جوڙي ويا جيءُ ۾ تح خانو تڙپ جو

'سنڌي شاعري' فورم ۾ غلام مرتضى ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2016۔

  1. غلام مرتضى ٿهيم

    غلام مرتضى ٿهيم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2014
    تحريرون:
    168
    ورتل پسنديدگيون:
    391
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    ڌنڌو:
    اسٽيڊي
    ماڳ:
    شهر ٺٽو
    تون سوا تنها منهنجو مقدر بڻيو آ
    خاموشيون سنسانيون ماٺ منظر بڻيو آ

    دل آهي درد. يا درد آهن دل ۾
    لُڙڪن جو اکين ۾ اڄ سمندر بڻيو آ

    قيد ڪري وئي مون کي پيار پنهنجي ۾
    غلامي ۾ هِت سڄي عمر گُذر بڻيو آ

    خوابن ۾ اچڻ بند ڪيو اوهان جڏهن کان
    تڏهن کان اسان جو جيئڻ قهر بڻيو آ

    ”جوڙي ويا جيءُ ۾ تح خانو تڙپ جو“
    سور سزا صدمان سدا ثمر بڻيو آ

    اهڙا به ڏئي ويا رشتا اسان کي يادون جا
    ڏُک درد مون لئه مرتضيٰ ڏمربڻيو آ
    تون سوا تنها منهنجو مقدر بڻيو آ
    غلام مرتضى سنڌي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو