جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بُک نه مرن

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏10 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هڪ دفعي ٺوڳيءَ، لوڀيءَ کي اچي، چيو ته، ”ادا، مهمان آيا آهن، ڀلائي ڪري ديڳڙو ڏينم.“ ٺوڳيءَ ٻئي ڏينهن ديڳڙي ۾، هڪ ننڍي ديڳڙي وجهي، آني ڏنس. چيائينس ته، ”ادا، تنهنجو ديڳڙو، منهنجي گهر ويامي پيو هو، اها ديڳڙي ڏنائين“.

    ٻئي دفعي، ٺوڳيءَ چيس ته، ”ادا اڄ گهڻا مهمان آيا آهن، جيڪي ديڳڙا هجن، سي ڏينم.“ لوڀيءَ ڇا ڪيو، جو گهر جا سڀ ديڳڙا ميڙي سيڙي کڻي ڏنس.

    ڪيترا مهينا گذري ويا ته ٺوڳيءَ، لوڀيءَ کي مُنهن به نه ڏيکاريو. هڪ دفعي واٽ پنڌ، ٻئي گڏجي ويا. لوڀيءَ چيس ته، ”ادا، ديڳڙا؟“ چيائين ته، ”ادا، افسوس جو تنهنجا ديڳڙا ته سڀ مري ويا.“ لوڀيءَ چيس ته، ”اهو وري ڪيئن؟“ ٺوڳيءَ چيس ته، ”ادا، جيڪڏهن ديڳڙا ويامندا آهن ته مرندا به آهن“. تنهن تي ڪنهن ٻڌي، ائين چيو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,415
    ورتل پسنديدگيون:
    736
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بُک نه مرن

    مهرباني ...................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو