akhtar pathan
سينيئر رڪن
دنيا جي هر قانون ۾ لفظن جي معنى ۽ مفهوم کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي . ڪٿي ڪٿي ته اها معنى بينالاقوامي طور تي ساڳي يا هڪ جهڙي هوندي آهي ،پر ڪڏهين ڪڏهين لسانيات جا ماهر۽ قانوندان يا عدالتون پنهنجي پنهنجي سوچ ويچار مطابق يا ڪي مخصوص مطلب حاصل ڪرڻ خاطراهڙن لفظن جي معنى ۽ مطلب ڪڍي فيصلا صادر ڪنديون آهن .ڇاڪاڻ ته بهترين ادبي ٻولين يا زبانن ۾ ڪنهن هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون يا مطلب هوند آهن ته ،ڪنهن مطلب يا معنى جي لاءِ ڪيترائي لفظ موجود هوندا آهن . پوءِ هر قانوندان پنهنجي حق ۾ فيصلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙين معنائن جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن .
اهڙين ڪوتاهين کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهين ڪڏهين ته هر قانون جي ڪتاب يا پاس ڪيل ايڪٽ يا نافظ ڪيل آرڊينينس جي شروعات ۾ اهڙن لفظن جي تشريح ڪئي ويندي آهي يا مطلب ڏسيو ويندو آهي
اهڙين ڪوتاهين کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهين ڪڏهين ته هر قانون جي ڪتاب يا پاس ڪيل ايڪٽ يا نافظ ڪيل آرڊينينس جي شروعات ۾ اهڙن لفظن جي تشريح ڪئي ويندي آهي يا مطلب ڏسيو ويندو آهي