اياز جاني من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    غزل

    اياز جاني

    من ۾ ٿاڪ تنھنجي نيڻن جا،
    چپ ھيراڪ تنھنجي نيڻن جا.

    راز سرجيا نہ سي بہ ڄاڻن ٿا،
    ڇا تہ اداراڪ تنھنجي نيڻن جا!

    باک جي چھري کي اوس چمندا،
    جن کي ڀي چاڪ تنھنجي نيڻن جا.

    پيار جا ديپ ڪنھن بہ ٻاريا پر،
    ٿا سجن تاڪ تنھنجي نيڻن جا.

    آء مفلس ۽ شھر تنھنجي ۾،
    ڪيترا واڪ تنھنجي نيڻن جا.

    جھول گدلي ۾ ڪيئن جھلي جاني،
    لڙڪ سڀ پاڪ تنھنجي نيڻن جا.​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو