عبدالقيوم سومرو
سينيئر رڪن
مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن،
مون کي سنڌ جيان تو پياري هان،
تنهنجي ذات جدا هر بات جدا جزبات جدا فڪرات جدا،
تنهنجي وک وک تي مان سجدو ڪيان ،
اڄ مونکان پڇي ٿين پردو ڪيان،
تنهنجي معصوميت جي ساک کڻان
تنهنجي ڳلڙن تان مان باک کڻان،
منهنجي من ۾ ڏاڍي اوندهه آ،
۽ دل جو سهن انڌايو آ،
مونکي پڪ نه هئي امڪان هيو،
جيئن جاتي ٿي هي قرآن ويو،
ڇو هاڻي تو ڪاليج ڇڏيو ،
مان سمجهان ٿو تو نڪرڻ به ڇڏيو،
۽ صبح جي ساڳي رستي تان گذرڻ به ڇڏيو،
مرڪڻ به ڇڏيو،
ڏس هاڻي تو سان ڪيئن ملان؟
ڪٿي بيهان تو کي ڪيئن ڏسان؟
خط تحفا گفٽون ڪيئن ڏيان؟
، ۽ دل کي وهم وڪوڙي ويا،
جيئن ڳوٺ کي فوجي گهيري ويا؟
هت نظرن جو آ ڪرفيو لڳل
هر راهه رڪيل گهٽ گهيڙ جهليل،
تنهجو گهر به ڏٺل رستو به ڏٺل،
پر ظالم پاپي رسمن جا
هر پاسي آهن نانڱ لڪيل،
اڳ ۾ تو کان ويچار وٺان ٿو
ويندي ويندي واپس ٿيان،
۽ دل ۾ ٿو ويچار ڪيان،
ما تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،
ڇو هاڻي نه ٿي ڪاليج وڃين
، ڇو سرتين کان ٿي دور رهين،
پرسار ته ٿي پرسار ته ٿي،
هل ٿورو هل هل ٿورو هل ،
مونکان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ،
پنهجي پرس کي کولي ڏس
۽ منهنجي دل کي به کولي ڏس،
جا هاڻي تو وٽ امانت آ ،
منهجي پيار جي توکي پارت آ،
مونکي اڳ ۾ ايڏي ڄاڻ نه هئي
تو مون کان ويندين ايئن کسي ،
جيئن حق سمورا ڌرتي جا،
جيئن دهشتگرد ڪراچي جا
ٿا سنڌ سڄي کان ڌار گھرن
هي رشتن جا رکوال سڀئي
ٿا تو کي مون کا ايئن ڇنن،
تو مونکان پنهجا خط ته وٺ ،
جنهن تي تنهنجو نانُ نه آ،
ڄڻ مون وٽ منهنجو هانُ نه آ،،،
هن پيار جي دشمن دنيا ۾
سڀ عادل ٿيا انصاف نه ٿيو،
هڪ پيار جو ڏوهه به معاف نه ٿيو،
۽ تو کي مون کان ڌار ڪيو،
ڄڻ ٽاري مان ڪنهن گل ڇنو،
پر تو سان جيڪو رشتو آ،
تون منهنجي آن تون مهنجي آن،
تون مونکا دور نه ٿيڻي آ،
(هي نظم ان پيار جي نانءُ جنهن جي نانءُ کي پنهنجي نانءُ سان ڳنڍڻ جي خواهش ساه جي آخري گهڙين تائين رهندي)
مون کي سنڌ جيان تو پياري هان،
تنهنجي ذات جدا هر بات جدا جزبات جدا فڪرات جدا،
تنهنجي وک وک تي مان سجدو ڪيان ،
اڄ مونکان پڇي ٿين پردو ڪيان،
تنهنجي معصوميت جي ساک کڻان
تنهنجي ڳلڙن تان مان باک کڻان،
منهنجي من ۾ ڏاڍي اوندهه آ،
۽ دل جو سهن انڌايو آ،
مونکي پڪ نه هئي امڪان هيو،
جيئن جاتي ٿي هي قرآن ويو،
ڇو هاڻي تو ڪاليج ڇڏيو ،
مان سمجهان ٿو تو نڪرڻ به ڇڏيو،
۽ صبح جي ساڳي رستي تان گذرڻ به ڇڏيو،
مرڪڻ به ڇڏيو،
ڏس هاڻي تو سان ڪيئن ملان؟
ڪٿي بيهان تو کي ڪيئن ڏسان؟
خط تحفا گفٽون ڪيئن ڏيان؟
، ۽ دل کي وهم وڪوڙي ويا،
جيئن ڳوٺ کي فوجي گهيري ويا؟
هت نظرن جو آ ڪرفيو لڳل
هر راهه رڪيل گهٽ گهيڙ جهليل،
تنهجو گهر به ڏٺل رستو به ڏٺل،
پر ظالم پاپي رسمن جا
هر پاسي آهن نانڱ لڪيل،
اڳ ۾ تو کان ويچار وٺان ٿو
ويندي ويندي واپس ٿيان،
۽ دل ۾ ٿو ويچار ڪيان،
ما تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،
ڇو هاڻي نه ٿي ڪاليج وڃين
، ڇو سرتين کان ٿي دور رهين،
پرسار ته ٿي پرسار ته ٿي،
هل ٿورو هل هل ٿورو هل ،
مونکان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ،
پنهجي پرس کي کولي ڏس
۽ منهنجي دل کي به کولي ڏس،
جا هاڻي تو وٽ امانت آ ،
منهجي پيار جي توکي پارت آ،
مونکي اڳ ۾ ايڏي ڄاڻ نه هئي
تو مون کان ويندين ايئن کسي ،
جيئن حق سمورا ڌرتي جا،
جيئن دهشتگرد ڪراچي جا
ٿا سنڌ سڄي کان ڌار گھرن
هي رشتن جا رکوال سڀئي
ٿا تو کي مون کا ايئن ڇنن،
تو مونکان پنهجا خط ته وٺ ،
جنهن تي تنهنجو نانُ نه آ،
ڄڻ مون وٽ منهنجو هانُ نه آ،،،
هن پيار جي دشمن دنيا ۾
سڀ عادل ٿيا انصاف نه ٿيو،
هڪ پيار جو ڏوهه به معاف نه ٿيو،
۽ تو کي مون کان ڌار ڪيو،
ڄڻ ٽاري مان ڪنهن گل ڇنو،
پر تو سان جيڪو رشتو آ،
تون منهنجي آن تون مهنجي آن،
تون مونکا دور نه ٿيڻي آ،
(هي نظم ان پيار جي نانءُ جنهن جي نانءُ کي پنهنجي نانءُ سان ڳنڍڻ جي خواهش ساه جي آخري گهڙين تائين رهندي)