙ لفظن وارو پيراگراف پڙهي اسان کي پن (پڙهندڙ نسل) وارو پنهنجو آئڊيو به سمجهايو. انهن دوستن سان تفصيلي ڪچهري دوران نه صرف سندن ڪتابن جي عظيم ذخيري بابت ڄاڻ ملي پر اتي موجود جديد اسڪيننگ جون مشينون ڏسي بيحد حيرانگي به ٿي. سندن چوڻ موجب ڪنهن به ڪتاب کي ڊسٽرڪٽو ميٿڊ (Destructive method) وسيلي تمام مختصر عرصي ۾ اسڪين ڪري سگهجي ٿو. ان طريقي ۾ اصل ڪتاب کي بائنڊنگ واري پاسي کان کوليو وڃي ٿو جنهن سان ڪتاب جو هر هڪ صفحو الڳ ٿيو وڃي ۽ اسڪينر تي سڀ صفحا هڪ ئي وقت رکيا وڃن ٿا جنهن سان سيڪنڊن ۾ هڪ ئي وقت صفحي جا ٻئي پاسا اسڪين ٿيو وڃن ۽ ڪجهه ئي منٽن ۾ سڄو ڪتاب اسڪين ٿي ڪمپيوٽر تي منتقل ٿيو وڃي…!! اها ڳالهه منهنجي لاء بلڪل نئين ۽ حيران ڪن هئي. ”پن“ جي دوستن پاران سنڌي ، اڙدو ۽ انگريزي جي هزارين ڪتابن کي ڪمپيوٽر جي ذريعي هر هڪ سنڌي تائين مفت پهچائڻ جو عزم ، همت ، جوش ۽ ان جو عملي مظاهرو ڏسي کين خراج تحسين پيش نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. ان کان علاوه اها ڳالهه به تعريف لائق آهي ته هر جمعي تي شام جو 6:30 بجي وتايو جي ان گهر ۾ نوجوانن جي ذهني نشوونما لاء هڪ ڊاڪيومينٽري فلم به ڏيکارڻ جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. بحرحال ڏينهن جو ڪجهه حصو اُتي گذارڻ کان پوء مان ادا سليمان وساڻ ۽ ادا گل حسن کي پنهنجي غريب خاني تي وٺي آيس جتي ڪجهه دير فريش ٿياسين ۽ پيٽ پوڄا ڪري اسان جشن اياز ميلي ۾ شرڪت جو ارادو ڪيو. سنڌ ميوزيم ۾ رٿيل هن ميلي ۾ سنڌي ڪتابن جا ڪافي اسٽال به لڳل هئا. خاص طور شيخ اياز جي حوالي سان ڪافي ڪتابن کي رکيو ويو هو. ڪتابي ميلو گهمندي ان تاريخي گهڙين کي به ڪيمرا ڪجهه هن ريت محفوظ ڪري ورتو. جشن اياز ميلي ۾ شرڪت دوران وقت ايئن گذري ويو جو خبر ئي نه پئي. سچ پچ سنڌ سلامت جي دوستن سان گذاريل اهي گهڙيون ڪڏهن به نه وسرنديون. ادا سليمان وساڻ سان ڪچهري ڪندي اها ڳالهه به زير بحث آئي ته سنڌسلامت فورم پاران سڀني رڪنن کي حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏجي ۽ هڪ اهڙي گڏجاڻي جو پروگرام ترتيب ڏجي جنهن ۾ سڀني رڪنن سان يڪجهتي ڪندي ساڻن روح رهاڻ جي محفل ڪجي، جنهن دوران مختلف رڪنن کي اهو موقعو به ڏجي ته اهي سنڌي ٻولي ، ادب ۽ ڪمپيوٽر جي حوالي سان پنهنجن پنهنجن خيالن ۽ تجويزن جو اظهار ڪن. سنڌسلامت جي رڪنن کي اهو به موقعو ڏجي ته اهي سنڌسلامت فورم سان جڙيل پنهنجون شڪايتون وغيره به پيش ڪري سگهن. ان سان گڏوگڏ سنڌسلامت فورم پاران هن وقت تائين سنڌي ٻولي لاء ڪيل خدمتن ۽ مستقبل جي مختلف پراجيڪٽس وغيره بابت به سڀني رڪنن کي سڌوسنئون آگاهي ڏئي سگهجي. بدقسمتي سان ادا ذيشان وارا پنهنجي سنڌي ڪمپيوٽنگ واري ميٽنگ ۾ ڪافي مصروف رهيا هئا تنهنڪري ساڻن ان موضوع تي ڳالهائڻ جو موقعو ملي نه سگهيو.……. سچ پڇو ته ادا ذيشان رشيد ۽ ادا عبيد الله ٿهيم ايترو وقت سنڌي ڪمپيوٽنگ ميٽنگ ۾ گم ٿي ويا هئا جو منهنجي دل ۾ اهو خوف پيدا ٿيڻ لڳو ته ڪٿي سنڌسلامت جو ئي سودو نه ڪري اچن.…… !!! ادا سليمان وساڻ کي به اهو کٽڪو ٻڌائيندي چيم ته ٻيو نه بس رڳو مذهبي سيڪشن بچي وڃي……… بحرحال ان ڏينهن کي يادگار ڏينهن بنائڻ تي سنڌسلامت جي سڄي سنگت جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان. شل الله پاڪ سنڌسلامت کي هميشه سلامت رکي. آمين ثم آمين.