عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
ايتري فرصت ھجي،
رات ساري چنڊ جا چارا ڏسان!
واھہ جي ڪڙ تي پيل جي ڇانو سان پاڻيء مٿان،
ڪجھ گھڙيون لڙھندو رھان!
ڪجھ سرء جي شام ۾ سوچان سڙان لوچان لھان!
ڪنھن پکيئڙي جي مثال،
صبح سانجھيء ٿو رھان
داڻي پاڻيء جي پٺيان!
زندگي منھنجي تخيل ۾ مگر
چھڪ واري چھنب کنڊريل کنڀ آ
رات ساري چنڊ جا چارا ڏسان!
واھہ جي ڪڙ تي پيل جي ڇانو سان پاڻيء مٿان،
ڪجھ گھڙيون لڙھندو رھان!
ڪجھ سرء جي شام ۾ سوچان سڙان لوچان لھان!
ڪنھن پکيئڙي جي مثال،
صبح سانجھيء ٿو رھان
داڻي پاڻيء جي پٺيان!
زندگي منھنجي تخيل ۾ مگر
چھڪ واري چھنب کنڊريل کنڀ آ