دنيا جي هر قانون ۾ لفظن جي معنى ۽ مفهوم کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي . ڪٿي ڪٿي ته اها معنى بينالاقوا

'قانوني صلاح مشوره' فورم ۾ akhtar pathan طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2015۔

  1. akhtar pathan

    akhtar pathan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    primary teacher
    ماڳ:
    p/o sita road,taluka ,k.n.shah,district dadu sindh
    دنيا جي هر قانون ۾ لفظن جي معنى ۽ مفهوم کي وڏي اهميت حاصل هوندي آهي . ڪٿي ڪٿي ته اها معنى بينالاقوامي طور تي ساڳي يا هڪ جهڙي هوندي آهي ،پر ڪڏهين ڪڏهين لسانيات جا ماهر۽ قانوندان يا عدالتون پنهنجي پنهنجي سوچ ويچار مطابق يا ڪي مخصوص مطلب حاصل ڪرڻ خاطراهڙن لفظن جي معنى ۽ مطلب ڪڍي فيصلا صادر ڪنديون آهن .ڇاڪاڻ ته بهترين ادبي ٻولين يا زبانن ۾ ڪنهن هڪ لفظ جون ڪيتريون ئي معنائون يا مطلب هوند آهن ته ،ڪنهن مطلب يا معنى جي لاءِ ڪيترائي لفظ موجود هوندا آهن . پوءِ هر قانوندان پنهنجي حق ۾ فيصلي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهڙين معنائن جو سهارو وٺڻ جي ڪوشش ڪندا آهن .
    اهڙين ڪوتاهين کان بچڻ جي لاءِ ڪڏهين ڪڏهين ته هر قانون جي ڪتاب يا پاس ڪيل ايڪٽ يا نافظ ڪيل آرڊينينس جي شروعات ۾ اهڙن لفظن جي تشريح ڪئي ويندي آهي يا مطلب ڏسيو ويندو آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو