اڄ جو نظم

پڪا پاڻ ٿيا هو نرمل نيارا
_______________________
ڪيا تو ڪنارا اسان کان پيارا
هجومن ۾ هاڻي ڪرين ٿو اشارا
اهي قرب تنهنجا ظلمن جيان هن
سڏيو ٿا گڏيو ٿا وڌائي مونجهارا
ائين سپ سڪ جي لئه ڏهڪاءُ ڏيو ٿا
اسي پن ڇڻ جيان ڇڻي پياسي سارا
نه دل توکان دلبر رهي آهي غافل
هر دم اوهان لئه ڀري ٿي شوڪارا
ذري جي ذيافت اوهان کان نه ٿي ٿي
اسان لئه اڃا ڀي نه ٿيا نينهن نارا
اسان وٽ اوهان جو اڃا شوق شاداب
پڪا پاڻ ٿيا هو نرمل نيارا

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top