شيخ ايازجي شاعريءَ جو سماجي تبديليءَ ۾ ڪردار

'شيخ اياز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 ڊسمبر 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    شيخ ايازجي شاعريءَ جو سماجي تبديليءَ ۾ ڪردار

    حميده ميربحر

    شيخ مبارڪ علي ’اياز‘ جي نالي سان مقبول ٿيو. هن 2 مارچ 1923ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو شيخ غلام حسين ۽ ڏاڏي جو نالو شيخ عبدالحڪيم عرف بنگل شيخ هو، جيڪو شهر جي معزز ماڻهن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ سندن پاڙو بنگل پاڙو، سڏبو هو شيخ اياز ثانوي تعليم تائين شڪارپور ۾ پڙهيو.
    شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو، هن 1945ع ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ هلندڙ ’سنڌي سرڪل‘ جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪئي ۽ جڏهن گوبند مالهيءَ اپريل 1946ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌو ته شيخ اياز ۽ بِهاري لال ڇاٻڙيا سنگت جا پهريان جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيا ويا. شيخ اياز شڪارپور ضلعي ۾ به سنگت کي منظم ڪيو، ان کان سواءِ’ انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان به وابسته رهيو. ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي. ايم. سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.1950ع ۾ ايل. ايل. بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾شمار ٿيڻ لڳو.شيخ مبارڪ علي جنهن کي اسين شيخ اياز جي نالي سان سڃاڻون ٿا، سندس شاعري ان ستاري وانگر آهي جنهن جي روشني ۽ چمڪ جي آڏو باقي ٻين ستارن جي روشني ۽ چمڪ جھڪي نظر اچي ٿي.
    جنهن دور ۾ اياز پيدا ٿيوان وقت پهرين جنگ عظيم جا اثر پوري دنيا تي ڇانيل هئا. هي اهو دور هئو جنهن ۾ نه صرف حڪومتون پر ماڻهن جي سوچن تي به انگريز سوار هئا. قومون پنهنجي تاريخي سڃاڻپ جي ڳولها ۾ هيون، هي اهو دور هيو جنهن کي اهڙن ماڻهن جي ضرورت هئي جيڪي کين پنهنجي اصلي سڃاڻپ کان روشناس ڪرائين ۽ اهڙن ماڻهن جي ضرورت هئي جيڪي نئين تاريخ لکن .اهو فطرت جو اصول آهي ته فطرت جڏهن ڪنهن قوم جي وجود کي قائم ۽ دائم رکڻ چاهيندي آهي ته ان قوم ۾ ڪجھ اهڙا انسان،مفڪر،شاعر دانشور ۽ سياستدان پيدا ٿيندا آهن جيڪي نئين تاريخ ٺاهن ، هُو نه صرف پنهنجي قوم جي وجود جي بقا پر گڏوگڏ ان جي سڃاڻپ کي به برقرار رکن۽ پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ فخر جو باعث پڻ ٿين.
    اهڙن ئي تاريخ ساز شخصيتن ۾ اياز جو شمار ٿئي ٿو، جنهن کي شاعريءَ جي ميدان ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان پوءِ جيڪڏهن شاعريءَ جو پيغمبر چئون ته ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو
    ڪي ما ڻهو تاريخ ٿين ٿا
    گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي
    اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي
    جا دنٿا کي بدلائي ٿي!
    ڪنهن ٿي ڄاتو ته شڪارپور جهڙي شهر ۾ پيدا ٿيندڙ اهو ٻار اڳتي هلي اهڙو شاعر ٿيندو جنهن جي سڃاڻپ سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندي. هونئن ته اياز تمام ننڍي عمر کان شاعري ڪرڻ لڳو هو پر اسين هتي خاص طور تي ان دور جي ڳالهه ڪنداسين ۽ سندس ان شاعريءَ جي ڳالهه ڪنداسين جيڪا اياز جي اصل سڃاڻپ آ.
    هاڻي اسين ان دور ۾ ٿا هلون جڏهن تقريبن پوري دنيا ۾ ترقي پسند سياسي ۽ ادبي تخليقون ڪر کڻي رهيون هيون، هي اهو دور آهي جڏهن برصغير ۾ مذاحمتي ادب تخليق ٿيڻ لڳو هو. جنهن جو بنياد اردو ادب ۾ سجاد ظهير، منشي پريم چند، ڪيفي اعظمي، ساحر لڌيانوي ۽ فيض احمد فيض کان ٿيندو سنڌي ادب ۾ وري اياز تائين اچي ٿو.
    هي اهو وقت آهي جنهن وقت ۾ شاعر جيڪا شاعري ڪري رهيا هئا يا جيڪا شاعري ٿئي پئي ته ان تي فارسي زبان جو وڏو اثر هو. موضوع ۽ فڪري لحاظ کان به گھڻو ڪري عشقيه شاعري جو رجحان وڌيڪ هئو. ساڳيوئي حال سنڌي شاعريءَ جو به هئو، ٻولي پڻ نج ۽ ٺيٺ نه هئي. سنڌي شاعريءَ کي نج ٻوليءَ ۽ مقامي ماحول عطا ڪرڻ ۾ اياز جو وڏو هٿ آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سنڌي شاعريءَ جي جديد دور ۾ وڌ کان وڌ مڃتا شيخ -اياز- ئي ماڻي . اياز جي شاعريءَ تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته ان جي شاعريءَ ۾ انڊلٺ جا سمورا رنگ سمايل نظر اچن ٿا ۽ خاص طور تي ان ۾ جيڪو انقلابي ريٽو رنگ آهي اهو تمام گھڻو چٽو نظر اچي ٿو.
    هن جي شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي خوشبوءَ سان گڏ ان ۾ وسندڙ ماڻهن جا ڏک سُور ۽ سندن زندگيءَ جي ڀرپُور عڪاسي نظر اچي ٿي.
    اياز جي شاعريءَ جي انهن رنگن کي ڏسڻ،سمجھڻ ۽ محسُوس ڪرڻ لاءِ اهو تمام ضروري آهي ته اسين تاريخ جا ڪجھ ورق اٿلايون. اسين گھڻو پري نٿا وڃون پر ٿوري ٿوري جھاتي ٿا پايون ان وقت ۾ جڏهن اڃان برصغير هنڌو پاڪ انگريزن جي قبضي هيٺ هيو، ۽ سڄي برصغير تي انگريز حڪومت ڪري رهيو هو. هي اهو وقت آ جڏهن انگريز جي ظلم کان تنگ اچي ڌرتي ڌڻين بغاوت شروع ڪئي. خاص ڪري نوجوانن ۾ انگريزن جي خلاف گھڻي نفرت ۽ غصو هيو. جيڪي پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ آزاد ڌرتيءَ جي آس رکيو پيا اچن ۽ چاهين پيا ته کين جائز انساني حق ملن. جيئن ڀڳت سنگھ ۽ چندر شيکر آزاد جهڙا نوجوان آزاديءَ جي جنگ وڙهي رهيا هئا.اهو سلسلو اڃان به اڳتي وڌي ٿو ۽ ڪافي قربانين ۽ رتوڇاڻ کان پوءِ جڏهن انگريزن ملڪ کي گھڻي قدر سڃو ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ مسلحتن جي آڌار تي ٻه قومي نظريي جي تحت ملڪ جو ورهاڱو ڪيو جنهن کي ايئن کڻي چئون ته نالي ماتر آزادي ڏني. ان ورهاڱي جي نتيجي ۾ اسين هتي ٻيو گھڻو ڪجھه ڪونه ٿا ورجايون پر ڪجهه نڪتا جيڪي چاهيندا سين ته بحث هيٺ اچن ته ان ورهاڱي کان پوءِ هندن ۽ مسلمانن جي ٻنهي پاسن کان لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ٻه ٽڪرا ٿيل ملڪ جنهن مان هڪ کي پاڪستان ۽ ٻئي کي هندوستان چيو وڃي ٿو، ٻنهين پاسي ماڻهو دربدر ٿيا. جيڪڏهن ڪو پنهنجي رضا خوشيءَ سان جتي آهي اُتي رهڻ چاهي به پيوته ان لاءِ حالتون اهڙيون پيدا ڪيون ويون جو مجبورن انهن کي پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏڻا ٿي پيا، سنڌ ۾ به اهڙوسلسلو جاري رهيو ۽ جڏهن اياز جهڙي حساس دل رکندڙ انسان اها رتوڇاڻ ۽ دربدري پنهنجي اکين سان ڏٺي ۽ پنهنجا ويجھا دوست اکين کان دُور ويندي ڏٺا ته سندن قلم مان پيڙا ۽ درد اوتجڻ لڳو. نه رڳو پيڙا ۽درد پر ان ۾ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ به هئو.1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نئين سر تشڪيل ٿي ۽ محمد ابراهيم جويي جهڙو سڄاڻ اديب ۽ نقاد سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ۽ بورڊ پاران نڪرندڙ رسالي ”مهراڻ“ جو -ايڊيٽر- ٿيو. جويي صاحب، شيخ -اياز- جي ڏات کي پرکيندي، کيس مشورو ڏنو ته هو -اردو- شاعريءَ بدران سنڌي شاعريءَ کي -جاري- رکي، ڇو ته هو پنهنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي صرف سنڌيءَ ۾ ئي پهچائي سگهي ٿو. ’مهراڻ‘ جي 1955ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ -اياز- جا ڏانهس لکيل خط ۽ -اياز- جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين -اياز-، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. -ان- بعد -اياز- جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو. هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ -ٻولي- به اعليٰ درجي جي آهي. -اياز- جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا.سندس سنڌي شاعريءَ کي فهميده رياض اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو آهي، جيڪو ”حلقه ميري زنجير ڪا“ نالي سان 1974ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو ۽ سندس شاعريءَ جو پنجابي منظوم ترجمو مشهور دانشور ۽ شاعراحمد سليم ڪيو، جيڪو پڻ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1976ع ۾ ڇپيو، اياز جي سمورن غزلن کي نوجوان شاعرن- اسحاق سميجي ”گيڙو ويس غزل“(2004ع) ۽ بخشل باغي”هي روح جزيرو حيرت جو“ (2004ع)جي نالي سان ڇپايو.شيخ -اياز- جي ڪلام جو ڪجهه حصو هنديءَ، -اردو-، سرائيڪي، پنجابي، فرينچ، جرمن ۽ انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ٿيو آهي. سندس شاعريءَ جي -انگريزي- ترجمي تي مشتمل هيٺيان چار ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. 1947۾ پاڪستان ٺهيو ۽ 1955 ۾ ون _يونٽ لاڳو ڪيو ويو ۽ چئني صوبن جي جداگانه حيثيت کي ختم ڪري هڪ يونٽ بڻايو ويو صرف ان لاءِ ته جيئن اوڀر پاڪستان جيڪو هاڻوڪو بنگال سڏجي ٿو ۾ رهندڙ بنگالين کان حق ڇني سگھجن. اهڙي ماحول ۾ جڏهن ڌرتي ڌڻين پنهنجي سڃاڻپ کي بحال رکڻ لاءِ احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو ته مٿن آمريت مڙهي وئي عوام جو آواز دٻائڻ لاءِ مٿن طرحين طرحين صعوبتون آنديون ويون. ان آمريت جي خلاف اياز جي شاعري جيڪو ڪردار ادا ڪيو اهو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگھجي، فقط ڪو اکين کان انڌو ۽ احساسن کان عاري شخص ئي ان جي شاعريءَ کان انڪاري ٿي سگھي ٿو. اها اياز جي ئي شاعري هئي جنهن کي هر جلسي هر چوڪ هر ڳلي ۽ هرموڙ تي ڳايو ٿي ويو.جيڪڏهن اسين چئون ته اها اياز جي شاعري ئي هئي جنهن ماڻهن ۾ جوش ولولو ۽ ڌرتيءَ سان عشق جي جذ بي کي اڀاريو ته ڪا وڏي ڳالهه نه هوندي. ان جو ثبوت اسانکي ان مان به ملي ٿو ته اياز کي سندس باغي شاعريءَ جي ڪري ڪيترا ڀيرا جيل اُ ماڻيو ويو، نظر بند ڪيو ويو ۽ سندس شاعريءَ جي ڪتابن تي بندش وڌي وئي. شيخ -اياز- جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنرڀري آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ -اياز- جي آخري عمر ۾ ختم ٿي .عوامي ميڙاڪن ۾ اياز کي شعر پڙهڻ کان روڪيو ويو.پر اها صرف اياز جي ئي شاعري هئي جيڪا هڪ ئي وقت نه صرف ان وقت جي سياسي ڪارڪنن شاگردن هارين، نارين،مزدورن جي زبان بڻي پر اياز جي شاعريءَ ماڻهن ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو. انهن ۾ پنهنجي حقن جي حاصلات جي جاڳرتا پيدا ٿي. ۽ اياز جي شاعريءَ ئي ماڻهن کي سيکاريو ته پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سر جي بازي هڻن کان ڪين لنوائجي.هئڻ ته ايئن گھربو هيو ته هن ارڏي شاعر جي بي باڪ شاعريءَ کي مڃتا ڏني وڃي هاپر مڃتا ته ڇا کيس ڪافر، باغي، ڏوهي ۽ ديش دروهي جهڙا نالا ڏنا ويا هن ڏوه پنهنجي کي ڏيهه کي ٻڌائيندي چيو.
    هي ڏوهه نه آ، هن ڌرتي تي
    مون دل جي ديول جوڙي آ ؟
    تو نفرت جي ديوار کنئي ،
    مون ان جي پاڙ اُکوڙي آ
    مو ڳاتا گيت محبت جا
    مون واڳ وطن جي موڙي آ
    مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان
    کيس طرح طرح سان هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جيئن هُو اهڙي شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏئي. ڇاڪاڻ ته وقت جي حاڪمن ۽ ظالمن کي ايئن للڪارڻ جي همت ۽ جرعت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي ۽ جڏهن اياز اها جرعت ڪري ٿو ته ان جو اهو انداز ۽ للڪاريندڙ لهجو وقت جي حاڪمن کي جهڙوڪر ڪچي گار ٿي لڳو. ايوبي آمريت کان ويندي ضياءَ شاهي تائين اياز جي شاعريءَ عام ماڻهوءَ جي دل ۾ هڪ اڻڏ ٺي طاقت ڀري ڇڏي ۽ انهن عامرن لاءِ هن جا شعر بم گولا ٿي ڪرندا رهيا ته ڪڏهن هن جا گيت گوريلا ٿيا
    گيت به ڄڻ گوريلا آهن
    جي ويري تي وار ڪرن ٿا
    جئن جئن جاڙ وڌي ٿي جڳ ۾........
    هُو ٻولي جي آڙ ڇپن ٿا؛
    شيخ -ايازکي قومي ۽ مزاحمتي شاعريءَ جي ڪري، رجعت پسندن مٿس ڪفر ۽ -بغاوت- جا الزام به هنيا ۽ ڪيترا ڪيس پڻ ڪيا. -ان- سلسلي ۾ ”ادب ڪِي آڙ مين“ جي نالي سان هڪ ڪتاب لکي سڄي جديد سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي خلاف ۽ خصوصاً شيخ -اياز- خلاف -باهه- ٻاري وئي، جنهن جي جواب ۾ برک دانشور رسول بخش پليجي ”-انڌا اونڌا ويڄ-“، مولانا غلام محمد گراميءَ ”مشرقي شاعريءَ جا فني قدر رجحانات “ ۽ محمد ابراهيم جويي جي رهنمائيءَ ۾ قاسم -پٿر- ”ادب ڪي نام پر“ ڪتاب لکي کين جواب ڏنا..
    اياز ڪُوڙ کان نفرت ڪندو رهيو۽ سچ چوڻ جو ڏوه هُو وڏي دليريءَ سان ڪندو رهيو جٿي به هنکي محسُوس ٿيو ته ڪنهن سان ذيادتي پئي ٿئي ته ڏاڍ جا ڏند کٽا ڪرڻ لاءِ هن هميشه سچ جو سهارو ورتو.۽ ان سچ جي سزا هن کي بار بار ملندي رهي پر تنهن هوندي به هُو سچ ڳالهائيندو رهيو...
    سَچُ وڏو ڏوهاري آهي
    روزِ اَوَل کان پڪڙيو ويو آ،.
    اياز جو تخليقي فڪري سفر ان غلاماڻي سوچ جو رد عمل آ جنهن ماڻهن جي ذهنن کي اپاهج ڪري ڇڏيو هو. پر اياز پنهنجي شعر سان ماڻهن ۾ انقلابي سوچون ۽ نئون روح ڦوڪيو.اڄ به جيڪي حالتون آهن انهن حالتن سان جيڪڏهن اسانکي منهن ڏيڻو آ ته اسين اياز جي شاعريءَ کي پنهنجي لاءِ مشعل راه بنائي پنهنجي منزلن جو گس ڳولهي سگهون ٿا.. وري وقت اسانکي نينڍ ڏئي رهيو آ ته اٿو ۽ اياز جي پيغام کي سمجھي پنهنجي منزل ڏانهن وڌو.ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ پنهنجي پاڻ کي سستيءَ ۽ غفلت جي ننڊ مان جاڳائجو ڇوته اها ئي وقت جي ضرورت آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. حميده ميربحر

    حميده ميربحر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2015
    تحريرون:
    14
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    73
    مهربانيون ۽ لک قرب مضمون جي ونڊ لاءِ..
     
  3. چنچل راج

    چنچل راج
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    موبائل اپليڪيشن ڊولپر
    ماڳ:
    لاهور، پاڪستان

هن صفحي کي مشهور ڪريو