هڪ ڏينهن حيدرآباد ۾ (سنڌ سلامت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دوستن سان)
محمد سليمان وساڻ
خبر ناهي ڇو چاهيندي به حيدر آباد لاءِ گهٽ وقت ملندو آهي. کوڙ سارا ذاتي دوست آهن، سنڌ سلامت جا دوست آهن، فيسبوڪ جا دوست آهن، ادب ۽ پبليڪيشن سان واڳيل دوست آهن، ڪجهه استاد ۽ يونيورسٽي جا شاگرد آهن جن سان ملڻ ۽ ڊگهين ڪچهرين جو چاهه رهندو اٿم. هن دفعي آفيس کان موڪل ڪيم ته ڪجهه منجهيل ڪم به ڪرڻا هيا ته ڳوٺ به وڃڻو هيو. هڪ هفتو اڳ حيدرآباد باغين سان شام واري پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ گورڌن ولاسائي سان ڪچهري جو پروگرام هيو، ساڻ اهو به طعي ٿيو ته پڙهندڙ نسل (پن) جي دوستن سان به ملاقات ڪبي جيڪي ڊجيٽل ڪتابن تي ڪم پيا ڪن. پر ڊاڪٽر حفيظ لغاري جي مصروفيت سبب پروگرام تبديل ڪرڻو پيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي سرواڻ رشيد سمون جو فون آيو ته 20 ڊسمبر تي حيدر آباد ۾ ايم بي ٽرسٽ پاران انڊس سليڪان ويلي جي دوستن هڪ ميٽنگ رکي آهي اوهان به هلو. پڇڻ تي معلوم ٿيو ته اها ميٽنگ سنڌي ڊولپرز جي دوستن جي آهي، تنهنڪري بهتر سمجهيم ته مان ان جي قابل ناهيان ۽ ساڻس معذرت ڪيم. رشيد جي زور ڀرڻ تي حامي ڀريم ته هلنداسين. 19 ڊسمبر جي رات جو ئي رشيد حيدر آباد نڪري ويو جو کيس ڪجهه ذاتي ڪم به هيا. حفيظ لغاري به هلڻ کان نابري واري ويٺو ۽ مرتضيٰ پڻ هلڻ کان انڪار ڪيو. خير مونکي وڃڻو ئي هيو ۽ عبيد الله ٿهيم سان به اچڻ جو واعدو ڪيو هيم جنهن رات دير تائين رابطو رکيو ته صبح جو ٽول پلازا حيدر آباد پهچي کيس اطلاع ڪيان. هاڻ پروگرام ۾ ٿوري ڦير ڪرڻي پئي جو صبح جو سوير نڪرڻو پيو ان جو سبب اهو هو ته سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي سينيئر دوستن ماما تاج محمد وساڻ، غلام رسول ٻٻر، ڪرم الاهي چنا کي ڪلوئي وڃڻو پيو جو ارباب خالد سان سندس چاچي جي وفات تي ساڻس عذر خواهي ڪرڻي هين. انهن کي حيدر آباد مان جاويد انڙ کي به کڻڻو هيو.
صبح جو سوير ڪراچي مان نڪتس ته فيسبوڪ تي به اپڊيٽ رکيم نتيجي ۾ کوڙ سارن دوستن جا ميسيج ۽ ڪالون آيون ته ساڻن به ملجي پر سڀ ڏکيو هيو. مان ٽول پلازا پهچي رشيد کي فون ڪئي جيڪو شايد سمهيو پيو هو ۽ حسب روايت ڪال اٽيند ڪونه ڪيائين. عبيد کي ٻڌايم جنهن واڌو واهه پهچڻ جو چيو ته هو اتي انتظار ۾ هوندو. ايستائين ابو واصف جو به فون آيو ته مان پڻ واڌو واهه پيو پهچان. قاسم آباد باءِ پاس تي پالاري هوٽل تي پهتاسين جتي جاويد انتظار ڪري رهيو هو. جاويد چيو ته ناشتو ڪيو، ايئن پراٺا ۽ چانهه گهرائي وئي. چانهه پي دوستن کان موڪلايم جيڪي ڪلوئي لاء روانا ٿيا ۽ شام تائين واپسي جي تياري جو چيو.
جيئين ئي سنڌ پالاري هوٽل کان ٻاهر روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ وڌيس ته ابو واصف جو سڏ ڪن پيو جنهن روايتي پنهنجائپ ۽ پيار وارو ڀاڪر پاتو. ابو واصف سنڌ سلامت جي انهن بي لوث دوستن مان هڪ آهي جيڪي محبتون ورهائن ۽ ڪم سان ڪم رکن. هڪ ڊگهي عرص کان شايد پنجن سالن کان مسلسل ابو واصف سان رابطو رهي ٿو. ڪيئي ڪم ڪندو آهي پر خاموش رهي، ڪڏهن به اسان وانگر ڪنهن ايوارڊ، ڪنهن تعريف يا پبلسٽي جو شوق ڪونه هوندو اٿس. هو موٽر سائيڪل تي هيو ان سان گڏ نسيم نگر پهتاسين جتي اڳ ئي رشيد سمون ۽ عبيد اسان جي انتظار ۾ بيٺا هيا. عبيد سان اها پهرين ملاقات هئي جيڪا پهرين ڪانه پئي لڳي. عبيد اسان جي انهن پرجوش نوجوان دوستن مان آهي جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن، جن کي ٻوليءَ جو اونو رهي ٿو. هو هميشه ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ جاکوڙي رهيو آهي. هونئن ته هو ڪافي ڪم ڪندو رهي ٿو پر تازو ايس ايس ريڊ جو فونٽ ۽ اپليڪيشن جوڙي فيسبوڪ تي سهڻا سنڌي فونٽ ڏيکاري اسان لاء آسانيون پيدا ڪيون اٿس. هو ڪافي پرجوش نظر پئي آيو ڇو ته سندس خواهش هئي ته رشيد سان ڪچهري ڪري ۽ ملاقات ڪري، ڇو ته رشيد سندس رهنما ۽ استاد آهي ان ڪم ۾. مان ڊاڪٽر ممتاز قريشي کي فون ڪيو ته هو اسان سان ڪچهري ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. ڊاڪٽر ممتاز سنڌ سلامت تي اسلامي تحقيقي مواد ۽ سنڌيءَ ۾ ميڊيڪل سان لاڳاپيل ليک لکندو رهندو آهي. پاڻ لمس ۾ ٻارن جي سرجري جو اسسٽنٽ پروفيسر آهي، ان کان اڳ 10 سال جناح اسپتال ڪراچي ۾ رهيو ۽ سچل ڳوٺ ۾ ساڻس ڪچهري به ٿيندي رهي آهي. اتان اسانکي سڀ کان اڳ يوسف سنڌيءَ سان ملڻو هيو جنهن ڪتاب سافٽ ڪاپي طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ۾ آڻي دنيا تائين پهچايون. حيدر چوڪ جي هڪ هوٽل تي دوستن ناشتي جو پروگرام جوڙيو هو. ناشتي ۾ پراٺا. مغز ۽ چانهه هئي .... مغز رشيد کي وڌيڪ کائڻ جي صلاح ڪيم. ڪچهري به ٿيندي رهي ۽ يوسف سنڌي به پهچي ويو. يوسف سنڌي استاد آهي پر سندس سڃاڻ هڪ اديب طور آهي. دڙي شهر سان تعلق رکندڙ يوسف سنڌي سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ ميمبر ۽ مرڪزي سيڪريٽري جنرل به رهيو آهي. اڄڪلهه پبليڪيشن سان واڳيل آهي. ساڻس چانهه جي ڪپ تي خوب ڪچهري ٿي جنهن جا موضوع ادب، نوجوان اديب، پبليڪيشن جا ادارا، سنڌي ادبي سنگت ۽ ادب ۾ آيل جمود هيا. ان دوران مور ساگر جوڻيجو به اچي ويو. مور ساگر ساحل پبليڪيشن جو سرواڻ آهي ۽ پاڻ به ليکڪ آهي. ٻنهي دوستن ڪتابن جا تحفا به ڏنا ته کوڙ ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون به ڏنيون جيڪي جلد سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪنداسين. ڳالهين هلندي ڊاڪٽر ممتاز به پهچي ويو ساڻس سان حيدر آباد ۾ نه ملڻ جون ميارون هيون. هاڻ عبيد ٿهيم ۽ رشيد سمون کي ميٽنگ ۾ وڃڻو هيو جتي هنن سان عامر ضياءَ چارڻ کي به گڏجڻو هيو، رشيد جي زور ڀرڻ باوجود مان وڃڻ مناسب نه سمجهيو جو مونکي ميٽنگ جي ڪوٺ به ڪونه هئي ۽ مان ڊولپنگ جو ماڻهو به ناهيان. مان اتان گورڌن ولاسائي کي فون ڪئي جنهن چيو ته کيس مهراڻ جي هاسٽل تان کڻو ۽ هن ڪا پاسپورٽ يا پورٽ ايبل هارڊ ڊسڪ به آڻڻ جو چيو جيڪا حيدر آباد مان ئي ورتيسين. ڪمپيوٽر مارڪيٽ ۾ ئي هياسين ته گل حسن لاکو به اچي ويو. گل لاکو شهدادپور جو آهي ۽ اسان سان ملڻ لاءِ ڳوٺان آيو هو. هو مهراڻ يونيورسٽي جي لائبرري ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ سنڌ سلامت سان گڏ فيسبوڪ تي به سرگرم رهي ٿو. ڪتابن سان شوق اٿس ۽ فيسبوڪ تي سنڌي پي ڊي ايف بوڪس نالي گروپ به هلائي ٿو. مان ۽ گُل لاکو، ڊاڪٽر ممتاز سان گڏ سندس گاڏيءَ ۾ مهراڻ يونيورسٽي پهتاسين جتي گورڌن ولاسائيءَ سان ملاقات ٿي. گورڌن قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ ليڪچرر آهي پر هن وقت مهراڻ ۾ پي ايڇ ڊي ٿيسز تي ڪم پيو ڪري. سندس تحقيق جو موضوع انرجي ريسورس آهي. گورڌن ترڪيءَ مان هڪ سال جي تحقيق ڪئي آهي ۽ اتان ترڪيءَ بابت سهڻا ليک سنڌ سلامت تي شيئر ڪندو رهيو آهي. سندس هڪ شوق آهي ڦوٽوگرافي . هو ڪمال جي تصوير نگاري ڪري ٿو خاص ڪري فطرت جون تصويرون ته لاجواب هونديون اٿس. اسان هاڻي ڪوٽڙي بيراج ڪراس ڪري ڀٽائي نگر پهتاسين جتي اسان جي ملاقات مهراڻ جي اسسٽنٽ پروفيسر راشد ميمڻ سان ٿي. جنهن اسانکي پڙهندڙ نسل (پن) جي نرنجڻ راجاڻي سان ملايو جيڪو هن پروجيڪٽ جو روح روان آهي. وتائي فقير جي نالي سان قائم هن سٿ جو ڪم ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ آهي. هو هن وقت سنڌي ڪتابن کي اسڪين ڪري انهن کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي پي ڊي ايف ۾ پيش ڪن ٿا. هو لڳ ڀڳ 300 سنڌي ڪتاب پي ڊي ايف ڪري چڪا آهن، هزارين انگريزي ۽ اردو ڪتابن جو پي ڊي ايف ذخيرو اٿن ۽ هزارين موويز ۽ ڊاڪيومينٽريز پڻ سهيڙيون اٿن. سندن ڪم بغير ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ پئسي وارو آهي. ساڻن ڪتابن بابت ڳالهه ٿي ۽ هنن اهو وعدو ڪيو ته هو ڪتابن جي ڪاپي اسان کي به ڏيندا ۽ سڀني يونيورسٽين تائين پڻ پهچائيندا. هنن گُل کي چيو ته هو سندن مدد به ڪري ۽ ڪتابن کي سهيڙڻ جو طريقو پڻ سمجهي. دوستن سان ڪچهريون ٿيون، چانهه به پيتيسين ۽ پوء موڪلايوسين. گورڌن کيڊاڪٽر ممتاز جي گهر تي مانيءِ جي دعوت ڪئيسين پر هن اتان ئي موڪلايو. اسان پوءِ ڊاڪٽر ممتاز جي گهر آياسين جتي هن پُر تڪلف مانيءَ جو بندوبست ڪيو هو. رشيد ۽ عبيد سان رابطو ڪيو ته هنن مغرب تائين مصروف هجڻ جو چيو. هاڻي اسان ڇا ڪيون ... اهو سوچي ساجد سنڌيءَ سان ملڻ جو سوچيم پر هن فون اٽينڊ ڪانه ڪئي. هاڻي اسان ڊاڪٽر ممتاز سان گڏ سنڌ ميوزيم وڃڻ جو طعي ڪيو جتي شيخ اياز ميلو هلي رهيو هو. اياز ڌرتيءَ جيڏو شاعر جنهن سنڌ کي اڻ کُٽ شاعري ڏني، ساڃاهه ڏني، شعور ڏنو. دوستن کي جس هجي جن هڪ هفتي جي تقريب رکي آهي. علي آڪاش ۽ ڪيفي خانه بدوش جي امر سنڌو ۽ عرفانه ملاح کي سلام هجي جن هي ميلو مچايو آهي. اياز پاڻ ئي ته چئي ويو هو:
تون جو مونکي ڪونه مڃيندين
مونکي ڪا پرواهه نه آهي
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميلو مچڻو آهي
شيخ اياز
پهچڻ سان پهرين ملاقات حبيب سنائي ۽ ڊاڪٽر مخمور بخاري سان ٿي. ان ڏينهن جيڪو سيشن هليو پئي ان ۾ اياز جي گهر ڀاتين ۽ دوستن پئي ڳالهايو. اتي ئي علي آڪاش، علي زاهد، امر سنڌو، نصير مرزا، يوسف جوکيو، خدا بخش جويو، راجڪمار کوکر، ڪليم ٻُٽ، هاشم شورو، جميل سومرو، منصور سيتائي، وسيم آڪاش سيتائي، بخشڻ مهراڻوي، ذوالفقار خاصخيلي ۽ ٻين سان ملاقاتون ٿيون. اتي ئي پوءِ ميٽنگ مان واپس آيل دوست به پهتا پر عامر ضياءَ چارڻ بغير ملڻ جي ٻاهران ئي هليو ويو.
اتي ئي بيٺا هياسين ته علي حسن ملاح ۽ عباس ڪوريجو به اچي ويا. علي حسن ٻولين تي تحقيقي ڪم سان گڏ ٻارن لاءِ سنڌي سافٽويئر پڻ جوڙيو آهي. عباس ڪوريجي چيو ته ڊنر کانسواء اوهان کي وڃڻ ڪونه ڏبو، جڏهن ته ماني کائڻ جو موڊ بلڪل ڪونه هو. پر ڪچهري لاءِ ماني بهانو هئي. عباس ڪوريجي پاران ڊنر ان خوشيءَ ۾ به هئي ته کيس يونيورسٽيءَ پاران گولڊ ۽ سلور ميڊل مليا آهن. عباس هڪ ڪهاڻيڪار آهي ته محقق به آهي، ساڳي وقت هو ڪمپيوٽر جي دنيا جي سرگرم دوستن مان هڪ آهي. اسان اتان نڪري هوٽل تي پهتاسين جتي ڊنر سان گڏ خوشگوار ماحول ۾ ڪچهري ٿي جنهن ۾ رشيد سمون، عباس ڪوريجو، علي حسن ملاح، ابو واصف (اسد ڀٽو)، عبيد ٿهيم، گُل لاکو، وقار ملاح موجود هيا. موضوع پسند جا ئي هيا اڄوڪي انڊس سليڪان واري ميٽنگ، هڪ نئون ڊجيٽل ڪتاب گهر جوڙڻ جيڪو ٽيڪسٽ ۽ پي ڊي ايف ۾ هجي، سنڌي فونٽس، سنڌي ڊولپنگ ۽ ٻيا سنڌي ڪمپيوٽنگ جا موضوع. ان دوران سنجيده ڪچهري به هئي ته ٽهڪڙا به هيا. مونکي فون آئي ته دوست واپس هاءِ وي پهتا آهن ۽ ڪراچي لاء واپسي جي تياري ۾ آهن. دوستن سان خوشين ڀري ڀاڪرن سان موڪلايوسين پر ابو واصف، عُبيد ۽ گُل لاکو هاءِ وي تائين گڏ هليا. اتي پهتاسين ته اسان واري سنگت سگا جي سينيئر دوستن سان ڊنر ۾ مصروف هئي جن ۾ خالد چنا، نور محمد سيال ۽ عبد الرسول سومرو پڻ موجود هيا. چانهه پي لڳ ڀڳ 11 بجي حيدرآباد جي دوستن کان موڪلايوسين، مونکي اسد ميرجت (مست) ڏاڍو ياد پئي آيو جو کيس وساري ويٺا هئاسين ۽ کيس اچڻ جو اطلاع ئي ڪونه ڏنوسين. لڳ ڀڳ هڪ بجي ڪراچي پهتاسين، رشيد کان ٽول پلازا تي موڪلائي هڪ بجي سچل ڳوٺ رسياسين.
وڌيڪ تصويرن لاءِ ڊاڪٽر ممتاز قريشي جو فيسبوڪ البم