نظم

'مختلف موضوع' فورم ۾ محمد يوسف جويو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2016۔

  1. محمد يوسف جويو

    محمد يوسف جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2015
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    محمد يوسف جويو

    10.6.2015

    لڪيءَ جي پهاڙن ۾ (نظم)

    لڪيءَ جي پهاڙن ۾

    جبل جي پاڙن ۾

    ڦٽي نڪرندڙ پاڻي

    هيٺ ڌارا ڪري وهي ٿو

    جو ڦٽ ڦرڙين لاءِ اڪسير آ

    ماڻهن جي تقديرآ

    ڇوٽڪاري جي ڪا تدبير آ

    هت ”شِو مندر“*1

    هت ”تيرٿ بندر“*2

    هت سهڻو ” شاهه صدر“*3

    هي ڌرتي پاڪ پوتر

    هت جبل ۾

    ڪي راز آهن،

    ڇپيل ڪي ساز آهن

    هن جبل چوٽيءَ تي

    ڪي مڙس مٿير هئا

    جن چوٽون کاڌيون

    ۽ سينو ساهي

    ڌرتيءَ کي موٽ ڏني

    غارن مان نڪري

    وڏا وار ڪيا

    ۽ وارن مٿان وار ڪيا

    جو اڻ موٽ هئا

    پر!

    تاريخ ۾ ڪي خار به ٿيا

    پنهنجن مٿان مار ٿيا

    پر هي به مڙس مٿير هئا

    ۽ رکِي هئي جنگ جاري

    هنن وڙهندي ڇپندي

    ڇپندي وڙهندي

    جبلن جي مٿان ڪي داستان لکيا

    ۽ پنهنجا ڪي آستان ڇڏيا

    ”بزڻ جا غار“*4

    ۽ ڪي ڪوٽ قلعا*5 ڇڏيا

    ميدان ۽ سنڌو ڪنارا ڇڏيا

    لڪيءَ جي لڪن ۾

    اڻ مٽ نشان ڇڏيا

    جبل جي پاڙن ۾

    لڪيءَ جي پهاڙن ۾

    ----------------------------

    *1 جبل ۾ وهندڙ چشمي يا ڌارڻ ڏانهن وڃڻ واري رستي تي هڪ ننڍو شِو مندر ٺهيل آهي، جيڪو هاڻ اجڙيل آهي.

    *2 لڪي ڳوٺ جيڪو ان وقت هڪ ننڍو شهر هوندو هئو سو ان کان هڪ ڪلو ميٽر جي فاصلي تي وهندڙ سنڌو دريا تي هڪ پتڻ ٻيڙين جو بندر هو، جيڪو ماڻهن کي درياءَ جي ٻئي ڪناري تي پهچائڻ جو ڪم ڏيندو هئو.

    *3 لڪياري سيدن جو وڏو بزرگ هستي شاهه صدر جي درگاهه آهي. جنهن جي پٺيان هي سيد لڪياري سڏجن ٿا.

    *4 لڪي کان ڏکڻ طرف چار يا پنج ڪلوميٽرن جي فاصلي تي جبل جي بلڪل پاڙن ۾ ڪجهه غار آهن جن ۾ هڪ کي بزڻ جو غار ڪري سڏجي ٿو.تاريخ ۾ آهي ته هتان سنڌ دشمن ارغون، ترخان، پٺاڻ ۽ ٻين ڦورو لٽيرن جي قافلن تي ڇاپا مار جنگ جي وسيلي، انهن جي ٺٽي کا سيوهڻ اچڻ وڃڻ ۾ رڪاوٽ وجهندي حملا ڪندا هئا ۽ پوءِ وري انهن غارن ۾ سنڌي گوريلا لِڪِي وڃي پناهه وٺندا هئا. نوٽ هاڻي اتي پاڪستاني ڦوج جي ڇاوڻي ٺهي رهي آهي.

    *5 چيو وڃي ٿو ته هت لڪي شهر وٽ ڪو ڪنهن وقت چوڪيءَ خاطر هڪ ننڍو قلعو جوڙيل هوندو هو، رني ڪوٽ پڻ ان جو سلسلو ئي آهي.

























    محمد يوسف جويو

    10-6-2015

    ڌاريو آواز.....(نظم)

    رني ڪوٽ جي ڪور تي

    ڪو بگهڙ اوناڙ ڪري ٿو

    ۽ اوڻٽيهين اونداهيءَ ۾

    ڀڙڪو ڏئي چٻرو چرڙاٽ ڪري ٿو

    تڏهن وري

    چوڏينهن جِي چانڊوڪيءَ ۾

    ڪو چڪور اڀ ڏي اڏري ٿو

    هيٺ واڙ ۾

    ستل ناريءَ سان

    ٻار ڇرڪ ڀري روئي ٿو

    ۽ڪتن جي باهوڙ تي

    پوڙهي لٺ کڻي هڪل ڏني!

    ڪهڙو آهين؟

    ٺا ٺا ٺا ٺا .......

    سچو ڪوٽ ٻري ٿو

    ۽ تاريخ جو پڙاڏو وري موٽ کائي

    رڙ ڪري چوي ٿو

    نه ويو آهين...

    ڪهاڙيءَ جو چمڪاٽ

    گولين جو مينهن

    ۽ پوءِ

    ڌاريو آواز

    ٺا ٺا ٺا ........
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو