اختر حفيظ اياز ۽ اياز کان پوءِ

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اياز ۽ اياز کان پوءِ

    اختر حفيظ

    سنڌي شاعري جي حوالي سان بحث مباحثو ڪا نئين ڳالهه ناهي بلڪه اهو ڏهاڪن کان جاري آهي ۽ ايندڙ وقت ۾ به جاري رهندو. ڪجهه وقت کان هاڻوڪي ٽهي جا شاعر هڪٻئي کان اڳرا ٿيڻ جي جنهن ڊوڙ ۾ لڳل آهن، انهن کي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته اهي شاعر نه هجن بلڪه ڊوڙ جي ميدان ۾ لٿل گهوڙا آهن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ پهريون نمبر اچڻ چاهين ٿا. جنهن به شاعر جو انٽرويو پڙهو ته انهي کي سنڌي شاعري کان اها ئي شڪايت آهي ته سنڌ ۾ 90 سيڪڙو شاعري ردي ٿي رهي آهي، باقي 10 سيڪڙو سٺا شاعر آهن ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته اها ڳالهه ڪندڙ هر شاعر پاڻ کي 10 سيڪڙو وارن چڱن شاعرن ۾ شامل ڪري ٿو. پر ڪوبه پاڻ کي انهن شاعرن جي صف ۾ بيهارڻ لا تيار ناهي جيڪي گند لکي رهيا آهن.
    مون کي حيرت ٿيندي آهي ته انهن کي اهو ڪنهن چئي ڇڏيو آهي ته غزل يا نظم لکڻ جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو بس شاعر ٿي پيو. بلڪه شاعري جون ٻيون به ڪيتريون ئي گهرجون هونديون آهن، جن کي جيڪڏهن پورو نه ڪيو وڃي ته شاعر ٿيڻ ممڪن ناهي. ان کان سوا اها ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته ماڻهو يا ته شاعر هوندو آهي يا شاعر ناهي هوندو. شاعري ڪو رازڪو يا درزڪو ڌنڌو ناهي جنهن کي هڪ مهيني ۾ سکي ماڻهو ڀڙ ٿي وڃي. بلڪه اهو هڪ تخليقي عمل آهي، هڪ اهڙو ميوو آهي جيڪو انهي جي جهولي ۾ اچي ڪرندو جيڪو انهي جو حقدار هوندو. توهين ڪنهن به سٺي شاعر کان ٻانهن ۾ ڌاڳو ٻڌرائي شاعر نٿا سگهو، ڪوبه توهان کي شاعري ڪرڻ نٿو سيکاري سگهي. اسان وٽ ڇا ٿيندو رهيو آهي، انهي کي به جاچڻ جي ضرورت آهي. سنڌي شاعري ۾ ٻه وڏا دور رهيا آهن. جن سنڌي ادب تي وڏا اثر ڇڏيا آهن. هڪ آهي شاهه لطيف وارو دور ۽ ٻيو آهي شيخ اياز وارو دور. شاهه لطيف، جنهن سنڌي ٻولي کي شاعري وسيلي هڪ نئون جيئندان ڏنو، جنهن پنهنجي تخيل جي اڏام وسيلي اهڙا ڪردار خلقيا جيڪي ڀلي کڻي عام ماڻهو هئا پر انهن جا آدرش معمولي نه هئا، انهن جا ڪردار ارڏا ۽ مهانتا وارا هئا. هڪ ئي ماڻهو هو جنهن فارسي ٻولي کي ٿڏي سنڌي ٻولي ۾ شاعري ڪري سموري دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته اسان جي سنڌي ٻولي ڪا معمولي ٻولي ناهي، بلڪه انهي ۾ بيت لکي هن ان کي نئين تازگي ڏني، نئون اتساهه بخشيو ۽ اهو سلسلو صدين تائين هلندو رهندو. ان کان پو جيڪو دور آهي، اهو آهي اياز جي جديد سنڌي شاعري وارو دور. جنهن ۾ هن ايڏو ته لکيو جو ڪنهن ٻئي شاعر ناهي لکيو. اياز پنهنجي دور جو هڪ اهڙو قدآوار شاعر آهي جنهن کي ڇهڻ لا اسان جي ڪيترن ئي شاعرن ڪوشش ڪئي پر اهي ناڪام رهيا. انهن اياز کي ننڍو ڪري پاڻ کي وڏو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهي ۾ به اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. انهن کان الائي ڇو اها ڳالهه وسري وئي ته اياز هڪ "فنامنا" آهي. هن هڪ شاعر کان هڪ عهد تائين جيڪو سفر طئي ڪيو آهي، اهو ڪو هڪ ٻه شعر لکي يا ڪنهن ماڻهو جي خوشامد ڪرڻ لا شاعري ڪري نه ماڻيو آهي. بلڪه انهي لا هن ڪيترو ڪجهه سٺو آهي، اهو سڀڪجهه هو پنهنجي حياتي ۾ ئي لکي ويو آهي. جنهن کي پڙهڻ ۽ پرکڻ جي ضرورت آهي.
