ڪنجوس هڪ ڪنجوس مرڻ وقت پنهنجي زال کي سڏ ڪيو ” آڙي او ولوءَ جي ماءَ ڪٿي آهين؟“ زال وراڻيو، ” سائين اجهو آءُ اوهانجي ڀر ۾ آهيان“ ”اڙي ٻار ڪٿي آهن؟“ ” اجهو اهي به هت تنهنجي ڀر ۾ بيٺا آهن“ ” اڙي جي سڀ هت آهن ته پوءِ هن ڀر واري ڪمري ۾ پکو ڇو ٿو هلي؟“ ايئن چئي ڪنجوس ساه ڏنو ................... هڪ ڪنجوس ڏهين منزل کان ڪري پيو، هيٺ ڪرندي ڪرندي سندس نظر پنهنجي فليٽ جي رڌوڻي ۾ پئي ته سندس زال مانيون ٿڦي رهي هئي ڪنجوس اتان رڙ ڪري پنهنجي زال کي چيو ” اڙي او رانجهي جي ماءَ، منهنجي ماني نه پچائجانءِ“ ................... ڪنهن ڪنجوس دبئيءَ جي شيخ کي خون ڏئي سندس جان بچائي ته موٽ ۾ شيخ کيس مرسڊيز ڪار تحفي ۾ ڏني ... ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شيخ کي ٻيهر خون جي ضرورت پئجي وئي ته ساڳيو ڪنجوس ڀڄندو ويو ۽ وڃي خون ڏنائين، موٽ ۾ شيخ کيس ترن وارا لڏون تحفي ۾ ڏنا ... ڪنجوس ڪاوڙجي چيو ته ” مرسڊيز ڇونه ڏنئي؟“ شيخ وراڻيو ته منهنجي رڳن ۾ به هاڻ تنهنجو خون ڊڪي رهيو آهي ... ................... هڪ ڪنجوس ٽيڪسيءَ واري کي چيو ” عبدالله غازيءَ جي مزار تي ويندي؟“ ٽيڪسيءَ واري جواب ڏنو ” جي ها ويندس“ ڪنجوس کيس ٿيلهي ڏيندي چيو ته ”يار مهرباني ڪري منهنجي لاءِ لنگر جو پلاءُ ورتيون اچجانءِ“ ................. هڪ ڪنجوس جي جسم ۾ جن گهري ويو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ جن پريشان پريشان هڪ ڀوپي وٽ ويو ۽ عرض ڪيو ته ”سائين ڀوپا! مهرباني ڪري مونکي هن مان ٻاهر ڪڍ نه ته بک مري ويندس“ ................. ڪلفٽن وٽ هڪ ٻيڙي ٻڏي رهي هئي جنهن ۾ ڪنجوس به ٻڏي رهيو هو ۽ زور زور سان کلي به رهيو هو دوستن پڇيس اڙي کلين ڇو ٿو؟ وراڻيائين ” يار! شڪر جو مون موٽ جي ٽڪيٽ نه ورتي “
ادا عبدالوهاب حق موجود ڪنهن رڪشي تي لکيل ڏٺو هو ”سهڻا کل ته سهي“ سو ڀائڙا کلندڙ ماڻهون، ٽڙندڙ گلن جيئان هوندا آهن جي روح کي تازگي ۽ من کي سڪون ڏيندا آهن ... هميشه کلندا ۽ مسڪرائيندا رهو، هت نه رهو حيدرآباد رهو ... سدائين گڏ نثار ابڙو
واهه نثار سائين واهه مون وٽ وري ڪجهه الڳ لفظ آهن۔ کلندا رهو مسڪرائيندا رهو، شاد رهو آباد رهو، جتي رهو خوش رهو، نه وسرو نه ياد رهو۔ پر هڪڙي گذارش آهي ته سنڌ سلامت فورم تي ايندا رهو
ها بلڪل هر نثار جو ڪم صرف مسڪراهٽون قربان ڪرڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔ پر ڪنجوس مُسڪراهٽون مٺا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪي سخي مرد واريون مسڪراهٽون کڻي اچ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ته دل ڀري مُسڪراهٽن جون ديڳڙيون ۽ ديڳڙا نثار ڪريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