بحر سليس مربع: جي باري ۾ سمجھاڻي *سھڙيندڙ:ڊاڪٽر ذوالفقار علي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 جنوري 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سليس جي لغوي معني' آھي روانيء وارو ۽ سادو ھي بحر بنده جي ايجاد آھي، ھن ۾ فاعلن ۽ فعولن جا سالم رڪن رکيا ويا آھن، جن ۾ شعر چوڻ ڏاڍو سولو آھي ۽ ان ۾ رواني بہ ڏاڍي آھي، اھوئي سبب آھي جو مٿس اھو نالو رکيو ويو اٿس. اھو بحر ايجاد ڪرڻ بعد جڏھن اڳتي ھلي اڀياس ڪندي اھا ڳالھ آڏو آئي تہ انھن رڪنن کي جوڙي ھڪ بحر خميسہ جي نالي سان اڳ ئي ايجاد ٿيل آھي تہ پنھنجي نادانيء ۽ نا واقفيت تي افسوس ٿيو پر جڏھن ڏٺو تہ عروض جي دنيا ۾ اھڙا واقعا اڳ بہ ٿيا آھن تہ پوء پنھنجي ايجاد قائم رکي البت ايترو نظر آيو تہ جيڪي شاخون ھن بحر جون مون قائم ڪيون آھن. سي خميسہ واري قائم ڪونہ ڪيون آھن تنھن ڪري بہ وڌيڪ آٿت ملي آھي. (صائب)
    بحر سليس مربع:
    1-سليس مربع سالم:
    وزن: فاعلن فعولن ٻہ ڀيرا
    صائب: يار جو وھي ٿو، خوب سو لھي ٿو.
    تقطيع: يار جو فاعلن، وھي ٿو، فعولن. خوب سو فاعلن، لھي ٿو فعولن
    ٻيو مثال: اڪرم جوڻيجو؛
    يار سان محبت، زندگيء جي قيمت،
    2-سليس مربع مقصور: وزن ٻہ ڀيرا فاعلن، فعولن،
    صائب: سجده گاھ يار، عشق لئہ صليب
    تقطيع: سجدگا فاعلن، ھ يار فعول عشق لئہ فاعلن، صليب فعول.
    ٻيو مثال: اڪرم جوڻيجو؛ لربا ويو تہ ڄڻ ويو قرار
    3-سليس مربع محذوف:
    وزن فاعلن فعل(فعل جي عين متحرڪ) ٻہ ڀيرا
    صائب:حسن جي ڪري عشق ٿو مري
    تقطيع: حسن جي فاعلن ڪري فعل،عشق ٿو فاعلن، مري فعل
    ٻيو مثال: اڪرم جوڻيجو:
    عشق ٿو گھري، جان جي سخا
    4سليس مربع مقصور محذوف: وزن فاعلن فاع، ٻہ ڀيرا
    صائب: پاڻ ۾ ناھ، يار جو چاھ.
    تقطيع پاڻ مي فاعلن،ناھ فاع يار جو فاعلن، چاھ فاع
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو