• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪرپٽ حڪمرانن ۽ انهن جي ڪيل ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ رَت جي آخري ڦُڙي تائين وڙهندو رهندس:ذوالفقار مر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Salma Naz
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Salma Naz

سينيئر رڪن

7dc5d6e4-ddbe-480a-bdba-435b32f34a22.jpg

بدين :اڳوڻي گھَرووزيرڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آهي ته ظلم،ڏاڍ ۽ نا انصافين خلاف منهنجي جدوجھد جاري رهندي ۽ هر وقت پنهنجو آواز بلند ڪندورهندس،مرزا فارم مورجھر تي نيشنل بينڪ آف پاڪستان آفيسرز فيڊريشن سنڌ جي صدرهوت خان ڪِيريو،جنرل سيڪريٽري سليم ڀٽو سميت ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان هن ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته بينڪ ملازمن جي جدوجھد ۾ آئون اڳيان اڳيان هوندس ۽ آئون اوهان جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو ڇوته نيشنل بينڪ هڪ قومي ادارو هئڻ سان گڏ ملڪي معيشت جو اهم ٿنب آهي. هن اداري جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائبو ۽ ملازمن جا جائز حقن ۽ آفيسرن جي ڦر لُٽ خلاف ميدان تي ايندس،هن وڌيڪ چيو ته ڪرپٽ حڪمرانن ۽ انهن جي ڪيل ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ رَت جي آخري ڦُڙي تائين ميدان تي ايندو رهندس ۽ سنڌ جو عوام جلد خوشخبري ٻڌندو،هن کان اڳ نيشنل بينڪ جو وفد بدين پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آفيسر شاهي پاران ڪيل ڪرپشن،ظلم ۽ زيادتين خلاف 25 جنوري کان نيشنل بينڪ ڪراچي جي هيڊآفيس کان پُر امن احتجاج جو سلسلو شروع ڪنداسين جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين کان سواءِ ليبر يونين ۽ نيشنل بينڪ جي هيٺين سطح جي آفيسر ۽ ملازمن سان رابطا ڪيا ويندا ۽ ڪامياب ڌرڻا هڻي ملازمن کي انصاف ڏيارينداسين .
وڌيڪ خبرن لا، وزٽ ڪيو آن لائين انڊس نيوز
 
Back
Top