”رياءُ“ (مختصر ڪهاڻي)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2015۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سندس ڪپڙا پراڻا هئا ۽ هن گذريل چوويھه ڪلاڪن ۾ فقط ٻه ڪلاڪ ننڊ ڪئي هئي جڏهن ته ماني جي جڳھه تي ورلڊ فوڊ پروگرام مان مليل ڪجھه بسڪيٽ کاڌا هئس، آئون هن کي گذريل هفتي کان اسان جي ڪيمپ ۾ ان حال ۾ ڏسي رهيو هوس، هو ڪنهن اداري طرفان مقرر نه هو پر رضاڪارانه طور تي ٻوڏمتاثرن جي خدمت ۾ مصروف هو.

    ان ڏينهن ترڪي جي قونصليٽ مان ڪپڙا ۽ کاڌي جو سامان آيو هو ته ڪيمپ انچارج کيس ورهائڻ لاء ڏنو، هو سڀني جي خيمن اڳيان وڃي سامان ڏيڻ لڳو پر چاچي بچل هن کان سامان وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ الزام هڻيس ته هو رياءَ کان ڪم پيو وٺي ۽ ڪيمپ جي سڀني انسانن سان هڪ جهڙو ورتاءُ نه پيو ڪري. چاچي جو الزم عجيب لڳو ڇوته هن جي خدمت تي سڄي ڪيمپ مان ڪنهن کي اعتراض نه هو، ان صورت ۾ چاچي بچل سان سڀني اختلاف ڪيو پر چاچي چيو ته ”هو ثابت ڪرڻ لاء تيار آهي“. نيٺ ڳالھه وڃي ڪيمپ انچارج تائين پهتي جنهن سڀني کي گڏ ڪيو. ان سڀني کان پڇا ڪئي پر سڀني هُن جي واکاڻ ڪئي پر پوءِ به چاچو بچل ضد تي اڙيل رهيو چئي ”آئون ثابت ڪندس ته هن لاءِ سڀ انسان برابر ناهن“. ڪيمپ انچارج کيس ثابت ڪرڻ لاء چيو ته چاچا چيو ته” اسان جڏهن ٻوڏ جي پاڻي مان بچي نڪتاسين ته اسان وٽ ڪجھه نه هو، اوهان اسان کي هتي وٺي آيا هئا اڄ اسان وٽ پائڻ لاء ڪپڙا ۽ کاڌي لاءِ ماني آهي اوهان اسان کي انسان سمجهي سڀ ڪجھه ڏنو“.

    ”پر چاچا هن ته سڀني کي هڪ جهڙو سامان ڏنو آهي پوء هن تي اهڙو الزام ڇو، هن ته ڪڏهن پيٽ ڀري کاڌو به ناهي نه ئي ڪو سٺو ڪپڙو استعمال ڪيو آهي پاڻ تڪليف سهي اوهان جي خدمت ڪئي اٿس“. ڪيمپ انچارج چاچا جي ڳالھه ڪٽيندي چيو.

    ”هائو برابر صحيح ٿا چئو“ چاچي بچل گهري مُرڪ چپن تي سجائي. ” پر هن جي نظر ۾ سڀ انسان برابر هجڻ گهرجن هو پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ٿو وساري، ڇا هي انسان ناهي جيڪر انسانيت جي خدمت ڪرڻي آهي ته شروعات پاڻ کان ڪرڻ گهرجي، پنهنجو پاڻ کي وسارڻ به هڪڙي انسان سان رياءُ آهي جيڪو اسان برداشت نه ڪنداسين“.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو