مست
سينيئر رڪن
هڪ ڀيري مون جهڙي ڪنهن مست کي جن ۽ ديون کي وس ۾ ڪرڻ جو شوق ٿيو۔۔۔ ڏاڍا ڏس ڪيائين ڪو فائدو نه ٿيس۔۔
هڪ هنڌان ۡخبر پيس ته سنڌ جي فلاڻي شهر ۾ ڪاڪي آچار نالي هڪ بزرگ رهي ٿو ان کي جن وس ۾ ڪرڻ جو ڪم اچي ٿو۔۔
بس همراهه دير ئي نه ڪئي، ڪشالا ڪڍي اچي سنڌ ۾ پهتو، ڪاڪي آچار جي در تي اچي ديرو لاهي ويهي رهيو۔ ڪاڪي آچار کي مقصد جي ڳالهه ڪيائين۔۔۔ ڪاڪي پهرين ته ڏاڍو منع ڪيس پر جڏهن همراهه صفا لاهي پاهي بيٺو ته ڪاڪي آچار جواب ڏنس۔۔؛ پُٽ ڏس! ڪم ۡخطري وارو اٿئي۔۔۔ اهي جن اصل ڊڍڙو هوندا آهن، انهن کي هميشه ڪم ۾ مصروف رکڻو پوندو آهي، ڇو ته اهي حڪم بجا آڻڻ جا ماهر آهن پر جيڪڏهن هڪ منٽ به کين ڪم نه مليو ته پوءِ اهي آدم بو۔۔۔ آدم بو۔۔۔ ڪندي مالڪ کي کائيندي دير نه ڪندا۔۔ ڇا تون اهو ڪم ڪري سگهندي۔۔؟
همراهه کي هيو لالچ جو ڀوت سوار۔۔۔ سو مڙئي ها ڪيائين۔۔۔ پوءِ ڪاڪي آچار ڏس ڏنس ته وڃي ڪارونجهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي عمل ڪر۔۔۔
همراهه چاليهه ڏينهن عمل ڪيو۔۔۔ جن اچي حاضر ٿيس۔۔۔ چيائينس حڪم آقا۔۔۔
مالڪ چيس۔۔ منهنجي لاءِ محل تيار ڪر۔۔۔
جن تعميل ڪئي۔۔۔ وري چيائينس حڪم آقا۔۔۔
مالڪ چيس ۔۔ وڃ هن محل کي قسمين قسمين جي سامان سان سينگار۔۔۔ رنگ روپ ڪرينس۔۔
جن تعميل ڪئي۔۔۔ وري چيائينس حڪم آقا۔۔۔
مالڪ چيس۔۔۔ هاڻي خوبصورت پرين سان هن محل کي ڀري ڇڏ۔۔۔۔ تعميل ٿي۔۔۔
نيٺ اهو وقت آيو جو مالڪ وٽ حڪم ڪرڻ لاءِ ڪو آپشن نه بچيو۔۔۔
جن هاڻي ته صفا ڪڍ پئجي ويس۔۔۔ مالڪ ڪئين به ڪري بچائيندو، ٿڙندو ٿاٻڙندو اچي ڪاڪي آچار جي در تي پهتو۔۔۔
ڪاڪي آچار کي سڄو قصو ٻڌايائين۔۔۔ ڪاڪي آچار پهرين ته چيس۔۔ مان نه توکي چيو هو ته هي ڪم ڏکيو آهي وري تو اها ڳالهه ڇو نه ٻڌي۔۔۔ همراهه منٿون ڪرڻ لڳس۔۔۔
مٿان جن به آدم بو۔۔۔ آدم بو ڪندو اچي پهتو۔۔۔ اچي چيائينس۔۔ مونکي ڪم ٻڌاءِ نه ته توکي کائي ويندس۔
ڪاڪي آچار هڪ ڪتو ڪن مان جهلي همراهه کي ڏنو، هاڻي چيائينس ته هن جن کي حڪم ڏي ته هن جو پڇ سڌو ڪري۔۔۔
همراهه جن کي حڪم ڏنو۔۔۔ جن تعميل شروع ڪئي ۔۔
هڪ ڀيرو پڇ سڌو ڪيائين ۔۔۔ وري ٽيڙهو ٿي ويو
ٻيو چڪر پڇ سڌو ڪيائين وري ٽيڙهو۔۔۔
نيٺ حڪم جي تعميل ڪندي ڪندي جن جهونو ٿي ويو پر ڪتي جو پڇ ساڳئي جو ساڳو۔۔۔ ۽ جن ويچارو توبهه ڪري ڀڄي ويو
مالڪ اهيو چئي محل تي راڄ ڪرڻ لڳو، هئي ڙي ڪاڪا آچار تنهنجو عقل، نه ته مان ته اصل مري کپي وڃان ها ۔
راز جي ڳالهه آهي ۔۔ پنهنجي حڪومت ڪاڪو آچار بڻجي جن (يعني عوام) کي ايئن ئي هيڏانهن هوڏانهن جي ڪمن ۾ مصروف رکندي پئي اچي۔۔