آدرش هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي

    آدرش


    جناح صاحب پنهنجو ڳاٽُ اوچو ڪري، هڪ شاعر جي خواب کي تعبير ڏيندي، پنهنجي ٽائيپ رائيٽر تي کڙ کڙ ڪري کڙڪڻو ملڪ ٺاهي ورتو.
    ملڪ ٺهڻ ۾ قتل ٿي ويل لکين مردن، زائفن ۽ ٻارن، وڇڙي ويل ڪٽنبن، زنا جو شڪار ٿي ويندڙ عورتن، لکين سڙندڙ گهرن، دڪانن ۽ بازارين ۽ اکين مان وهندڙ سمنڊ جيڏن ڳوڙهن جا انگ اکر جناح صاحب ٽائيپ نه ڪري سگهيو. اڇو پنو اڃا تائين ٽائيپ رائيٽر ۾ اٽڪيل آهي.

    ***

    هڪ نئون اسلامي ملڪ ٺهي ويو. عالمي نقشي (Globe) ۾ ان جي الڳ جاءِ جڙي وئي. قومي ترانو اهڙي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو، جيڪا ملڪ جي ماڻهن جي سمجهه کان ٻاهر آهي.
    اسلامي ملڪ جو باني اسلام آباد کان ڪوهين ڏور هو. هو سچل سرمست وانگر روزن ۽ نماز کي چڱو سمجهندو هو، پر هن جو ٻيو فهم انگريزن وارو هو. هو انگريز ماڊل هو. ٿڌو. خشڪ به وارن جي خشڪيءَ جهڙو جو هربل شئمپو هڻڻ سان به نه لهي. ڌڻي سڳوري هن کي مرڪ ئي نه ڏني هئي. هن جي شخصيت ۾ نياز نوڙت بدران آڪڙ ۽ گهمنڊ هو.
    جناح صاحب مسلسل سگريٽ پيئندڙ (Chain Smoker) هو. سگريٽ دُکائڻ مَهل جيڪا صبح جو ماچيس جي هڪ تيلي ڏنائين سو ڏنائين، باقي سمُهڻ تائين سگريٽ مان سگريٽ دکائيندو هو. سگريٽن سلهه جو سٽڪو ڏنس. ڪوئيٽا ڀرسان زيارت شهر ويو ته سندس زندگيءَ جي پڄاڻيءَ ڪنهن ڏکويل يوناني ناٽڪ وانگر ٿيس. اسٽيج جو پردو ڪري پيو.
    هن جو ڪراچيءَ ۾ ڪئين ايڪڙ زمين تي عاليشان مقبرو اڏيل آهي. چوڌاري چار سپاهي پهري تي چوويهه ڪلاڪ هوندا اٿس. گنبذ پکين کان خالي آهن.

    ***

    اسان جي اسلامي جمهوري ملڪ ۾ اسلام ۽ جمهوريت ڪتابن ۾ سُنهري اکرن ۾ لکيل آهي. اسلام جي نام نهاد ٺيڪيدارن بهشت جا خواب ڏيکاريندي، ملڪ جي ڌرتيءَ کي دوزخ بڻائي ڇڏيو.
    جمهوريت جي معنٰي نامياري ليکڪ آسڪروائيلڊ جي چواڻي ”عوام جو لَڪڻ عوامَ جي پٺيءَ تي“ آهي.

    ***

    اسان جي ملڪ جا حڪمران رڳو عيد نماز پڙهندا آهن، جيڪا ٽيلي ويزن جو فلم ڀرائڻ ۽ اخبارن جي لاءِ فوٽو ڪڍائڻ لاءِ هوندي آهي. بيشڪ! ان ڏينهن ڪئمرامين ۽ فوٽوگرافر عيد جي نماز کان محروم ٿي ويندا آهن.
    اسان جو حڪمران دهشتگردي ختم ڪرڻ، لوڊشيڊنگ جي خاتمي، انصاف ۽ مهانگائي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي. مذهبي رهنما حورن جا دلاسا ۽ چئنلس جا مالڪ ٽوپي اجرڪ وارن کان ڪميشن وٺي، هٿن ۾ لٺ ۽ ڊبڪي کڻي، وڄائي عوام کي ڀولڙي وانگر نچائيندا آهن. نچائيندي نچائيندي چوندا آهن ”صاحب کي سلام ڪر.“ عوام سلام ڪندو آهي. حڪمران ميڙاڪي وارن تماشائين کان روپيو روپيو وٺي پنهنجي کيسي ۾ وجهندو آهي.

    ***

    سنڌ ۾ هڪ سياڻو سياستدان، سياست جي ميدان ۾ پڳ ٻڌي آيو. سنڌ تڏهن هندوستان ۾ هئي. هندو اڪثريت ۾ هيا. سياڻا هيا. پاڻ ۾ ايڪو هُين. هن کي سڃاڻي ويا. سمجهي ويا ته هن مان سندن ڪو فائدو ٿيڻو ڪونهي، سو کيس ليکي ۾ ئي نه آندائون.
    هن دال ڳرندي نه ڏٺي سو هانوَ جي باھ کان اوڻيهه سئو چاليهه عيسويءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڌار ملڪ ”پاڪستان“ ٺهڻ جي قرارداد پاس ڪرايائين. پاڻ کي جناح صاحب اڳيان سرخرو ڪرايائين. جناح صاحب هن کي پنهنجو سمجهي (GOOD BOOKS) ۾ آڻي ڇڏيو.
    سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمان دانشورن، عالمن، ليکڪن ۽ مُدبر سياستدانن، هن جي ان تڪڙي عمل کي سٺين نظرن سان ڪونه ڏٺو، جو اها واٽ هنن کي اڻانگي نظر آئي. ان ڪري جو ان ٺهراءَ سان هندوستان ۾ رهندڙ محبتي بدلجي مسلمان، هندو ۽ سک بڻجي ويا.
    سنڌ ۾ مسلم ليگ جو داٻو ڪونه هو. هن ڪُنو گرم ڪرڻ لاءِ سکر ۾ مسجد منزل گاھ جي باهه ٻاري ته هندو-مسلم فسادن جي مَشعل ٻري پئي. ان جي باھ ۾ ڪيئي هندو مسلمان اچي ويا. ان باھ ۾ شڪارپور جو هڪ مدبر هيرو به اچي ويو.

    ***

    شڪارپور ۾ سکر ماڻهو رهندا هيا. لٽي ڪپڙي ۾ سٺي پوشاڪ ته کاڌي پيتي ۾ به وسان نه گهٽائيندا هيا.
    شام جي پهر ۾ سينگاريل بگي گهوڙي تي چڙهي شهر جو چڪر چاڙي ڏيندا هيا. شهر ٻرندو هو. خوشبو سان واسيل هوندو هو. هاڻي اهڙو دونهاٽيل آهي ڄڻ احتجاج ڪندڙن ٽائر ساڙيا هجن.
    ٽيپهريءَ مهل، سنڌ جو اڳوڻو وزيراعليٰ الله بخش سومرو صاحب، اڇي وڳي مٿان ڪاري واسڪوٽي پائي، گهران نڪري اوطاق ۾ آيو. اوطاق ۾ ميلو متل هو. سڀني سان کيڪر ڪري، خير عافيت پڇندو، پنهنجي دل گهرين سنگتين سردارغلام رسول جهلڻ ۽ وڏيري نبي بخش ڦلپوٽي سان ڀاڪر پائي ملي، هنن کي هٿن ۾ هٿ ڏئي، اوطاق کان ٻاهر وٺي آيو.
    اوطاق ٻاهران سينگاريل بگي گهوڙو تيار بيٺو هو. الله بخش صاحب اڳئين سيٽ تي چڙهي ويٺو. هن جا ٻئي سنگتي پوئين سيٽ تي ويٺا، بگي هلائيندڙ بسم الله ڪري، بگيءَ جي پيرن رکڻ وارن هنڌ ادب سان ويهي، گهوڙي کي هلڪو هٿ هڻي چوڻ لڳو: ”هل! بابل هل.“
    ٽيئي دوست پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. ڳالهين جو ڳوٺ ٻڌجي ويو. هاٿي در کان هليا. سٽي ڪورٽ ۽ نيوفوجداري ٽپيا، بيگاريءَ کان ٿورو اورتي، جتي هاڻي اسلام جو هڪ شاهي مدرسو اڏجي ويو آهي. پهتا ته هڪ وڻ جي اوٽ ۾ لڪل همراھ فائر ڪيو. گولي پويان ويٺل وڏيري نبي بخش ڦلپوٽي کي چمائو ڪري، بگيءَ ۾لڳي. گولي هلائيندڙ اهو سمجهي فائر ڪيو ته الله بخش صاحب پويان ويٺل هوندو. هن جي نظر پوءِ پئي ته هو اڳيان ويٺل آهي، سو هو ڊُڪيو ۽ اڳيان وڃي سڌا فائر ڪيائين ته الله بخش صاحب ان گهڙيءَ شهادت جو رتبو ماڻي ورتو.

    ***

    جناح صاحب ڏاڍو ذهين سياستدان هو. سنڌ جي سياستدان جا اهڙا پرڪار ڏٺائين ۽ سانڊي وانگر رنگ مٽائيندي ڏٺائين. سوچيائين ته اڳتي هلي هيءُ ته ڳچيءَ ۾ پوندو، سو جناح صاحب پنهنجي (Good Books) مان هن جو نانءَ لکيل وارو پنو ڪڍي، ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏيو.

    ***

    نئون ملڪ ٺهي ويو. سنڌ جو سياستدان ڊهي پيو. هن کي ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيو. هن جنهن ان ملڪ ٺهڻ جي پهرئين قرارداد پاس ڪرائي هئي، سو ملڪ جو ئي ناڪاري ٿي بيهي رهيو.
    هن جي نون، غلط نعرن ۽ نئين جهنڊي جي ڪهاڙيءَ ۾ هن جي پيروڪار ڳڀرن جون ڳچيون آيون. هزارين ڪونڌر بي گناھ ڪسجي ويا. اڃا تائين رت جو درياءُ وهندو ٿو رهي.

    ***

    ضيا الحق جي ڪاري دؤر ۾ سياسي جلسن جلوسن مٿان گولين جي برسات هئي. ان ڪري ماٺ هئي. هو شڪارپور آيو. شهيد الله بخش جي تربت تي وڃي دعا گهري. هن پوءِ نئون پليٽ فارم جلسن لاءِ ٺاهي ورتو. شهيد الله بخش جي نالي ۾ ورسيون ملهائڻ شروع ٿي ويون. هن جي عطا ٿيل لقب واري ”شريف النفس“ کي ڏندين آڱريون اچي ويون.

    ***

    شهيد الله بخش سومري کان پوءِ هن جو مرُبي ڀاءُ حاجي مولا بخش سومرو ۽ شهيد جو پٽ رحيم بخش سومرو سياست جي گهوڙي جا سوار ٿيا. ٻئي وزيرن جي عهدن تي پڻ فائز رهيا.
    حاجي مولا بخش هڪ ڌيرج وارو ۽ داناءُ شخص هو ۽ سياست جي گهوڙي جون واڳون پڪيون ۽ پختيون سنڀاليائين. اوڻيهه سئو ستر عيسويءَ ۾ اليڪشن ٿي. پاڪستان پيپلز پارٽي طوفان وانگر سڄي ملڪ تي ڇانيل هئي. عوام ڀٽي صاحب جي جادوءَ ۾ جڪڙيل هيو. شڪارپور ۾ ان طوفان ۽ جادوءَ کي حاجي مولا بخش هٿ ڏئي ٽوڙي ڇڏيو. حاجي صاحب آزاد اميدوار هو. آغا غلام نبي پٺاڻ پي پي پي جو اميدوار هئڻ سان گڏ ڀٽي صاحب جو سڄو هٿ پڻ هو، پر هن کي شڪست آئي. چونڊ نشان ”ڏاند گاڏي“ جي ڦيٿن هيٺان ”تلوار“ اچي وئي ۽ حاجي مولا بخش کٽي آيو خير سان.

    ***

    حاجي مولا بخش سياڻو سياستدان هو. هڪ ڀيري هن ڀٽي صاحب کي هڪ ڏاڍو سٺو چيو هو ته ” ڀٽا صاحب! اسان جو ملڪ اهڙو غير فطري ٺهيل آهي جو ڌڻي سڳورو به ان کي نه هلائي سگهندو.“

    ***

    حاجي مولا بخش هڪ هوشيار حاذق حڪيم پڻ هو. مريضن جي نبض تي هٿ رکندي ئي مرض جي پروڙ پئجي ويندي هيس. هو قوت-باه جا ڪُشتا ٺاهيندو هو، جو کدڙو کائي ته به مڙس ماڻهو ٿي وڃي. اسي سالن جو ڪراڙو ڪشتو کائي، رات گهر واريءَ سان گذاري ته صبح جو مائيءَ کي مٿي تي ڀينڊي ٻڌل هوندي.

    ***

    حاجي مولا بخش جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس فرزند ارجمند الاهي بخش سومرو صاحب ۽ افتخار احمد سومرو سياست جي سيج تي ويٺا. والد محترم وانگر ايوان حڪومت ۾ وزير ڪبير رهيا، پر شهر ۽ شهر واسين جي ڪم لاءِ صغير ئي رهيا.

    ***

    سومرا صاحبان ڏاڍا شريف، ملڻا جلڻا، آئي جو آڌار، ڏوهارين کي پادر، رشوت ۽ ڀُڏن ڪمن کان پري (UP RIGHT MEN) سياستدان رهيا آهن.
    وزير جي ڪرسيءَ هوندي، ڪا فوشر ۽ نمائش نه ڪندا هيا. ڳوٺ سادگيءَ سان ايندا. ڏھ ڏھ پوليس جون گاڏيون، سوين لاٺڙين جون گاڏيون، اڳيان پويان ڪونه هونديون هُين. ماٺ جي وچ ۾ ايندا. سانت جو سنئون رستو وٺي هليا ويندا. ڪم کان آڱوٺو.

    ***

    تن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن الاهي بخش سومرو صاحب، قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر هو. هو مون کي پرڪشش ۽ ( Old Handsome Man) لڳندو هو.
    جمعي جو ڏينهن هو. مان ڪنهن ڪم سانگي هاٿي در کان اچان پيو. سومرن جي بنگلي ”ساعت سراءِ سومرا“ جي ويجهو پهتم. ڏٺم ته الاهي بخش صاحب اڪيلي سر ڏاڪڻ تان پئي لٿو، سٿڻ قميص ۽ ناسي بنا ٻانهن وارو سئيٽر پيا هجنس. مٿي تي سادي نماز واري اڇي ٽوپي ۽ پيرن ۾ ٻن پٽين واري چپل پاتل هيس.
    روڊ تي سامهون هڪ گڏھ گاڏي وارو، گڏهه کي ڊڪايون پيو اچي. الاهي بخش صاحب جيئن ئي روڊ ڪراس ڪرڻ لڳو ته گڏھ گاڏو هلائيندڙ، گوڏ ۽ جُتي پاتل، رڙ ڪندي چيس: ” او ڪراڙا! پري سري وڃ. ڏسين نه ٿو جهاز پيو اچي. گهر وارن مان ڪڪ آن ڇا جو وچ روڊ تي پيو اچين.“
    الاهي بخش صاحب هڪ دم پوئتي هٽي ويو ۽ هن جي گفتي تي مرڪڻ لڳو.

    ***

    مان سوچڻ لڳم ته شڪارپور جي سياست ۾ هنن جو ڪيڏو نه ڌاڪو ڄميل هو. ڪنهن ٻاهرئين ماڻهوءَ ۾ سگهه نه هئي جو شهر ڏانهن ميري اک کڻي نهاري.
    جيڪڏهن هن پنهنجن گڻن وانگر شهر ۽ شهر واسين جي ڪم اچن ها. گڻائتا ڪم ڪن ها. اوکيءَ ويل ”تون ئي تون“ ٿين ها. ڀرجهلو ٿين ها ته نه شهر کنڊر بڻجي ها، نه ئي اسان اڄ نڌڻڪا هجون ها.
    هنن برابر پاڻ ڏي آيل جي آجيان ڪئي. مانُ ڏنو، ڪم نه ڪيو. ڪا دل جاءِ نه ڏني ته شهر واسين به پويان پير ڪيا. هي به هٿ ڪڍي ويا. شهر بگهڙن جي حوالي ٿي ويو. اسان شهري رڍون بڻجي وياسون. جعفر به ڪونه بچيو، جيڪو رڙ ڪري چوي: ”بگهـڙ ڙي! بگهڙ“

    ***

    سنڌ جي ٻن شهرن ڪراچي ۽ شڪارپور ۾ دروازا هيا. ڪراچيءَ ۾ مٺو در ۽ کارو در، شڪارپور ۾ لکي در، هاٿي در، سوي در، هزاري در، خانپوري در، ڪرن در، واڳڻو در ۽ نوشهرو در، اهي اٺ دروازا شهر جي چوڌاري هوندا هيا. رات جو بند ٿي ويندا هيا.
    دروازن کان سواءِ هڪ دري هوندي هئي. اها گورنر صديق خان ٺهرائي هئي. هن پنهنجي ماڙي ٺهرائي هئي ۽ ان جي ڀرسان هن اها دري پنهنجي اَويلي وقت اچ وڃ لاءِ ٺهرائي هئي ڇو ته اٺ دروازا سانجهيءَ مهل بند ڪيا ويندا هيا ۽ پرھ ڦٽيءَ جو کوليا ويندا هيا. هو اويل سويل ايندو ويندو هو. سوان ڪري ان دري ٺهرائي هئي.
    صديق خان مري ويو. هو گورنر هو پر قبرستان ۾ ڪوبه عهدو نه هوندو آهي. بادشاھ ۽ فقير، ولي ۽ موالي سڀ هڪ جهڙا هوندا آهن. ماڙي به ڪڏهوڪو پٽ ٿي وئي پر نالو اڄ به زنده آهي. صديق ماڙي.
    صديق ماڙي هڪ وڏو محلو آهي. سومرا، ميمڻ، شيخ ۽ سما وغيره پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ رهندا آهن. اتي وينجهر سومرا آباد آهن. سونارڪي ڪرت ڪري وينجهر سڏبا آهن. هاڻي ايڪڙ ٻيڪڙ اهو ڪم ڪري ٿو، باقي سڀ ئي سرڪاري ڪرسين تي ۽ ڪن ٻين ڌنڌن ڌاڙين ۾ رڌل آهن.
    جڏهن شڪارپور هندوستان جي نقشي ۾ هو. هڪ صدي اڳ حاجي عبدالرسول سومرو وينجهر هو. سونارو هو. هو مائيءَ کي ڳچيءَ ۾ پاتل هار ڏسي ٻڌائي سگهندو هو ته هن ۾ نج سون گهڻو آهي ۽ ڦيٽ ڪيترو آهي.
    حاجي عبدالرسول صاحب کي چار فرزند عطا ٿيا. برڪت علي، لطف علي، ممتاز علي ۽ امداد علي. برڪت علي صاحب کان سواءِ ٽيئي پٽ سونارا ٿيا. اهي اهڙا سيبتا هيا جو هنن جو ٺاهيل جهمڪيون ڪا ڪنواري ڪنيا، ڇنڇر تي ڪنن ۾ پائي ته خير سان آچر تي ڪنوار بڻجي، ڳاڙهي گهوٽ سان، گهوڙي چڙهي ساهرين گهر وڃي.

    ***

    صديق ماڙيءَ ۾ پرائمريءَ اسڪول ”شيدڪي کوهي“ هوندو هو. اهو اسڪول ۽ پرائمري اسڪول اردو سٽي شاندار اسڪول هيا. ڏسڻ وٽان عمارتون آهن. اهي عمارتون هڪ اردو اسپيڪنگ مائي ۽ هڪ ڪاڪي طرفان سرڪار کي عطيي طور ڏنل هيون. ڪجهه خبيث ماڻهن جو من ميرو ٿيو. ميري اک ڪري، ڳٺ جوڙ ڪري مائي ۽ ڪاڪي کان پنهنجي نالي ڪرايائون. سرڪار کان خالي ڪرائڻ ڏاڍو سئولو آهي، ڇڙو نورجهان جي گاني وانگر ”مينو نوٽ دکا، ميرا موڊ بڻي.“
    سنڌ سرڪار ته ٻِڪي جي کوڙي وانگر ڏاڍي سؤلي. تعليم کاتي ۾ سنڌ…سنڌ ڪندڙ، سنڌ جو درد رکندڙ سيڪريٽري هجي.
    شڪارپور مان همراهن ڪراچيءَ وڃي ٺڪاءُ ڪيو. نوٽن جي هڙ ڏنائون. چپٽي وڄائيندي اسڪول خالي ڪرائڻ جو آرڊر ٿي ويو. شڪارپور جي تعليمي بالا عملدارن کي به خوش ڪيو ويو. هنن اسڪول جو فرنيچر برسات ۾ ٽپڙ کڻڻ وانگر، ٻين اسڪولن ۾ رکرائي، اک ڇنڀ ۾ مالڪن کي اسڪول قبضي ۾ ڏنو. دير ئي نه ٿي، اسڪول جا بورڊ پٽجي ويا. گهر ڌڻين جي نالن جون تختيون لڳي ويون. اڌ صديءَ کان انهن عمارتن ۾ علم جي ٻرندڙ ڏيئن کي جهٽ گهڙيءَ ۾ ڦوڪ ڏئي وسايو ويو.

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي
    ڀرجي وئي منهنجي جهولي
    سنڌ جو مان، سنڌ جو شان،
    اول پئسو، پوءِ ايمانُ.

    ***

    شيدڪي کوهي اسڪول ۾ لطف عليءَ جو فرزند شجاعت علي، ممتاز عليءَ جو فرزند امتياز علي ۽ امداد عليءَ جو فرزند امجد علي مون سان گڏ پرائمري درجا گڏ پڙهيا ۽ هاءِ اسڪول ۾ به مئٽرڪ تائين ڪلاس فيلو ٿي رهيا.
    برڪت علي صاحب جو فرزند شفقت علي گڏ پڙهيو ته ڪونه پر ڪڙهيو ضرور. هن ۽ مون اوڻيهه سئو پنجهتر ۾ هڪ ٻئي سان هٿ ملايو ته اڃا تائين هٿ ۾ هٿ ۾ آهي. ادب جا شاهراھ تي گڏجي پنڌ ڪندا آهيون.
    شفقت سومرو وڏي تخليقي سگهه جو مالڪ آهي. هن عالي شان نظم لکيا آهن. هن جو هڪ ننڍڙو نظم ”ماڪ“ جي عنوان سان آهي.

    ماڪَ
    ٿڪل رات جو
    پگهر آهي

    ***

    شفقت سومرو صحافت جي دنيا ۾ ويو. ”عوامي آواز“، ”الوحيد“، ”سمبارا“، ”دي نيوز“ ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌ جي پهرئين نيوز چئنل جي پهرئين پروگرام مئنيجر جي حيثيت سان هن پنهنجي صلاحيتن سان، چئنل کي هلايو ۽ اوج تي پهچائي ڇڏيو. اڄڪلهه هڪ نيوز ايجنسي پي پي آءِ ۾ نيوز ايڊيٽر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي.

    ***

    برڪت علي سونارو نه ٿيو پر هڪ وڏو چترڪار بڻجي ويو. پهريائين اسڪول پڙهندي، ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ هن کي راڳ جو جارُ جاڳيو. هڪ دم هارمونيم ۽ طبلن جي جوڙي وٺي آيو. هن جي والد محترم اهي شيون ڏٺيون ته کيس چيائين : ” پٽ! اسان جو نيڪ صالح گهراڻو. مان به حاجي صاحب سڏجان. اوڙي پاڙي ۾ اسانجي شرافت جي هاڪ آهي. سو ان گهر ۾ طبلا وڄن ۽ ڇير ڇمڪي، اها ڳالهه ٺهي ڪونه ٿي.“ والد جي ان ڳالهه، هن جي دل تي اثر ڇڏيو. ان مهل طبلو ۽ هارمونيم پنهنجي استاد کي ڏئي آيو.
    برڪت عليءَ جي من ۾ آرٽسٽ لڪل هو. سو ڪاڏي وڃي؟ اهو لڪل آرٽسٽ ڪر موڙي جاڳي پيو. هن جي دل ۾ چترڪاريءَ درُ ٺاهيو. اسڪول ۾ هڪ تمام سٺو هندو ڊرائنگ ماستر هو، تنهن هن جي مٿي تي شفقت ۽ محبت جو هٿ گهمايو. هن کي پهريون سبق اهو ڏنائين ته : ” پٽ! گهر ۾ گلاسُ پاڻيءَ جو ڀري، ڀت تي هٿ سان ڇنڊا هڻ. پوءِ ان ڀتي کي ڏس، انهن ڇنڊن هجڻ ۾ تکي جيڪا شئيءِ نظر اچي سا ٺاھ. وڻ نظر اچئي، عورت نظر اچئي، جيڪي ڪجهه توکي سمجهه ۾ اچي سو ٺاھ.“

    ***

    ان زماني ۾ اسڪولن ۾ ڊرائنگ استاد وڏا ڄاڻو ۽ عاليشان چترڪار هوندا هيا. بورڊ تي چاڪ سان چنڊ ٺاهين ته ڪلاس ۾ چانڊوڪي ٿي وڃي.
    گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ سائين صدرالدين ڏهر ڊرائنگ جو استاد هو. پر ڇا ته اعليٰ چترڪار هو. هن هڪ ڪراڙي زائفان جو پورٽريٽ ٺاهيو هو. اسڪول جي ڊرائنگ هال ۾ لڳلُ هو. مون اُهو ٽيهه سال اڳ ڏٺو هو. پر اڄ به منهنجي اکين ۾ ٽنگيل آهي.
    گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 02، جنهن کي اسان قبن وارو اسڪول سڏيندا آهيون، ان جي عالي شان عمارت اهڙي آهي ڄڻ تاج محل هجي.
    ان اسڪول ۾ سائين الله وڌايو هڪڙو ڊرائنگ استاد هو. هن ڪلاس ۾ چاڪ سان هڪ ايڏو سهڻو بدنو ٺاهيو، جيڪو ڄڻ ان گهڙيءَ صاف پاڻيءَ سان ڀرجي ويو.
    ان اسڪول ۾ سنڌ جو مشهرو چترڪار دارا ابڙو پڻ ڊرائنگ استاد ٿي رهيو آهي. سائين صدر الدين ڪراچيءَ ۾ رهي پيو. سائين الهه وڌايو هڪڙو ڇهه مهينا اڳ گوڏ ۽ ڦتيءَ ۾ شهر ۾ ڪسمپرسيءَ واري حالت ۾ گهمندو هو. هاڻي ديد هلي وئي اٿس ۽ گهر ۾ هڪ کٽ تي پيو هوندو آهي. پبلو پڪاسو ۽ ايلسلواڊور ڊالي جهڙن اسانجي چترڪارن جو ڪم به مينهن جي ڪکن پنن وانگر لڙهي ويو ته حياتي به ڪنهن شاعر جي سٽن وانگر گذري:
    ”درد کي ابتو به لکيم، سبتو به لکيم، درد درد ئي رهيو.“

    ***

    برڪت علي ڊرائنگ جي امتحان ۾ ويٺو. امتحاني ڪاپيون بمبئي بورڊ ڏانهن ويون. بمبئي بورڊ وارن ڪاپيون جاچي، اسڪول جي هيڊ ماستر صاحب ڏانهن ليٽر اماڻيو ته ” جن ڇوڪرن امتحان ڏنو آهي. تن کان ڪو چتر يا ماڊل ٺهرايو. هفتي کان پوءِ بورڊ پاران ٽيم ايندي، ڇوڪرن جون ٺاهيل شيون ڏسي، رزلٽ ڪڍندي.“
    بمبئيءَ بورڊ پاران هفتو گذرڻ کانپوءِ ٽيم آئي. هيڊ ماستر صاحب کين ڊرائنگ هال ڏانهن وٺي وڃڻ لڳو. ورانڊي جي پڇاڙيءَ ۾ جتي ڊرائنگ هال هو. اُتي هڪ پٽڪي سان، تارازيءَ ۾ تور ڪندي هڪ اڌ وهيءَ جو، رک جهڙن مڇن سان همراھ ان ٽيم کي نظر آيو. هنن کي عجب لڳو ته اسڪول ۾ هيڊ ماستر صاحب هٽ کولائي رکيو آهي. هيڊ ماستر صاحب هنن جو رخ رواج سمجهي ويو سو چوڻ لڳن ”سائين! توهان هلي هن سان ملو ته سهي پوءِ ان مسئلي تي ڳالهايون ٿا.“
    اُهي جڏهن ان هٽ واري همراھ وٽ پهتا ته دنگ رهجي ويا. اهو هڪ ماڊل هو جيڪو برڪت علي ٺاهيو هو.
    برڪت علي سڄي بمبئيءَ بورڊ ۾ پهريون نمبر آيو. هن جو چترڪاريءَ جو ڪم جاري رهيو. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ هو نوڪريءَ ۾ لڳو. تپيدار ٿيو. سپروائيزنگ تپيدار ٿي رٽائرڊ ٿيو. ٽي شاديون ڪيائين. گنج اولاد اٿس.

    عوامي آواز ميگ 3 جنوري 2016ع

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هيڏا هاڃا ٿيا.....
    پر پوء به رهبري جو راڳ تي زور..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    304
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    آدرش جي لکڻ جو انداز تمام سٺو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو