شيخ اياز اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر : ڊاڪٽر فهميده حسين

'شيخ اياز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شيخ اياز اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر

    ڊاڪٽر فهميده حسين

    ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته شيخ اياز جديد سنڌ جو قومي شاعر آهي جنهن کي اسين اڄ ۽ سڀاڻي جو شاعر چئي سگهون ٿا، ڪيئي سال اڳ پاڻ تي ٿيندڙ سخت تنقيدن جي جواب ۾ هن چيو هو.

    تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين
    مون کي ڪا پرواهه نه آهي
    آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
    جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
    مون تي ميڙو مچڻو آهي.

    تازو حيدرآباد ۾ ڪيفي خانه بدوش پاران ٿيل ” اياز ميلي “ سندس چيو سچ ڪري ڏيکاريو ۽ اڄ سنڌ ۾ سندس اهڙي مڃتا ٿي آهي جهڙي شايد اڳ ۾ ڪڏهن به ڪا نه ٿي، زنده قومن جي اها نشاني هوندي آهي ته اهي پنهنجن قومي هيرن کي اهڙي مڃتا ڏين ۽ ڏيارين جيڪا اهي لهڻن ٿا، شيخ اياز سنڌ جو آواز بڻجڻ وارو اهو شاعر آهي جنهن پنهنجي وطن جي سونهري مستقبل ۽ سماجي انصاف واري آدرش جا سپنا پنهنجي اکين ۾ سجائي انهن جي ساڀيان لاءِ انقلاب جا گيت ڳايا، هن پنهنجي سماجي، سياسي ۽ قومي فڪر کي نوجوان نسل ۾ عام ڪرڻ لاءِ قوميت ۽ قوم دوستيءَ جي رومانس کي سنڌي شاعريءَ جو حصو بنايو، جيئن لاکيڻي لطيف مارئيءَ جي ڪردار کي مارن ۽ ملير سان محبت جو استعارو بنايو هو، تيئن اياز پنهنجي شاعريءَ کي سنڌ ۽ ان جي ماڻهن جي آزاديءَ، سماجي انصاف ۽ طبقاتي برابري واري سنڌ جي علامت بنايو ۽ پنهنجي شاعريءَ جي علامتي مفهوم سان سنڌ جي نوجوانن کي ڀرپور نموني اتساهيو.
    قوميت ۽ وطنيت جو رومانس به اهڙُو جو پنهنجي اهڙي ديس سان دل لڳائڻ لاءِ ٿو چوي جتي لڱ لوساٽيندڙ لُڪ ٿي لڳي، جتي ڏينهن ڪڙهائي جيئن ٿا ڪڙهن، جتي ڏڪار جي حالت اهڙي جو نه ڪنڊيءَ ۾ سڱري آهي، نه ٻٻر ۾ پلڙو ۽ نه ئي ڪو سائو سلڙو، جتي سندس ديس واسي، سندس مارو اڪيلا ۽ ناخوش آهن، ايتريقدر جو سندن ڇيلڙن به ڇانگون ڀرڻ وساري ڇڏيون آهن، انهيءَ درد جو احساس ڏيارڻ لاءِ هو اهڙي رومانس کي عام ڪرڻ ٿو چاهي بلڪل ايئن ئي جيئن ڀٽائيءَ چيو هو ته ” جيها جي تيها، مون مارو مڃيا “ !
    آءُ سمجهان ٿي ته اسان کان اڳ، اسان واري پيڙهي ۽ اسان کان پوءِ واريون ٻه يا ٽي پيڙهيون اياز کان ڪنهن نه ڪنهن طرح ضرور متاثر ٿيون، سندس شاعريءَ ۾ موجود قدر، علامتون، استعارا ۽ حقيقتون ايتري قدر اتساهيندڙ هيون جو هڪ مسلسل تحريڪ جو روپ وٺي سنڌي سماج ۾ تبديليءَ جي راهه هموار ڪري چڪيون آهن ۽ جيستائين سندس شعر سنڌ ۾ ڳائجندا رهندا هو صدين جو سرجڻهار به زنده رهندو ۽ هڪ اهڙي مشعل ٻرندي رهندي، جنهن کي پنهنجي وطن جي وجود ۽ ٻوليءَ جي تسليميءَ تائين ڪو به وسامڻ ڪو نه ڏيندو، سندس شعر ۽ نغما ايندڙ هر پيڙهيءَ جون دليون گرمائي جدوجهد جاري رکڻ لاءِ آڀاريندا رهندا، اڄ ڪو به سنڌ جو حلالي پٽ يا ڌيءَ ڇا سندس سڏ ته ” سهندو ڪير ميار او يار سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو “ کان انڪار ڪري سگهي ٿو ؟ ڪو سنڌ ديس جي ڌرتيءَ تي سيس نمائڻ کان منهن موڙي سگهندو ؟ هر نئين دور جا نوان نسل اياز جا انقلابي گيت ۽ نغما ڳائيندا رهندا ۽ وطن دوستيءَ جا جذبا جاڳائيندا رهندا، هن ادب ۾ ترقي پسند لاڙي کي به هٿي وٺرائي ته تبديليءَ جي راهه به ڏسي ۽ سندس نظم توڙي نثر پنهنجي ستل قوم ۾ ڌرتيءَ جو درد جاڳايو، سنڌي ادب، ثقافت ٻوليءَ ۽ قومي سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪري انهن کي جدت بخشي.
    اڳ جا توڙي اڄ جا ڪي مت جا موڙهيا اياز جي شاعريءَ کي پروپيگنڊا ۽ پرچار ۽ وقت ۽ نظريي جي بدلجڻ سان گڏ جُهڪي ٿي ويندڙ جوت سمجهندا رهيا آهن، اهي هن اياز ميلي جي ڪاميابيءَ مان ئي اندازو ڪري سگهن ٿا ته اها جوت ڪڏهن به جهڪي ناهي ٿيڻي ڇو جو ان ۾ اهڙا عالمي ۽ آفاقي قدر آهن، اهڙي فني ۽ فڪري سگهه آهي جو سندس مخالف بدحواس ٿي سندس پٺيان ڪاهي پيا ته به هن جي اهميت کي گهٽائي نه سگهيا، اياز جي شاعري ٺلهو پرچار هجي ها ته هو به کيس لفظن جي مار ماري سگهن ها، پر اياز جو فن ۽ ان جي سگهه ۽ سونهن بي مثال هئا ۽ آهن ان ڪري هو ڪجهه به نه ڪري سگهيا، جيتوڻيڪ ڪن ماڻهن کي اها به خوشفهمي آهي ته هاڻي اهو نظريو ئي وائوکر ٿي ويو آهي جنهن جي پرچار لاءِ اها شاعري ڪم آندي وئي هئي، پر اها سندن خام خيالي آهي، نظرين جا نالا ڀلي ته وقت سان مَٽجي ۽ مٽجي وڃن پر جن بنيادي متن ۾ اياز جو يقين هو اهي سدائين رهڻا آهن جن ۾ انسان جي عظمت ۾ يقين ۽ طبقاتي برابري، سماجي انصاف ۽ هر انسان سان محبت شامل، آهن انهن کي ڪنهن هڪ يا ٻئي ” ازم “ سان ڀلي سڃاڻو پر اهي ان وقت تائين مڃيا ويندا جيستائين ڪو هڪ به باضمير ماڻهو هن ڌرتيءَ تي موجود آهي، اياز جو فن اول آخر اعليٰ تخليق آهي جنهن کي سنڌي قوم پنهنجي آدرشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ ڳائي سگهي ٿي، ضرورت پئي ته پرچار ۽ پروپيگنڊا لاءِ به استعمال ڪري سگهي ٿي پوءِ ڀلي پيا مخالف ڇا به چون، هو اياز جي فني ادبي تخليقي اوچائيءَ کي پهچي ڪو نه سگهندا.
    اياز جي ساهه ۾ ” ساري ڏيهه جا ڏکڙا “ سانڍيل هئا پر هن هر وقت پنهنجي ڌرتيءَ جي کِههَ کي اکين سان چمي سُُنهن کنيو ته ”ڌرتي منهنجو ديس مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان“ يا ” توتان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌ “ وارو وچن ورجايو. اهو دور عجيب دور هو جنهن ۾ اديبن ۽ شاعرن قوم پرستيءَ ۽ ترقي پسنديءَ جي نظرين کي هڪ ٻئي ۾ ايئن سمائي ڇڏيو هو جو اهو خالص ” سنڌ جو نظريو “ بنجي ويو، بلڪل ايئن ئي جيئن ڀٽائيءَ تصوف جي سمورين صورتن منجهان هڪ خالص ” سنڌي تصوف “ جو نئون ۽ انوکو فلسفو جوڙيو هو. غور ڪري ڏسو ته اياز جي سٽ ” ڌرتي منهنجو ديس مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان“ ۾ ڀٽائيءَ جي بيت وارو پڙاڏو پيو ٻڌجي ڄڻ ته هو به سنڌي سان گڏ سموري دنيا جي مظلوم انسانن جي نجات ٿو چاهي ته شال عالم سڀ آباد هجن پر منهنجي سنڌ به سکي ستابي هجي.
    اڄ سنڌ جي حالتن کي ڏسي اسان مان ڪيترا ئي ماڻهو مايوس ٿيڻ لڳندا آهن اڄ اياز جي لفظن ۾ ” سُک نه سنبري سنڌڙي اڀري سج لٿا “ وارو منظر آهي پر ان جو جواب به اياز وٽان ئي ٿو ملي جنهن چيو هو ته” اها سڀ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ، پر سنڌ اياز نه مرڻي آ“، آخر ته تبديلي ايندي آخر ته ڪينجهر ڪنڌيءَ تي ڪو ئي ته تماچي اچڻو آ، اياز جو هڪ هڪ لفظ، هڪَ هڪَ سٽ هن لاءِ ڌرتيءَ جو ڄڻ ته ڪو قرض آهي تڏهن ته چوي ٿو.

    جنهن وقت به ڪو مون گيت چيو
    هن ڌرتيءَ جو ڄڻ ڪو ئي قرض چڪو آهي

    شيخ اياز هن ڌرتيءَ جي پيڙا کي اندر ۾ محسوس ڪيو ۽ انهيءَ کي ئي لفظن ۾ اوتيو، اياز نه صرف سنڌي قوم جي آزادي، عزت، نفس، سک ۽ شانتيءَ سان جيئڻ جي حق لاءِ لکيو ۽ ماڻهن ۾ اتساهه پيدا ڪيو پر شاهه لطيف جي جياريل ٻوليءَ کي کنڀ ڏئي اٿاهه بلندين کي ڇهڻ جي سگهه ڏني، ان کي اها فڪري اڏام عطا ڪئي جو اڄ اها زخمي، ڌڪي پٺتي ڪيل ۽ گُهٽيل هئڻ جي باوجود اڃا زنده آهي، ورنه مخالف هوائن ان کي نابود ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو آهي، اڄ به جي ڪو ان کي اياز جهڙوڪو نئون مسيحا ملي پوي ته دشمن جي سيني ۾ سنگين بڻجي سگهي ٿي.
    سائين محمد ابراهيم جويي ڪٿي لکيو آهي ته ” سنڌي قوم واوکر ڪئي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بنهه نِست ۽ بي وجود بڻجي وئي آهي “ ان تاريخي الميي جو رڳو احساس پيدا ڪرڻ به وڏي ڳالهه آهي جيڪو اياز جي پيغام ذريعي پيدا ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ هاڻوڪو هي ميلو پڻ هڪ ڪڙي آهي.

    هڪ هنڌ اياز چيو آهي :

    ڇا ڪائي رڙو رڙ هن ڌرتيءَ کي ڇرڪائيندي
    يا هيءَ سانت وسيهرَ وانگر ، ويندي هر شي ڳڙڪائيندي

    هن ڌرتيءَ ۽ ان جي ترقيءَ جي ويرين سمجهيو هو ته اياز کي دعائن جو شاعر قرار ڏئي سندس هلچل ۽ جدوجهد جي تاريخي تسلسل واري شاعريءَ کي به هو ساڻس گڏ دفن ڪري مٿس قل پڙهي ڇڏيندا پر هو ائين ڪري نه سگهيا ۽ هو ڪالهه ۽ اڄ سان گڏ سڀاڻي جو شاعر امر ٿي ويو، ڇو ته هو سچ جو ساکي آهي، آخر ۾ آءُ سندس هي نظم ورجايان ٿي.

    وڄ وراڪا جيئن کائي ٿي
    ايئن مان تنهنجا ٽهڪ به آهيان
    رُت ۾ جيئن رابيل ٽڙن ٿا
    تيئن ڌرتيءَ جي مهڪ به آهيان
    ۽ هيءَ ڌرتي نيٺ ته مهڪي
    ٿيندي ڪو گلزار سڀاڻي
    آءُ لکان ٿو، جنهن لاءِ هاڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو