هماليه ۾ زلزلي جو خطرو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نذير احمد لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2016۔

  1. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    تازو نيپال ۾ آيل قيامت زده زلزلي کانپوءِ ڀارت، افغانستان ۽ پاڪستان جا ڪجهه علائقا بار بار زلزلن جي جهٽڪن سان متاثر ٿيندا رهيا آهن. جنهنجي ڪري ارضيات جا ماهر هن خطي ۾ بار بار ايندڙ زلزلن جي باري ۾ تحقيق ڪري رهيا آهن. ڀارت ۾ نيشنل انسٽي ٽيوٽ آف ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي ماهرن هتي ويجهڙ ۾ ايندڙ زلزلن جي سببن تي تحقيق کان پوءِ هڪ خوفناڪ پيشنگوئي ڪئي آهي ته هماليه جي پهاڙن ۾ عنقريب 8.2 جي شدت جو انتهائي تباه ڪن زلزلو اچي سگهي ٿو ، ان جي ڪري ڀارت جي اترين علائقن ۽ وڏي تباهي اچي سگهي ٿي ، جڏهن ته پاڙيسري ملڪ پڻ هن زلزلي مان تمام گهڻو متاثر ٿي سگهن ٿا.

    ماهرن جو چوڻ آهي ته اتر طرف ۾ هماليه جي ارضي پليٽ ۽ اوڀر طرف انڊو برمي پليٽ پاڻ ۾ هڪٻئي سان ٽڪرائن ٿيون جنهن جي ڪري هتي مسلسل زلزلا اچي رهيا آهن. اخبار ٽائمز آف انڊيا جي مطابق تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته انهن پليٽن جي ٽڪرڻ جي ڪري انهن ۾ ڏار پئجي رهيا آهن جيڪي مسلسل وڌي رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ هن سڄي خطي يا علائقي ۾ تمام وڏي شدت وارا زلزلا اچي سگهن ٿا. ماهرن هماليه جي پهاڙن ۾ اندر ٿيندڙ ٽوڙڦوڙ جي وضاحت ۾ اهو پڻ ٻڌايو آهي ته ڀارت جا اتريان علائقا باه جي گولي ۾ گهيريل آهن ۽ هتي زمين ۾ اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاه ۾ وقت گذرڻ سان گڏ وڌيڪ اضافو ٿيندو رهندو. يونيورسٽي آف ڪولو راڊو جي هڪ سائنسدان راجر بلهام ، جيڪو زلزلن تي تحقيق جي حوالي سان عالمي شهرت رکي ٿو، جو چوڻ آهي ته موجوده حالات اهو ٻڌائن ٿا ته هماليه جي خطي ۾ مستقبل قريب ۾ چار وڏا زلزلا اچي سگهن ٿا، جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 8 کان وڌيڪ هوندي، ۽ جيڪڏهن انهن زلزلن جي اچڻ ۾ ڪجهه دير ٿئي ٿي ته پوءِ زمين جي اندر گڏ ٿيندڙ توانائي هڪ ناقابل يقين زلزلي جو سبب پڻ بڻجي سگهي ٿي. ڀارت جي اترين رياستن ۾ خوفناڪ زلزلن جي پيشنگوئي کانپوءِ اتي جي پهاڙي علائقن ۾ هڪ خاص قسم جي گهرن جي تعمير بابت سوچ ويچار شروع ڪئي پئي وڃي ته جيئن مستقبل ۾ ايندڙ اهڙن خوفناڪ زلزلن جي امڪاني تباهي جي ٿيندڙ نقصانن کان ممڪن حد تائين بچي سگهجي يا گهٽائي سگهجي.

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    الله پناهه ۾ رکندو ....
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مالڪ سائين پوري ڪائنات جي انسانن کي پنهنجي پناھ ۾ رکي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو