• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 08 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* داعش پاڪستان ۾ پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي(خبر)
**......جيئن قائم عليشاهه سنڌ حڪومت ۾ پير ڄمايا آهن (تبصرو)

* رنگ رتو ڇڏجي: خورشيد شاهه جي راحيل شريف کي صلاح (خبر)
** ڀلا اهڙي صلاح آصف زرداري ۽ قائم علي شاه کي ڇو نه ٿا ڏيو؟ (تبصرو)

* سنڌ ڇڏي هندوستان لڏي ويندڙ سنڌي هندو ڊاڪٽرجوتا وڪڻڻ تي مجبور (خبر)
** سنڌ ڌرتيءَ جي غدارن جو ته اهڙو ئي حشر ٿيڻو آهي (تبصرو)

* تعليم کاتي جي ڪيناڊا فنڊنگ ۾ 16 ڪروڙ غبن ۽ پير مظهر دور ۾ 30 هزار جعلي ڀرٿيون (خبر)
** ڪرپشن جي دنيا: ايڪ زرداري، سڀ پر ڀاري (تبصرو)

* قومي اسيمبليءَ جو اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ سبب ملتوي(خبر)
** هجي ها سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر سراج دراني ته پوءِ به ڪارروائي هلائي ها (تبصرو)

* لنڊن ۾ 11 ميمبرن جي موبائيل چور گروپ کي30 سال سزا (خبر)
** اسان وٽ ته ملڪ لُٽيندڙ به دبئيءَ ۾ پڪنڪ پيا ملهائن (تبصرو).
 
Back
Top