    سنڌ ۾ ته هڪ دور اهو به رهيو آهي، جنهن ۾ ڪن ماڻهن ته اياز جي ضد ۾ شاعري شروع ڪئي پر وقت گذرڻ سان اهي ڌوڙ ٿي ويا ۽ اڄ جيڪڏهن ڪو بچيو آهي ته اهو اياز آهي. اياز ڇو اڄ هر پوڙهي توڙي نوجوان جي دلين تي راڄ ڪري ٿو.، ڇو هن جو نالو ٻڌي اهي دشمن جي ڪئمپ ۾ ملهايل شام ۾ به هليا ويندا آهن؟ ڇو اهي اياز کي اڄ به پراڻو ٿيڻ نٿا ڏين؟ اڄ به جڏهن هن جا گيت ڪٿي گونجار ڪن ٿا ته سوين ڪن هن کي ٻڌڻ لا بي چين ڇو ٿا رهن؟ انهن سمورن سوالن جو هڪ ئي جواب آهي ته اياز کي خبر هئي ته هن کي ڪهڙي شاعري ڪرڻي آهي، هن جي شاعري جو محور ڪهڙو هوندو. هن جي شاعري جو محور سنڌ هئي، سنڌ جا مظلوم ماڻهو هئا، هن ڌرتي جا هاري، ناري ۽ پورهيت هئا. هن کي خبر هئي ته سندس تلخيق کي زندگي رڳو محبوب جي تر يا ڳل تي لکيل ڪو شعر نٿو ڏئي سگهي بلڪه اهو شعر ئي زنده رهندو جيڪو سنڌ ڌرتي يا عالم سان ڳنڍيل هوندو. جيڪو عام ماڻهو جي ڪنن تائين پهچندي ئي ان ۾ نئون روح ڦوڪي سگهي. سائين جوئي صاحب، "ڪي جو ٻيجل ٻوليو" ڪتاب جي مهاڳ ۾ هڪ جا تي لکي ٿو ته " وطن جي انڪار جو فلسفو يا نظريو محڪوم ۽ مظلوم قومن لاءِ هر صورت ۽ هر حالت ۾ تباهيءَ ۽ ذلت جو فلسفو آهي، ۽ اُهو فقط ملڪ جا غدار ۽ ملڪ جا دشمن پيش ڪندا ۽ پکيڙيندا آهن. اياز جو شعر وطن جي تسليميءَ، وطن جي بچاءَ ۽ وطن جي آبروءَ ۽ عظمت جو شعر آهي ۽ اُن لاءِ محب وطن نوجوانن، ٻارن ۽ ٻڍن کان اُهو هر قسم جي جُهد ۽ قربانيءَ جي طلب ڪري ٿو. ان ۾ وطن جي غدارن ۽ وطن جي دشمنن لاءِ اُجھل نفرت ۽ بي پناهه غصو پڻ موجود آهي. انهيءَ ڪري وطن جا غدار ۽ وطن دشمن ۽ غاصب پڻ اياز ۽ اياز جي شعر کي برداشت نٿا ڪري سگهن، ۽ هر وقت ٻنهي کي خاموش ڪرڻ لاءِ نُنهن چوٽيءَ جو زور لڳائيندا رهيا آهن. جيئن ئي 1954ع ۾ ٽه ماهي رسالو "مهراڻ" شايع ٿيو، ۽ اُن ۾ اياز جو ۽ ٻين قومي شاعرن جو شعر باقاعدي اچڻ شروع ٿيو، تيئن هِنن غدارن ۽ غاصبن جي ککر ۾ ڄڻ کڙو لڳو، ۽ هو ڀُون ڀُون ڪري، پنهنجا زهريلا ڏنگ نئين نئين زهر سان ڀري، چوڌاري مِڙي آيا، ۽ اڄ تائين اُنهن ۾ اُهوئي شور ۽ غوغا، اُهوئي ڏنگ ۽ اُهوئي زهر اوترو ئي موجود آهي، جيترو پهريائين منجھن هو. پر وطن جي چمن ۾ جا بهار اچڻي آهي، سا آهستي آهستي ايندي ئي رهي ٿي. ۽ وطن جا باغبان ۽ وطن جا پاسبانَ ان بهار جي آڻڻ لاءِ ۽ اُن کي ساهه لڳ سنڀالڻ لاءِ هر گهڙيءَ وڌندا ۽ اڳتي ايندا رهن ٿا. آزاديءَ ۽ انسانيت جو ادبُ ۽ فنُ ۽ اُن ادب ۽ فن جا اُپائيندڙ اديب ۽ شاعر ائين ئي اَجھل ۽ آڏول، پنهنجا ڪنڌ اُوچا ڪيو، سَرها ۽ سوڀياوان، هڪ هڪ ٿي ۽ گڏجي، وطن جي دشمنن ۽ غدارن جي مڪر ۽ فريب، ظلم ۽ ڪوڙ کي، وڌي وڌي، چيڙائيندڙ ۽ للڪاريندا ٿا رهن."
    اڄ اياز جا هزارين دوست پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي سندس حياتي ۾ ڪٽر دشمن هئا، ان خلاف هر سازش ۾ شريڪ هوندا هئا. جن ماڻهن ڪڏهن اياز جي هڪ جهلڪ به نه ڏٺي هئي يا ساڻس هٿ به نه ملايو هوندو، اهي سندس وفات کان پو ائين اياز دوستي جا قصا بيان ڪن ٿا ڄڻ اياز انهن کان سوا ڪو پهر نه گذاريو هجي. ڄڻ ته اياز جي "فرينچائز" انهن وٽ آهي. بلڪل ائين جيئن حسن درس جي گذاري وڃڻ کان پو "حسن درس فرينچائز" کولي وئي هئي، انهن ماڻهن هن کي هڪ ملون شاعر ڪري پيش ڪيو. نه ته اسان ته حسن جا اها گيت ۽ اهي نظم ٻڌا هئا جن ۾ دلڪش بدن واريون ۽ آزاد عورتون آهن.
    هاڻ ته حالت اها وڃي ٿي آهي جو ڪي ماڻهو جن جي شاعري جو محور رڳو سندن ذات آهي، اهي پاڻ کي اياز سان ڀيٽڻ لڳا آهن. جيڪي پنهنجي ئي پر ۾ ائين چون ٿا ته ٻيلي اسين شاعر آهيون پر دوستن کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري مون کي اياز سان نه ڀيٽيو، آئون ته معمولي شاعر آهيان. اسين ڪٿي ٿا اياز کي پڄي سگهون. ڳالهه جو مطلب اهو ئي ٿيو ته اياز کان پو اسين آهيون. بقول منهنجي دوست سڀاش جي ته توهين اياز وانگر جيل ۾ ته ڪا هڪ رات گهاري ڏيکاريو، ڪنهن پوليس واري جي هڪ ٿڦڙ برداشت ڪري ڏيکاريو.
    اياز ته انهي دور ۾ پنهنجي شاعري تان هت کنيو، جڏهن کيس جيل ۾ واڙيو ويو هو. جيل ۾ واڙڻ جو سبب هن جي شاعري ئي بڻي هئي. اها ئي شاعري جنهن ۾ تند تلوار سان وڙهي ٿي. جيڪا برج لوڏي ٿي. پر هن پنهنجي شاعري تان هٿ نه کنيو. اها ئي شاعري جنهن ۾ هن چيو ته
    منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر
    منهنجا گيت ڳنهي سگهندين تون؟
    اسان جي اڄوڪي سنگت جيڪا پنهنجي شاعري جي ٻين تي اثرن جي ڳالهه ڪري ٿي، يا اهو سمجهي ٿي ته بس سموري ڏات انهن تي ئي اچي دنگ ڪري ٿي، انهي کي گهٽ ۾ گهٽ اهو خيال ته ڪرڻ گهرجي ته اها جنهن چٽاڀيٽي ۾ اچي پئي آهي، اها سنڌي شاعري کي وڌيڪ تباهه ئي برباد ڪري رهي آهي. اوشو رجنيش چيو آهي ته چٽاڀيٽي ساڙ پيدا ڪندي آهي. سو انهي چٽاڀيٽي واري عنصر اسان جي شاعرن کي هڪ اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريو آهي، جتان شاعري انهن کان موڪلائي رهي آهي ۽ پنهنجي ڀيٽ وري اياز سان ٿي رهي آهي.
    ائين ڪونهي ته اياز کان پو ڪو وڏي شاعر پيدا نه ٿي سگهندو، بلڪل ٿي سگهي ٿو جيئن لطيف کان پو اياز پيدا ٿيو آهي، ائين ئي اياز کان پو به ڪو ٻيو پيدا ٿيندو. پر لطيف ۽ اياز جي وچ ۾ جيڪا وقت جي وٿي آهي، انهي کي به جاچڻ گهرجي، اهو صدين جو فاصلو آهي، جنهن کان پو اياز جو جنم ٿيو هو. ائين ئي اياز کان پو جنهن بهترين شاعر جو جنم ٿيندو، اهو به وقت طلب آهي. پر انهي لا ضروري آهي ته شاعري جا محور طئي ڪجن، انهي کي سماج سان ڳنڍجي، ماڻهن سان انهي جو تعلق قائم ڪجي، ان ۾ تازگي پيدا ڪجي ۽ پنهنجو ڪم ماٺ ميٺ ۾ جاري رکجي. جيئن گوئٽي چيو آهي ته "ڏات جي اڏاوت خاموشي ۾ ٿيندي آهي".

    سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو