محمد بخش لغاري
سينيئر رڪن
جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا،
هن ڀونءَ سڄيءَ جا ڀاڳيا،
پوءِ سُور نه رهندا ساڳيا،
ڪندا جي مست قلندر دمادم مست قلندر.
بيراڳين جي ڀونءَ مٿي ڪا، باهه ڀلي پئي ڀڙڪي،
هن ننگريءَ سان نينهن اسانجو، ننگري ناهه نڌڻڪي،
سرمد جي سنت پارڻ لئه مارو ايندا مُرڪي،
ڪندا سڀ مست قلندر دمادم مست قلندر.
منهنجا مست ملنگ هي مارو، ڏونگر کان ڀي ڏاڍا،
نير نئين ڪا چيز نه آهي، نڪي ڪڙول ۽ ڪنٺا،
ڪفني پائي ڪلهن ۾ ايندا، اجرڪ جي سا اوڍا،
ڪندا سڀ مست قلندر دمادم مست قلندر.
تون "آڪـــاش"! اياڻو آهين، دردر تي ٿو دانهين،
ڇو نه اڃان تائين تون پهنجي ٻانهن ۾ ٻَل ڀائين،
نيٺ پڄاڻي ٿيڻي آهي، سورن جي او سائين!
ڪندا سڀ مست قلندر دمادم مست قلندر.
آڪاش انصاري