سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڇو نه ٿو ملي؟

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,487
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    واگهومل ميگهواڙ

    سنڌي ٻولي قديم ٻولين مان هڪ تهذيب يافته ۽ شاهوڪار ٻولي رهي آهي. ادب، ثقافت، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رسمن جي لحاظ کان سنڌي ٻولي قديم توڙي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آهي، جنهن جي مڪمل اسڪرپٽ يعني رسم الخط آهي. سنڌي چئنل آهن، سنڌي پرنٽنگ پريسون آهن، ادبي حوالي سان سنڌي ٻولي جا نظم توڙي نثر جي هر صنف جا لکين ڪتاب آهن ۽ هر نظم ۽ نثر جي هر صنف تي قديم ۽ جديد لکڻيون موجود آهن. موسيقي جي حوالي سان سنڌي ٻولي کي 30 سُر ۽ 33 راڳڻيون آهن. ڊراما، قصا، داستان سنڌي ٻولي جي قديم روايت آهي. هن جديد زماني ۾ سنڌي ٻولي اهي سموريون خاصيون موجود آهن، جيڪي دنيا ۾ ترقي يافته ٻولين ۾ موجود آهن. سنڌي ٻولي جو مڪمل سافٽ ويئر آهي. انٽرنيٽ تي سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي پڙهي ۽ ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي ٻولي جا قاضي قاضن، ڀاڳو ڀان، شاهه ڪريم بلڙي وارو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان ويندي شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام جهڙا شاعر آهن، جنهن کي دنيا جي ڪلاسيڪل ادب جي تخليقڪارن سان ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ ڪيئي سفرناما لکيل آهن، جيڪي دنيا جي عڪاسي ڪن ٿا. تاريخي حوالي سان دنيا جي ٽن قديم تهذيبن مان هڪ مڪمل تهذيب جي سنڌي ٻولي کي حيثيت حاصل آهي، جنهن جو مثال موهن جو دڙو ۽ لاکين جو دڙو موجود آهن. هن چٽا ڀيٽي جي جديد دنيا ۾ حڪومت جي بي ڌياني باوجود اسان جا ادارا جديد دؤر جي نئين تخليقن جي ڊوڙ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. تعليمي، تحقيق، زراعت توڙي ٻين شعبن ۾ سنڌي ٻولي ترقي يافته ٻولين جي صف ۾ آهي ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي.

    جان اسٽورن ۽ مين ڊرائيڪ جي 2001ع جي هڪ سروي موجب ڏکڻ ايشيا ۾ 20 ملين ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، جن ۾ اڍائي ملين ماڻهو انڊيا جا شامل آهن. پاڪستان ۾ 14 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا ۽ پاڪستان ۾ ٽيون نمبر وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻولي آهي. ڀارت ۾ ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻولي کي پڻ قومي ٻولي جو درجو مليل آهي، جتي عربي رسم الخط ۽ ديوناگري رسم الخط ۾ لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي، سنڌي اخبارون ۽ ڪتاب پڻ شايع ٿين ٿا. پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي مادري زبان (قومي ٻولي) ۽ سرڪاري طور قرار ڏنل آهي. سنڌ ۾ 12 لک هندن جي مادري ٻولي سنڌي آهي. سنڌ کانسواءِ دنيا جي سمورن ملڪن ۾ 2,13,62000 ٻه ڪروڙ، 13 لک 62 هزار ماڻهو سنڌي ٻولي ڳالهائين ٿا، جن ۾ انڊيا، اومان، فلپائن، سينگاپور، يونائيٽيڊ ڪنگڊم، يونائيٽيڊ اسٽيٽ آف آمريڪا شامل آهن. جتي سنڌي ٻولي ڪڇي، لاڙي، لاسي، سريلي، وچولي لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. تاريخي حوالي سان اسان ڏسنداسين ته سنڌو ماٿري تي آباد دراوڙن ۽ آرين جي حملي کان اڳ ۾ پڻ سنڌي ٻولي کي ترقي يافته هئڻ جي حيثيت حاصل آهي، پر دنيا ۾ بادشاهن جي حڪمراني ۽ حملن کانپوءِ حڪمرانن جي ڪشمش ۽ تاريخ جي ورقن کي ورجائينداسين ته سنڌي ٻولي کي سڀ کان پهرئين بمبئي سرڪار سرڪيولر نمبر 1825ع جي تاريخ 6 سيپٽمبر 1851ع تي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته سنڌ ۾ سنڌي ئي سرڪاري لکپڙهه، انتظامي ڪاروباري ۽ رڪارڊ جي زبان سنڌي ٻولي ئي هوندي.

    جنهن کانپوءِ 1959ع کان سرڪاري طور سنڌ ٻولي جا ترجما ٿيا ۽ ان تي نه صرف سنڌ اسيمبلي اهڙي ڪم تي توجهه ڏيارڻ نظر ۾ رکيو پر مرڪزي برطانوي هند سرڪار جي ايڪٽ (Act) کي پڻ نظر ۾ رکي سنڌي ادب تي ڪم ڪيو. 1873ع ۾ سنڌي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا ترجما ٿيا ۽ ڇپيل هند سرڪار جي انڊين ڪانٽريڪٽ جي ناياب سنڌي ڪتابن جو ترجمو هٿ ڪيو ويو ۽ ان کي دستاويزي شاهدي طور ٻيهر شايع ڪيو ويو. انهي زماني ۾ هند سرڪار هدايت ڪئي ته سڀ آفيسر انگريز توڙي پرڏيهي ڪامورا روزمره واري سنڌي ٻولي جي ڄاڻ حاصل ڪن ۽ ان لاءِ لازمي طور سنڌي ٻولي جو امتحان پاس ڪن. ان وقت سنڌ جو انتظامي سربراهه ڪمشنر هو ۽ صوبو بمبئي هو، جنهن جو سربراهه گورنر هو.

    اهڙي صورتحال 1857ع کان وٺي 1936ع تائين رهي. بعد ۾ سنڌ بمبئي کان ڌار ٿي الڳ صوبي جي حيثيت ۾ وجود ۾ آيو، ٻنهي دورن ۾ انگريزي سان گڏ سنڌي ٻولي پڻ سنڌ ۾ دفتري ۽ انتظامي ٻولي رهي. 1859ع کان وٺي 1948ع ۽ ان کانپوءِ آزادي واري دؤر ۾ 1955ع تائين صوبائي سرڪار ٻولي جي تقاضا کي پورو ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 834 قاعده ۽ قانون سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا، جن ۾ 525 نقطا انگريزي مان سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ويا. 1859ع کان 1948ع تائين جي دؤرن ۾ 184 ۽ آخر واري دور ۾ 91 ايڪٽ (Act) سنڌي ٻولي ۾ شايع ٿيا. انگريزن جي دور ۾ هند سرڪار اهو ضروري سمجهيو ته مرڪزي قاعدن ۽ قانون کي پڻ انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو وڃي، جنهن سان صوبي ۽ مرڪز ۾ مفاهمت وڌي، جنهن جو هڪ نمايان ايڪٽ 1872ع جو سنڌي ۾ ترجمو آهي، جيڪو انگريزي ايڪٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ هڪ سال اندر ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ان وقت سرڪاري مشينري ۾ ڇپائي شروع نه ٿيڻ باوجود سنڌي ترجمي کي وڏي احتياط سان ڪاتب کان لکرائي سهڻي نموني ليٿو ڇپرايو ويو. ورهاڱي کان اڳ جي سنڌي ٻولي ۽ اڳوڻي سرڪار جي ڪارڪردگي کي مد نظر ۾ رکي موجوده حڪومت کي پڻ سنڌي ٻولي ۾ دنيا جي ادبي ڪتابن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرائڻ گهرجي. نه صرف ترجمو ڪرائڻ گهرجي پر وفاقي سطحي تي سنڌي ۽ ٻين صوبائي ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي هر ٻولي کي تهذيب، ثقافت ۽ تاريخي حوالي سان ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ان جي لاءِ سنڌ جي چونڊل ايم پي ايز، ايم اين ايز توڙي وفاقي ۽ صوبائي وزيرن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ايوانن ۾ قانون سازي ڪرائي صوبن کي احساس محرومين کان بچايو وڃي، جنهن جي لاءِ موجوده مفاهمتي واري ۽ اتحادي سرڪاري ڪم ڪري سگهي ٿي.
    ڊيلي عبرت جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو