خبرون تي ٽيڪا ٽپڻي / محمد خان سيال / 11 جنوري2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نواز شريف جي ظلمن جو مقابلو ڪنداسون: زرداري (خبر)
**....پراوهان جي ظلمن ۽ ڪرپشن جو مقابلو ڪير ڪندو؟ (تبصرو)

* ٿر ۾ ڊاڪٽر ڊيوٽي نه ٿا ڪن، حڪومتي غفلت ڪانهي: مولابخش چانڊيو (خبر)
**ڊاڪٽر ڊيوٽيون نه ٿا ڪن ته پوءِ سرڪار ڪهڙي مرض جي دوا آهي؟ (تبصرو)

* پي آءِ اي دبئيءَ ۾ لاش ڇڏي هلي آئي (خبر)
** دبئيءَ ۾ لاش شايد انهيءَ ڪري ڇڏيوهوندائين ته جيئن زرداري عبرت حاصل ڪري (تبصرو)

* لاهور ۾ عورتون موٽر سائيڪل هلائڻ لڳيون (خبر)
** پر اسان وٽ 94 ورهين جي قائم عليشاهه کان حڪومت نه ٿي سنڀالجي(تبصرو)

* پاڪستان ۾ ڀارت کان وڌيڪ سهڻيون اداڪارائون آهن: اوم پُوري (خبر)
** پرايون عورتون سدائين سهڻيون لڳنديون آهن (تبصرو)

* گمبٽ انسٽيٽيوٽ جو نالو بحال ڪڻ لاءِ بک هڙتال جاري (خبر)
** سنڌ جي جاهل حڪمرانن آڏو: رڍ اڳيان رباب وڄائيندي ورهيه ٿيا (تبصرو)

* داعش ڇڏڻ جو چوڻ تي پٽ، ماءُ کي سڀني جي اڳيان قتل ڪيو (خبر)
**ڪنهن سچ چيو: ڇو وهه کائي نه مُئين؟ (تبصرو)
 
Back
Top