آ ته پاڻ ۾ ڪجه ڳالهايون

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏2 جنوري 2016۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,689
    ورتل پسنديدگيون:
    2,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    آءُ ته پاڻ ۾ ڪجه ڳالهايون
    ____________________

    آءُ ته پاڻ ۾ ڪجه ڳالهايون يار گهڙي کن دل وندرايون
    سورن ۾ ڀي سانت رهون ڇو دردن کان ٿي ڇو گهٻرايون
    دنيا ساڙولي آ سائين هن جا ڪيئي ظلم ستم هن
    پنهنجو پيار پريت نرالي چاهت ۾ ٿا اهڙو چاهيون
    ڏيه ڏکيو آ ستم ظريفي پاپي پاپن ۾ آ پورو
    سورن کي آ گڏجي ساڙيون شعلا شعلا باهيون ٻاريون
    رات پهر هي پويون ٿي وئي ٿڌ ڪري آ پارو پارو
    مچ ڪچهريون گيت هلن جي گيت ٻڌي ير دل کي ٺاريون
    نيٺ ته باک ڦٽي ير پوندي ڪيسين ڪاري رات هي رهندي
    چپ ڀڪوڙيل ڀڻ ڀڻ ٿيندا ساٿ سڀن کي جي سنڀرايون
    خون ٿيا جي کاهوڙي هو تن جو روح به رمندو ايندو
    کيل خوشين جا هر هند هوندا آءُ ته جڳ پنهنجو جاڳايون


    رسول بخش دائودپوٽه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو