خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 10 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* سمنڊ سنڌ ۽ بلوچستان جا 1100 ڪلوميٽر علائقو ڳهي ويو خبر)
** ......جھڙي ريت آصف زرداري سنڌ جا وسيلا ڳهي ويو آهي (تبصرو)

* وفاق خلاف بغاوت جي، ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي: مولابخش چانڊيو (خبر)
**سائين، اعتراف ڪرڻ لاءِ به دل ۽ همت گھرجي (تبصرو)

* ڪراچي آپريشن جاري رهڻ گھرجي: خورشيد شاه (خبر)
** هاٿيءَ جا ڏند، ڏيکارڻ جا هڪڙا، کائڻ جا ٻيا (تبصرو).

* جيڪب آباد ۾ گيس جي فراهمي بند هئڻ خلاف ڌرڻو (خبر)
** ڪٿي عوام حڪمرانن جي به“گيس” نه بند ڪري ڇڏي! (تبصرو)

* پ پ پ جي 8 ورهين جي دور ۾ سنڌ اندر 216 ارب روپين جي ڪرپشن (خبر)
** ......سڀ گڏجي نعرو هڻو: ايڪ زرداري، سب پر ڀاري (تبصرو)
 
Back
Top