• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جوڙي ويا جيءُ ۾ تح خانو تڙپ جو

غلام مرتضى ٿهيم

سينيئر رڪن
تون سوا تنها منهنجو مقدر بڻيو آ
خاموشيون سنسانيون ماٺ منظر بڻيو آ

دل آهي درد. يا درد آهن دل ۾
لُڙڪن جو اکين ۾ اڄ سمندر بڻيو آ

قيد ڪري وئي مون کي پيار پنهنجي ۾
غلامي ۾ هِت سڄي عمر گُذر بڻيو آ

خوابن ۾ اچڻ بند ڪيو اوهان جڏهن کان
تڏهن کان اسان جو جيئڻ قهر بڻيو آ

”جوڙي ويا جيءُ ۾ تح خانو تڙپ جو“
سور سزا صدمان سدا ثمر بڻيو آ

اهڙا به ڏئي ويا رشتا اسان کي يادون جا
ڏُک درد مون لئه مرتضيٰ ڏمربڻيو آ
تون سوا تنها منهنجو مقدر بڻيو آ
غلام مرتضى سنڌي

 
Back
Top