مان ڄاڻا ٿو تون ڌاري آن

'تعارف' فورم ۾ عبدالقيوم سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2015۔

  1. عبدالقيوم سومرو

    عبدالقيوم سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    مان ڄاڻان ٿو تون ڌاري آن،
    مون کي سنڌ جيان تو پياري هان،
    تنهنجي ذات جدا هر بات جدا جزبات جدا فڪرات جدا،
    تنهنجي وک وک تي مان سجدو ڪيان ،
    اڄ مونکان پڇي ٿين پردو ڪيان،
    تنهنجي معصوميت جي ساک کڻان
    تنهنجي ڳلڙن تان مان باک کڻان،
    منهنجي من ۾ ڏاڍي اوندهه آ،
    ۽ دل جو سهن انڌايو آ،
    مونکي پڪ نه هئي امڪان هيو،
    جيئن جاتي ٿي هي قرآن ويو،
    ڇو هاڻي تو ڪاليج ڇڏيو ،
    مان سمجهان ٿو تو نڪرڻ به ڇڏيو،
    ۽ صبح جي ساڳي رستي تان گذرڻ به ڇڏيو،
    مرڪڻ به ڇڏيو،
    ڏس هاڻي تو سان ڪيئن ملان؟
    ڪٿي بيهان تو کي ڪيئن ڏسان؟
    خط تحفا گفٽون ڪيئن ڏيان؟
    ، ۽ دل کي وهم وڪوڙي ويا،
    جيئن ڳوٺ کي فوجي گهيري ويا؟
    هت نظرن جو آ ڪرفيو لڳل
    هر راهه رڪيل گهٽ گهيڙ جهليل،
    تنهجو گهر به ڏٺل رستو به ڏٺل،
    پر ظالم پاپي رسمن جا
    هر پاسي آهن نانڱ لڪيل،
    اڳ ۾ تو کان ويچار وٺان ٿو
    ويندي ويندي واپس ٿيان،
    ۽ دل ۾ ٿو ويچار ڪيان،
    ما تو کان هڪڙي ڳالهه پڇان،
    ڇو هاڻي نه ٿي ڪاليج وڃين
    ، ڇو سرتين کان ٿي دور رهين،
    پرسار ته ٿي پرسار ته ٿي،
    هل ٿورو هل هل ٿورو هل ،
    مونکان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ،
    پنهجي پرس کي کولي ڏس
    ۽ منهنجي دل کي به کولي ڏس،
    جا هاڻي تو وٽ امانت آ ،
    منهجي پيار جي توکي پارت آ،
    مونکي اڳ ۾ ايڏي ڄاڻ نه هئي
    تو مون کان ويندين ايئن کسي ،
    جيئن حق سمورا ڌرتي جا،
    جيئن دهشتگرد ڪراچي جا
    ٿا سنڌ سڄي کان ڌار گھرن
    هي رشتن جا رکوال سڀئي
    ٿا تو کي مون کا ايئن ڇنن،
    تو مونکان پنهجا خط ته وٺ ،
    جنهن تي تنهنجو نانُ نه آ،
    ڄڻ مون وٽ منهنجو هانُ نه آ،،،
    هن پيار جي دشمن دنيا ۾
    سڀ عادل ٿيا انصاف نه ٿيو،
    هڪ پيار جو ڏوهه به معاف نه ٿيو،
    ۽ تو کي مون کان ڌار ڪيو،
    ڄڻ ٽاري مان ڪنهن گل ڇنو،
    پر تو سان جيڪو رشتو آ،
    تون منهنجي آن تون مهنجي آن،
    تون مونکا دور نه ٿيڻي آ،
    (هي نظم ان پيار جي نانءُ جنهن جي نانءُ کي پنهنجي نانءُ سان ڳنڍڻ جي خواهش ساه جي آخري گهڙين تائين رهندي)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا عبدالقيوم صاحب السلام عليڪم. اوهان هن دري ۾ پنهنجي تعارف ڪرائڻ جي بجاء پنهنجي اندر جي آدهم کي شاعري جو رنگ ڏئي هت ونڍ ڪيو آهي. توهان پنهنجي تعليم ۽ مصروفيات جي باري ۾ لکندا تاڪي اسان کي اوهان جي دلچسپني جا باري ۾ خبر پئجي سگهي.
    [​IMG]
    توهان کي دل جي گهرائين سان هن محبتي ڪکائون اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون
     
  3. عبدالقيوم سومرو

    عبدالقيوم سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
     
  4. عبدالقيوم سومرو

    عبدالقيوم سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2015
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    منهنجو نالو عبدالقيوم آهي منهنجو تعلق ضلعي سجاول جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ حاجي علي محمد سومرو سان آهي
    مان ايم اي سوشالاجي آهيان
    هن وقت مان هڪ اين جي او ۾ پراجيڪٽ ڪوآرڊينيٽر طور ڪم ڪري رهيو آهيان
    منهنجو شوق ڪالم لکڻ آهي
    هن وقت تائين منهنجا ٻه ڪالم ڇپيا آهن
    1. پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻو
    2. پيشن ۽ پروفيشن
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو