’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

'مقالا' فورم ۾ Kashif ahmed طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    الطاف حسين جوکيو
    استاد سنڌي شعبو
    گورنمنٽ ڊگري ڪاليج محراب پور
    Cell: 0301-3427500

    ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    سنڌي ٻوليءَ ۾ صورتخطيءَ جي حوالي سان ڪافي ڳالهيون اڃا سوڌو مونجھاري ۾ ورتل آهن. انهن جي ڪنهن اصول متعين ڪرڻ لاءِ به ڪافي رنڊڪون سامهون اچن ٿيون، خاص طور تي لهجاتي فرق! سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران 19 ڊسمبر 1998ع تي درسي ڪتابن ۾ درست ٻوليءَ جي استعمال بابت سڏايل ورڪشاپ ۾ گروپن جي صورت ۾ صورتخطيءَ جي حوالي سان ڪي سفارشون پيش ڪيون ويون. ’سنڌي ٻئين ڪتاب‘ لاءِ ’گروپ ٽئين‘ ۾ جيڪي لفظن جون درست سفارشون ڏنل هيون، تن ۾ هت صرف هيٺ ڏنل هڪ لفظ يعني فعل جي ڪردنت (اسم مفعول) تي تنقيدي نظر رکڻ لاءِ ٻيهر نظر رکي ڇنڊ ڇاڻ جي ڪوشش ڪبي.
    ”سنڌي ٻيون ڪتاب (گروپ ٽيون): ڇِڳل = ڇِنل (صحيح)“ (اٿارٽي، جنوري 1999ع : 73)
    وچولي لهجي/ ساهتي پرڳڻي جي عام ٻوليءَ ۾ ذاتي مشاهدي موجب ٻئي لفظ استعمال ٿين ٿا، پر ’ڇِنڻ‘ فعل مان ’ڇڳل‘ جو استعمال قدري وڌيڪ ٿئي ٿو. اهڙي قسم جا ننڍڙا مسئلا به بين الاقوامي تحقيق جي اصولن موجب ٿيڻ کپن! اصل مسئلو پڙهڻ پڙهائڻ وارن جو آهي، جنهن ۾ شاگرد ۽ استاد اچي وڃن ٿا. ان حوالي سان ڪم ٿئي ڪونه ٿو، آخرڪار مخصوص ماڻهن جي راءِ کي پوري ٻوليءَ تي مڙهيو ويندو آهي.
    ڄاڻايل سفارش ۾ ’ڇنڻ‘ فعل مان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ’ڇِڳل‘ ۽ ’ڇِنَل‘ لفظن مان ’ڇِنَل‘ لفظ کي وڌيڪ ترجيح ڏني وئي؛ ترجيح ڪهڙن اصولن يا بنيادن تي رکي وئي يا اهڙي ترجيح ۾ ذاتي راءِ کي به اهميت آهي يا نه! ان جو ڪوبه تفصيل ڄاڻايل ڪونهي. اهڙي قسم جي ترجيحن ڏيڻ کان اڳ ’سنڌي ٻوليءَ جي اٿارٽي‘ تي به فرض ٿئي ٿو ته اهڙن ننڍڙن مسئلن کي به ’مذاڪري‘ جي بٺيءَ مان گذاري ڪي اصول متعين ڪري!
    ساڳئي مسئلي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه پڻ ڄاڻائي ٿي ته: ”اسان وٽ مختلف فعلن جا ڪردنت (participle) ٺاهڻ مهل محض رٽي يا يادگيريءَ تي ڀاڙيو وڃي ٿو؛ ڪي اصول طئي ڪري لساني يا صوتي (phonetic) سبب ڄاڻائي لفظن جي جوڙجڪ نٿي سمجھائي وڃي.“ (فهميده، جنوري 2009ع : 27)
    ڪا متعين جوڙجڪ نه هجڻ واري ڳالهه گريئرسن هن ريت ڪئي آهي ته: ”هرڪنهن ديسي آريائي ٻوليءَ ۾ بي قاعدي اسم مفعولن جو ڪجھ تعداد هوندو آهي پر سنڌيءَ ۾ مشرق طرف جي ٻين ٻولين کان اهو تعداد وڌيڪ آهي.“ (گريئرسن، 2000ع : 117)
    گريئرسن سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪافي لفظ ’امر‘ جي صورت ۾ فعل جي عنوان سان ۽ ان جون ’ماضي مطلق‘ واريون صورتون اسم مفعول جي عنوان سان ڊاڪٽر ٽرومپ جي آڌار تي ڏنيون آهن، جيڪي انگريزيءَ جي Irregular verbs وانگر آهن، ليڪن انهن جو تعداد کوڙ ساٿرو ٿي وڃي ٿو.
    گريئرسن لکي ٿو ته جن ڌاتن جي پڇاڙيءَ ۾ ’ڻ‘ هجي، انهن جو اسم مفعول ٺاهڻ مهل اها ’ڻ‘ ڪڍي ڇڏبي آهي ۽ ’او‘ ملائبو آهي يا ’يو‘؛ مثال طور:
    سُڻ سئو
    هَڻ هنيو
    کَڻُ کنيو
    وِڪڻ وڪيو
    پر جن ڌاتن جي پڇاڙيءَ ۾ حرف علت هجي ته انهن ۾ ’تو‘ ملائبو آهي؛ جيئن:
    پي پيتو
    لاء لاتو
    پُوء پُوتو
    جن ڌاتن جي آخر ۾ ’چ‘ ۽ ’پ‘ هجن ته آخري حرف ڪيرائي، ان ۾ ’تو‘ ملائيندا آهن:
    پرچ پرتو
    رچ رتو
    کُپ کُتو
    کَپ کَتو (فهميده، 2009ع : 27 ۽ 28)
    ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه ان مسئلي جي ماهيت تي لکي ٿي ته : ”هاڻي جيڪڏهن اسان جي گرامر جي ڪتابن ۾ سمجھاڻيون ڪونه هونديون ته مادري توڙي غير مادري ٻوليءَ طور سنڌيءَ جي سکيا ۾ ايتري ڪاميابي ڪانه ملندي، ڇاڪاڻ ته اسان جي گرامر جي ڪتابن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي ۽ ٻار منجھي ٿا پون.
    مثلاً: ڀَڄڻ مان ڀَڳو
    ڀُڄڻ مان ڀُڳو
    ته وري ڀِڄڻ مان ڀِنو
    يا کَڄڻ مان کنيو
    ۽ ساڳي طرح ڇِڄڻ مان ڇنو
    نيئڻ مان نيئو
    ته پوءِ پيئڻ مان پيتو ۽
    وري ڏيڻ مان ڏنو ڇو؟
    پَچڻ مان پڪو
    نچڻ مان نچيو
    رچڻ مان رتو
    ته وري اچڻ مان آيو آخر سڀئي مختلف ڇو؟
    ڍاپڻ مان ڍائو يا ڍاپيو ٺهن ته
    ڌائڻ مان ڌاتو ڇو ٿو ٺهي؟
    (فهميده، 2009ع : 28 ۽ 29)
    مٿين ڄاڻايل فعلن مان هڪ ننڍڙي ۽ غير متعلقه ڳالهه اها به محسوس ٿي ته گريئرسن فعل کي ’امر‘ جي صورت ۾ لکيو آهي ۽ ماضي مطلق کي ’اسم مفعول‘ جو نالو ڏنو آهي. جڏهن ته عام طور تي فعل جي صورت ’مصدر‘ سان پڙهائي ۽ ڄاتي ويندي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور ماضي مطلق ۽ اسم مفعول جون صورتون الڳ الڳ پڙهايون ۽ ڀانيون وينديون آهن. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب به گريئرسن جي نموني جيان ’فعل‘ کي ’امر‘ جي صورت ۾ لکيو آهي. (الانا، جنوري 1999ع : 24) ان اهڙي انگريزي طرز جي فعلي صورت کي به اسان جهڙو عام طالب علم هضم ڪري ڪونه ٿو سگھي. جڏهن ته ڊاڪٽر فهميده حسين صاحبه اهڙن فعلن جي صورت کي ’مصدر‘ جي صورت ۾ ئي لکيو آهي، جيڪو قبول عام پڻ آهي.
    هيٺ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪم ايندڙ ’فعل‘ انهن جون ’ماضي مطلق‘ ۽ ’اسم مفعول‘ واريون ڦرندڙ گھرندڙ صورتون ورهائي سامهون رکجن ٿيون ته جيئن ان مسئلي تي ڪي اصول ٺاهڻ ۾ لسانيات جي ماهرن کي آساني ٿئي.

    ’ڳ‘ آواز ۾ تبديلي:

    • ڀِڄُ- ڀِڄڻ- ڀِڳو- ڀِڳل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڀِڄ ڀِڄڻ ڀِڳو ڀِڳلُ ڀِنلُ
    ڀَڄ ڀَڄڻ ڀَڳو ڀَڳلُ ڀَنلُ؟
    ڀُڄ ڀُڄڻ/ ڀُڃڻ ڀُڳو ڀُڳل ڀُنل
    وَڄُ وڄڻ وَڳو/ وڄيو وَڳل وڄيل/ وَنل
    ڊڄ ڊڄڻ ڊِڳو ڊِڳل ڊِنل
    پُڄ پُڄڻ پُڳو/ پُنو پُڳل پُنل
    سُڄ سُڄڻ سُڳو سُڳل سڄيل
    ڇِڄ ڇڄڻ ڇِڳو/ ڇڄيو ڇڳل ڇڄيل/ ڇنل
    مٿين ڄاڻايل مصدر ۾ وينجن آواز ’ڄ‘ گھڻي قدر > ’ڳ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    ’ڳ‘ ۾ تمام گھٽ تبديل ٿيندڙ آوازن جا مثال:
    o ’ڃ‘ جو آواز به تمام گھٽ > ’ڳ‘ ۾ به تبديل ٿئي ٿو:
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڀَڃ ڀَڃڻ ڀَڳو ڀَڳلُ ڀَنلُ؟

    o ’ن‘ جو آواز به تمام گھٽ > ’ڳ‘ ۾ به تبديل ٿئي ٿو:
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڇِنُ ڇِنڻ ڇِڳو ڇِڳل ڇِنل


    o ’ڳ‘ جو آواز پنهنجي صورت نه ٿو مٽائي، مثلاً:
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    لَڳ لڳڻ لڳو لڳل _

    ’ن‘ آواز ۾ تبديلي:
    ‘ڄ‘ جو آواز ٻي صورت ۾ ’ن‘ ۾ به مٽجي ٿو:
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڀِڄُ ڀڄڻ ڀِنو ڀنل ڀڳل
    ڊڄُ ڊڄڻ ڊنو ڊنل ڊڳل
    پُڄُ پڄڻ پنو پنل پڳل

    • روءُ- رُوئڻ- رُنو- رُنل
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    روءُ روئڻ رُنو رنل رنل
    ڏي ڏيڻ ڏِنو ڏنل ڏتل
    ڄاڻايل مصدرن ۾ گڏيل طور تي ’ء‘،’ي‘ آوازن جي صورت > ’ن‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    ’ٺ‘ آواز ۾ تبديلي:
    • ڪُههُ- ڪُهڻ- ڪُٺو- ڪُٺل.
    ڪُهه ڪُهڻ ڪُٺو ڪٺل ڪُسيل
    ڊههُ ڊهڻ ڊَٺو ڊَٺل ڊَهيل
    سَههُ سـﻫـڻ سَٺو سٺل سـﻫـيَل
    گَـﻫِـه گَـﻫـڻ گٺو گٺل گسيل
    ويههُ ويهڻ ويٺو ويٺل ويهي ويل
    پِيههُ پيـﻫـڻ پيٺو پيٺل پيهيَل
    بيهُه بيهڻ بيٺو بيٺل بيهي ويل
    مٿين ڄاڻايل مصدر ۾’هه‘ جو آواز > ’ٺ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    • وَسُ- وسڻ- وٺو- وُٺل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    وَسُ وَسڻ وُٺو وُٺل وَسيلُ
    رُس رُسڻ رُٺو/ رُسيو رُٺلُ رُسيل
    ڏِسُ ڏسڻ ڏٺو ڏٺل ڏسي ويل
    مٿين ڄاڻايل مصدر ۾ ’س‘ جو آواز > ’ٺ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    ’ي‘ وينجن ۾ تبديلي:
    • وَڃ- وڃڻ- ويو- ويل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    وَڃُ وڃڻ ويو وِيلُ وڃيل
    اَچُ اچڻ آيو آيلُ اچي ويل
    هُجُ هجڻ هيو هُيَل/ هئل هوندل
    مٿين ڄاڻايل مصدر ۾ ’ڃ‘، ’چ‘ ۽ ’ج‘ جا آواز > ’ي‘ وينجن ۾ تبديل ٿين ٿا.


    o ڪَر- ڪرڻ- ڪيو- ڪيل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڪَرِ/ ڪريو ڪرڻ ڪَيو ڪيل …
    ‘ر‘ جو آواز > ’ي‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    پَئهُ- پوڻ- پيو- پيل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    پَئُه پوڻ پيو پيَل پئجي ويل
    o ’ء‘ جو آواز > ’و‘ يا ’ي‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:

    o ’ٻ، ر، ڙ، س، ڳ، ل‘ جي صورت ۾ ’ي‘ جو اضافو ڪيو وڃي ٿو:
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    دَٻِ دَٻڻ دٻيو دٻيل ؟
    نِسرُ نسرڻ نسريو نسريل نسري ويل
    سَنجرُ سَنجرڻ سَنجريو سنجريل سنجرجي ويل
    پُورِ پورڻ پوريو پوريل ؟
    سنڀر سنڀرڻ سنڀريو سنڀريل …
    ڇوڙِ ڇوڙڻ ڇوڙيو ڇوڙيل ڇڙيل
    ڪُسُ/ ڪُسجُ ڪُسڻ ڪسيو ڪُسيل ڪُٺل/ ڪسجيل؟
    تَڳُ تڳڻ تڳيو تڳيل ؟
    اَلُ الڻ اليو اليل ؟

    ’ڌ‘ آواز ۾ تبديلي:
    • وِجھُ- وجھڻ- وِڌو- وڌل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    وِجھُ وِجھڻ وِڌو وِڌل وجھيل
    رِيجھُ ريجھڻ ريڌو ريڌل ريجھل
    مُنجھُ مُنجھڻ مُنڌو مُنڌَل منجھيل
    ٻَجهه ٻَجھڻ ٻڌو ٻَڌل ٻجھيل
    مٿين ڄاڻايل مصدر ۾ ’جھ‘ جو آواز > ’ڌ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o ڏُهه- ڏُهڻ- ڏڌو- ڏڌل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڏُههُ ڏُهڻ ڏڌو ڏڌل ڏهيل
    يهُه/ جَـﻫـه يَهڻ/ جـﻫـڻ يڌو / جڌو يَڌل/ جڌل …
    ڳِنـﻫـه ڳِنـﻫـڻ ڳڌو ڳڌل ڳنهيل
    لَـﻫـه لَـﻫـڻ لڌو لڌل لهيل
    ’هه‘ جو آواز > ’ڌ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:

    o کاءُ- کائڻ- کاڌو- کاڌل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    کاءُ کائڻ کاڌو کاڌل کاڄيل
    ’ء‘ جو آواز > ’ڌ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:

    o رُنڀ- رُنڀڻ- رُڌو- رُڌل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    رُنڀُ رُنڀڻ رُڌو رُڌل رنڀيل
    ’ڀ‘ جو آواز > ’ڌ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:

    ’ت‘ آواز ۾ تبديلي:
    • مَچُ- مَچڻ- مَتو- مَتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    مَچُ مَچَڻ متو متل مچيل
    پَرچُ پرچڻ پرتو پرتل پرچيل
    پَهچُ پـﻫـچڻ پـﻫـتو پـﻫـتل پـﻫـچيل/ پُنل
    ڀِچُ ڀِچڻ ڀتو ڀتل ڀِچيَل
    رَچُ رَچڻ رَتو رتل رچيل
    ’چ‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:

    o وِهنج- وهنجڻ- وهنتو- وهنتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    وِهنجُ وهنجڻ وهنتو وهنتل وهنجيل
    ’ج‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:

    o کاپُ- کاپڻ- کاتو- کاتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    کاپِ کاپڻ کاتو کاتل کاپيل
    کُپُ کُپجڻ کُتو کُتل کپيل
    کَپُ کَپجڻ کَتو کَتل کَپيل
    ’پ‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:


    o نِڪرُ- نڪرڻ- نڪتو- نڪتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    نِڪرُ نِڪرڻ نڪتو نڪتل ---
    ’ر‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o گھُس- گھُسڻ- گُتو- گُتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    گُهسِ گھسڻ گُتو گُتل گُھسِيل
    ’س‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o سُڃاڻ- سڃاڻڻ- سڃاتو- سُڃاتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    سُڃاڻِ سڃاڻڻ سڃاتو سُڃاتل …
    ’ڻ‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o سُمُهه- سمـهـڻ- ستو- ستل
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    سُمُـهه سُمـهـڻ ستو ستل سمـﻫـيل
    ’هه‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o ڌوءِ- ڌوئڻ- ڌوتو- ڌوتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڌوءِ ڌوئڻ ڌوتو ڌوتل ڌويل/ ڌَئل
    پِيءُ پيئڻ پيتو پيتل پيئل
    ’ءِ - ءَ‘ جو آواز > ’ت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o وٺُ- وٺڻ- ورتو- ورتل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    وَٺُ وٺڻ ورۡتو ورۡتل وٺيل/ وتل/ ودل
    مذڪوره مصدر ۾ ’ٺ‘ جو آواز > ’رۡت‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو:

    ’ٿ‘ آواز ۾ تبديلي:
    • ڦاسُ- ڦاسڻ- ڦاٿو- ڦاٿل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڦاسُ/ ڦاساءِ ڦاسڻ/ ڦاسائڻ ڦاٿو ڦاٿل ڦاسيل
    ڱُسُ گُسڻ گٿو گٿل گسيل
    ’س‘ جو آواز > ’ٿ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o ڊَههُ- ڊَهڻ- ڊٿو- ڊَٿل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڊَههُ ڊهڻ ڊٿو ڊٿل ڊٺل
    ’هه‘ جو آواز > ’ٿ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    ’ٽ‘ آواز ۾ تبديلي:
    • ڦاڙ- ڦاڙڻ- ڦاٽو- ڦاٽل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڦاڙِ ڦاڙڻ ڦاٽو ڦاٽل ڦاڙيل
    ٽوڙِ ٽوڙڻ ٽُٽو/ ٽوڙيو ٽُٽَل ٽوڙيَل
    ’ڙ‘ جو آواز > ’ٽ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o ڊَههُ- ڊَهڻ- ڊٿو- ڊَٿل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڇُٽُ ڇُٽڻ ڇُٽو ڇُٽل …
    ’هه‘ جو آواز > ’ٽ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    ’د‘ آواز ۾ تبديلي:
    • آڻِ- آڻڻ- آندو- آندل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    آڻِ آڻڻ آندو آندل آڻيل
    ’ڻ‘ جو آواز > ’د‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    ’ء‘ آواز ۾ تبديلي:
    • مرُ- مرڻ- مئو- مئل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    مَرُ مرڻ مئو مئل -----
    ڄَمُ ڄمڻ ڄائو ڄاول .......
    ’ر‘ جو آواز > ’ء‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.


    ’ڻ‘ آواز ۾ تبديلي:
    • اڏام- اڏامڻ- اڏاڻو- اڏاڻل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    اُڏامُ اڏامڻ اڏاڻو اڏاڻل اڏاميل
    اُجهامُ اجھامڻ اجھاڻو اجھاڻل اجھاميل
    وِڪامُ وڪامجڻ وڪاڻو وڪاڻل وڪاميل
    وسامِ وسامجڻ وساڻو وساڻل وساميل
    ’م‘ جو آواز > ’ڻ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o اڏام- اڏامڻ- اڏاڻو- اڏاڻل.
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ڪوماءِ ڪومائجڻ ڪوماڻو ڪوماڻل ڪومايل
    ساماءِ سامائجڻ ساماڻو ساماڻل سامائيَل
    سماءِ سمائجڻ سماڻو سماڻل سمائيَل
    هپاءِ هپائجڻ هپاڻو هپاڻل هپائيل
    ’ء‘ سر جو آواز > ’ڻ‘ ۾ تبديل ٿئي ٿو.

    o کڻ- کڻڻ- کنيو- کنيل/ کڄيل

    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    کڻ کڻڻ کنيو کنيل کڄيل



    ان کان علاوه ڪي مصدرون اهڙيون آهن جن کي ماضي مطلق ۽ اسم مفعول ۾ آڻڻ لاءِ ’او‘ ۽ ’ل‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي؛ جيئن:

    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    لِڪُ لِڪڻُ لِڪو لڪل …
    سُڪ سُڪڻ سڪو سڪل …
    ٿَڪج ٿڪجڻ ٿڪو ٿڪل …
    پن پنڻ پنيو پنيل پنل/ پڃيل

    يا وري ’يو‘ ۽ ’يل‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي؛ جيئن:
    فعلي امر فعلي مصدر ماضي مطلق اسم مفعول/ عام صورت اسم مفعول/ ٻي صورت
    ٻَرُ ٻَرڻ ٻَريو ٻريل …
    ڪَرِ ڪَرڻ ڪريو ڪَريل …
    ڪِرُ ڪِرڻ ڪِريو ڪِريل …
    ٽَرُ ٽَرڻ ٽَريو ٽريل …
    تَرِ تَرِڻ تَرِيو تَرِيل …
    تَرُ تَرَڻ تَريو تَريل …
    ڦِرُ ڦِرڻ ڦِريو ڦريل …
    سُڌر سُڌرڻ سُڌريو سُڌريل …
    سَڙُ سَڙڻ سڙيو سڙيل …
    چڙُ چِڙڻ چڙيو چڙيل …
    مُڙُ مُڙڻ مُڙيو مُڙيل …
    وڇڙ وڇڙڻ وڇڙيو وڇڙيل …
    گِڙ گِڙڻ گِڙيو گڙيل …
    اهڙا ’امر‘ جن جي آخر ۾ ’ر‘ يا ’ڙ‘ جو آواز اچي ٿو تن کي ماضي مطلق ۽ اسم مفعول ۾ بدلائڻ لاءِ آخر ۾ ’يو‘ ۽ ’يَل‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي.

    مذڪوره لفظن جي درست صورتخطيءَ ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن مان ماضي يا اسم مفعول جي بڻجڻ ۾ آوازن جي ردوبدل/ مٽاسٽا تي نظر رکڻي پوندي؛ اهڙي آوازن جي مٽاسٽا جي بنياد تي ئي ڪي اصول متعين ڪري سگھجن ٿا.





    حوالاتي ڪتاب:
    1. فهميده حسين ڊاڪٽر (جنوري- مارچ 2009ع) سنڌي ٻولي، جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    2. الانا غلام علي ڊاڪٽر (جنوري- جون 1999ع) سنڌي ٻولي، جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    3. اٿارٽي (جنوري- جون 1999ع) سنڌي ٻولي، جرنل- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
    4. گريئرسن جي اي- ترجمو: ڊاڪٽر فهيمده حسين (2000ع) – برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو- سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ادا ڪاشف مصدر ۽ اسم مفعول ڇاکي چئبو آهي؟
     
  3. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ادا توهان مٿي ڇا پڙهي آيا آهيو؟
     
  4. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ادا سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!!
     
  5. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ادا ٻي خوشي جي ڳاله ت سائين جن پاڻ ب هن اوطاق تي اچن ٿا
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ادا سائين کي خوش آمديد فورم تي اميد آهي ته سائين سان منهنجي لائيو به ملاقات ڪرائيندا پنهنجي فليٽ تي
     
  7. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    گستاخي ماف سائين


    ادا طاهر مونکي هڪڙي ڳاله سمڃه م نٿي اچي جيڪو ڪم سڀئي دوست 3۔3 مهينن ۾ نٿا ڪري سگهن اوهان اهو ڪم 5 ڏيهين ۾ ڪئين ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  8. Kashif ahmed

    Kashif ahmed
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2010
    تحريرون:
    32
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ادا گستاخي معاف سائين


    تنهنجي قرب ڪچهري ڀلي آ

    جهڙي مهل وڻنئي فليٽ تي هلي آ

    قرب جو ڪمال آ دل لڳي ڳاله آ

    ادا گستاخي معاف سائين
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    743
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ڪاشف سائين الطاف جوکيو جي سنڌي وياڪرڻ جي باري ۾ انتهائي لاجواب ونڊ سنڌ سلامت تي آڻي اسان اڻ‌ ڄاڻ سنڌين تي وڏو احسان ڪيو اٿئي، مون اها انتهائي معلومات پهرين فرصت ۾ ڪاپي ڪرائي پنهنجي پُٽڙن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي ته جيئن سنڌي گرامر جي هن انتهائي اهم ترين مضمون کي هو پنهنجي دل سان هنڊائي سگهن۔ لکين واڌايون هُجن توکي ۽ سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ کي اهو اعزاز آهي ته سائين الطاف جوکيو صاحب جهڙا انتهائي قابل ، عالم ۽ فاضل اسان سان ٻانهن ٻيلي آهن۔ سائين الطاف جوکيو صاحب جا اسان ته ٻانهن ٻڌا غلام آهيون۔ سائين جن جون مهربانيون آهن جيڪي اسان ولهن تي وڙ ڪري اسان جي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي مهڪائڻ ايندا آهن۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ’سنڌي ٻوليءَ جي مصدرن ۽ سندن اسم مفعول‘ جي صورتخطيءَ وارو معاملو

    ادا وضاحت ڪريو مون اوهان جي ڳاله نه سمجهي
    اوهان ڪهڙي ڪم جي ڳاله ڪري رهيا آهيو؟
    ڪم 5 ڏيهين ۾ ڪئين ؟؟؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو