بدين :اڳوڻي گھَرووزيرڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ظلم،ڏاڍ ۽ نا انصافين خلاف منهنجي جدوجھد جاري رهندي ۽ هر وقت پنهنجو آواز بلند ڪندورهندس،مرزا فارم مورجھر تي نيشنل بينڪ آف پاڪستان آفيسرز فيڊريشن سنڌ جي صدرهوت خان ڪِيريو،جنرل سيڪريٽري سليم ڀٽو سميت ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان هن ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته بينڪ ملازمن جي جدوجھد ۾ آئون اڳيان اڳيان هوندس ۽ آئون اوهان جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو ڇوته نيشنل بينڪ هڪ قومي ادارو هئڻ سان گڏ ملڪي معيشت جو اهم ٿنب آهي. هن اداري جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائبو ۽ ملازمن جا جائز حقن ۽ آفيسرن جي ڦر لُٽ خلاف ميدان تي ايندس،هن وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن ۽ انهن جي ڪيل ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ رَت جي آخري ڦُڙي تائين ميدان تي ايندو رهندس ۽ سنڌ جو عوام جلد خوشخبري ٻڌندو،هن کان اڳ نيشنل بينڪ جو وفد بدين پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آفيسر شاهي پاران ڪيل ڪرپشن،ظلم ۽ زيادتين خلاف 25 جنوري کان نيشنل بينڪ ڪراچي جي هيڊآفيس کان پُر امن احتجاج جو سلسلو شروع ڪنداسين جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين کان سواءِ ليبر يونين ۽ نيشنل بينڪ جي هيٺين سطح جي آفيسر ۽ ملازمن سان رابطا ڪيا ويندا ۽ ڪامياب ڌرڻا هڻي ملازمن کي انصاف ڏيارينداسين . وڌيڪ خبرن لا، وزٽ ڪيو آن لائين انڊس نيوز