• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي تبصرو / محمد خان سيال / 03 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* صوبائي خودمختياري کسي وئي ته وفاق کي نقصان پهچندو: رضا رباني
**........پر گھٽ ۾ گھٽ آصف زرداريءَ جو روزگارته بند ٿي ويندو

* حيدرآباد کان ڊپورٽ ڪونه ٿيو آهيان: راحت فتح علي
** پر هت ته اردو ميڊيا آسمان مٿي تي کڻي ڏنو آهي.

* ڪراچيءَ ۾ 80 سيڪڙو امن قائم ٿيو آهي ـ وڏو وزير
** اهو خير جو ڪم اوهان کي پري رکڻ سبب ٿيو آهي

* ڊاڪٽر مالڪ وزير اعظم جي صلاحڪار ٿيڻ کان انڪار ڪيو
** پر جيڪڏهن ڪو سنڌي هجي ها ته ڊوڙي ڊوڙي اسلام آباد پهچي ها

* داعش ۾ شموليت ـ عورتون شام نه پهتيون
** ...ڪنهن ٻئي جي ور چڙهي ويون هونديون ـ

* آمريڪا ۾ بيروزگار نوجوان کي 15 ٻار پيدا ڪرڻ تي سزا
** اسان وٽ هجي ها ته جيڪر ايڏي همت تي شاباس مليس ها

* احتساب قبول آهي، پر انتقام نه: مولابخش چانديو
** پراوهان ته احتساب تي به انتقام جو ٺپو هڻي ويٺا آهيو

* ملزمن کي مريض بڻائي لڪايوسون: ڊاڪٽر عاصم جو اعترافي بيان
** اها خبر ويچاري مولابخش چانڊئي کي ڪانه هوندي
 
Back
Top