ڀوڳ ٽڪاءَ

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏12 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ڪنجوس

    هڪ ڪنجوس مرڻ وقت پنهنجي زال کي سڏ ڪيو
    ” آڙي او ولوءَ جي ماءَ ڪٿي آهين؟“
    زال وراڻيو، ” سائين اجهو آءُ اوهانجي ڀر ۾ آهيان“
    ”اڙي ٻار ڪٿي آهن؟“
    ” اجهو اهي به هت تنهنجي ڀر ۾ بيٺا آهن“
    ” اڙي جي سڀ هت آهن ته پوءِ هن ڀر واري ڪمري ۾ پکو ڇو ٿو هلي؟“
    ايئن چئي ڪنجوس ساه ڏنو
    ...................
    هڪ ڪنجوس ڏهين منزل کان ڪري پيو، هيٺ ڪرندي ڪرندي سندس نظر پنهنجي فليٽ جي رڌوڻي ۾ پئي ته سندس زال مانيون ٿڦي رهي هئي
    ڪنجوس اتان رڙ ڪري پنهنجي زال کي چيو
    ” اڙي او رانجهي جي ماءَ، منهنجي ماني نه پچائجانءِ“
    ...................
    ڪنهن ڪنجوس دبئيءَ جي شيخ کي خون ڏئي سندس جان بچائي ته موٽ ۾ شيخ کيس مرسڊيز ڪار تحفي ۾ ڏني ...
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ شيخ کي ٻيهر خون جي ضرورت پئجي وئي ته ساڳيو ڪنجوس ڀڄندو ويو ۽ وڃي خون ڏنائين، موٽ ۾ شيخ کيس ترن وارا لڏون تحفي ۾ ڏنا ...
    ڪنجوس ڪاوڙجي چيو ته ” مرسڊيز ڇونه ڏنئي؟“
    شيخ وراڻيو ته منهنجي رڳن ۾ به هاڻ تنهنجو خون ڊڪي رهيو آهي ...
    ...................
    هڪ ڪنجوس ٽيڪسيءَ واري کي چيو ” عبدالله غازيءَ جي مزار تي ويندي؟“
    ٽيڪسيءَ واري جواب ڏنو ” جي ها ويندس“
    ڪنجوس کيس ٿيلهي ڏيندي چيو ته ”يار مهرباني ڪري منهنجي لاءِ لنگر جو پلاءُ ورتيون اچجانءِ“
    .................
    هڪ ڪنجوس جي جسم ۾ جن گهري ويو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ جن پريشان پريشان هڪ ڀوپي وٽ ويو ۽ عرض ڪيو ته
    ”سائين ڀوپا! مهرباني ڪري مونکي هن مان ٻاهر ڪڍ نه ته بک مري ويندس“
    .................
    ڪلفٽن وٽ هڪ ٻيڙي ٻڏي رهي هئي جنهن ۾ ڪنجوس به ٻڏي رهيو هو ۽ زور زور سان کلي به رهيو هو
    دوستن پڇيس اڙي کلين ڇو ٿو؟
    وراڻيائين ” يار! شڪر جو مون موٽ جي ٽڪيٽ نه ورتي “
     
  2. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نثارابڙو تمام بهترين
     
  3. اسدي

    اسدي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    44
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هاهاهاهاهاهاها
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهتري شيئرنگ آهي اوهان جي اهڙي تحريرن جو انتظار رهندو
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ڦلپوٽه فقير واهه، ڇا ته مرڪون وکيريون آهن۔ مولا شاد رکئي آباد رکئي
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا عبدالوهاب
    حق موجود
    ڪنهن رڪشي تي لکيل ڏٺو هو ”سهڻا کل ته سهي“
    سو ڀائڙا کلندڙ ماڻهون، ٽڙندڙ گلن جيئان هوندا آهن جي روح کي تازگي ۽ من کي سڪون ڏيندا آهن ...
    هميشه کلندا ۽ مسڪرائيندا رهو، هت نه رهو حيدرآباد رهو ...
    سدائين گڏ
    نثار ابڙو
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه نثار سائين واهه مون وٽ وري ڪجهه الڳ لفظ آهن۔
    کلندا رهو مسڪرائيندا رهو،
    شاد رهو آباد رهو،
    جتي رهو خوش رهو،
    نه وسرو نه ياد رهو۔
    پر هڪڙي گذارش آهي ته سنڌ سلامت فورم تي ايندا رهو
     
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين ڏاڍو سٺو مواد سهيڙيل آهي
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    واهه واهه سائين اصل ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو۔۔۔
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اڄ وري پراڻا لطيفا پڙهي، مسڪراهٽون اچي ويون .... مهرباني دوستو

    sindhsalamatsaathsal
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ها بلڪل هر نثار جو ڪم صرف مسڪراهٽون قربان ڪرڻ آهي۔۔۔۔۔۔۔ پر ڪنجوس مُسڪراهٽون مٺا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪي سخي مرد واريون مسڪراهٽون کڻي اچ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ته دل ڀري مُسڪراهٽن جون ديڳڙيون ۽ ديڳڙا نثار ڪريون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  12. عارف

    عارف
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2009
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    تمام بهترين شيئرنگ آهي توهان جي وڏي مهرباني
    اهڙين تحريرن جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو