TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
شوڪت حسين شورو
ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته، سنڌالاجي ميوزيم ۾ ”ميرن جي درٻار“ جو ڊايوراما جڙي راس ٿيو ته ڪجهه دانشور دوستن مون کي ميار ڏني ته، ”ميرن کي ايتري اهميت ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي! ميرن جو دور ته سنڌ جو اونداهو دور هو“. ڇا واقعي ائين هو يا بيٺڪيت جي اثر هيٺ ٺهي ويل Mind set سبب اهو هڪ عام خيال ٿي ويو آهي؟ سامراجي طاقتن دنيا ۾ جنهن به ملڪ تي قبضو ڪيو، اتي انهن جي طرفان ماڻهن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي ته اوهان جي ملڪ جا اڳيان حاڪم نااهل ۽ بيڪار هئا، جن کي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جو ڪو به اونو ڪونه هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ٽالپر گهراڻي جي مير حاڪمن جي خلاف اهڙي نموني پروپيگنڊا جي مهم هلائي جو ان وقت کان وٺي اڄ تائين سنڌي ماڻهو ائين سمجهندا رهيا آهن ته ميرن جو دور هڪ اونداهو دور هو، ۽ انگريزن ميرن کان سنڌ جي جند آجي ڪرائي، ان کي هڪ روشن دور ۾ داخل ڪيو. سنڌ ۾ ميرن جي خلاف ايتريون ابتيون سبتيون ڳالهيون پکڙيل آهن جو عام ماڻهو ته ٺهيو، پر پڙهيل لکيل ماڻهن به انهن کي قبول ڪري ورتو آهي. انگريزن جي دور کان وٺي اهو جيڪو Mind set (ذهني رويو) جڙيو، سو اڄ تائين قائم آهي. ميرن جي طرز حڪومت ۽ انگريزن سان ويڙهه تي چٿرون ڪرڻ، مذاق اڏائڻ ۽ کلڻ سڀ ان ذهني رويي جو نتيجو آهي. اهو ساڳيو ذهني رويو اسان جو پڙهيل لکيل طبقو، اديب ۽ دانشور لڏو انگريزن جي ڪٽر مخالف پير صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) بابت به روا رکندو آيو آهي.
اسان کي اهو نه وسارڻ کپي ته مير هڪڙي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جا حاڪم هئا. هندستان، افغانستان، ايران توڙي انگلينڊ ميرن جي دور ۾ سنڌ کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ تسليم ڪيو هو. سنڌ جي ان آزاد ملڪ واري حيثيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انگريزن سازشون شروع ڪيون. ميرن انگريزن جي دڙڪن داٻن يا لالچ وارين آڇن کي قبول ڪري کين سنڌ ٿالهيءَ ۾ رکي ڪا نه ڏني هئي، ۽ نه وري پاڻ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا هئا، نڪو ئي مير سنڌ جي مالي وسيلن توڙي ماڻهن کي ڦري لٽي، دولت کڻي ٻاهر ويا.
اهو هڪ مڃيل بين الاقوامي اصول آهي ته ڪنهن به ملڪ جون اندروني حالتون ڀلي ڪيتريون به خراب هجن، پر ڪنهن ٻاهرين طاقت کي اهو حق نٿو پهچي ته اها انهن حالتن کي جواز بنائي هُلان ڪري ان ملڪ تي اچي قبضو ڪري. مٿان وري اها دعويٰ ڪئي وڃي ته ان ملڪ کي تباهي کان بچائڻ ۽ ماڻهن جي ڀلي خاطر اهو قدم کنيو ويو. جيڪڏهن ان دعويٰ کي حق بجانب سمجهيو وڃي ته پوءِ عراق تي آمريڪا جي قبضي کي غلط چوڻ نه کپي.
ميرن کي جاهل، نڪما، نااهل ۽ ظالم حڪمران سڏڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ ۾ انگريزن جا پنهنجا مفاد ۽ غرض هئا ته ٻين ڳالهين سان گڏ کين اصل حاڪمن کان وڌيڪ بهتر ۽ برتر ڪري ليکيو وڃي. ماڻهن کي بدظن ڪرڻ جي لاءِ ميرن تي طرح طرح جا بهتان مڙهيا ويا، پنهنجن پگهاردار منشين کان غلط تاريخون لکايون ويون، ماڻهن انهن غلط ڳالهين کي نه رڳو ذهني طور قبول ڪري ورتو، پر انگريزن جا هميشه جي لاءِ ٿورائتا بنجي ويا. بيٺڪيت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها آهي ته ان جي وڃڻ کان پوءِ به مڪاني ماڻهن جو ذهني رويو اهو ئي رهي ۽ پاڻ وڌيڪ پڪو پختو ٿئي.
حقيقت هيءَ آهي ته مير پڙهيل لکيل، علم ادب سان چاهه رکندڙ ۽ سمجهو حاڪم هئا. هنن حالتن پٽاندر حڪومت جو هڪ نئون نظام قائم ڪيو هو. ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي بادشاهه بنائي ويهارڻ بدران هنن هڪ ڪائونسل ٺاهي هئي، فيصلا فرد واحد نه پر ڪائونسل جي گڏيل صلاح مصلحت سان ڪيا ويندا هئا. مير عبدالحسين سانگيءَ جهڙو سنڌي جو وڏو شاعر ۽ شاهه لطيف جو ڄاڻو ان شاهي گهراڻي جو شهزادو هو. ملڪ جو وزير اعظم نواب ولي محمد خان لغاري جهڙو مدبر ماڻهو هو. ائين ڪو نه هو ته ميرن ۾ ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون ڪونه هيون، يا هنن کان انتظامي ۽ سياسي غلطيون ڪو نه ٿيون هيون، پر دنيا جا ڪهڙا حڪمران هئا، جيڪي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کان آجا هئا؟! اڄوڪي جديد ۽ جمهوري دور جي حاڪمن کي ئي کڻي ڏسو! ان وقت سنڌ جي سرحدن تي حالتون سڻايون ڪو نه هيون. هندستان ذري گهٽ انگريزن جي قبضي ۾ اچي چڪو هو، انگريزن سان گڏ پنجاب جي مهاراجا رنجيت سنگهه جون اکيون ڳجهن وانگر سنڌ تي کتل هيون، ٻئي طرف افغان سردارن سنڌ کي تپائي کنيو هو. ميرن دور انديشي کان ڪم وٺي انهن سڀني خطرن کي منهن پئي ڏنو. ميرن تي الزام آهي ته هنن انگريزن جي خلاف ويڙهه ۾ بزدلي ڏيکاري ۽ مياڻي جي ميدان ۾ ميرن جي تعداد جي لحاظ کان وڏي فوج، انگريزن جي ٿورڙي فوج جو مقابلو نه ڪري سگهي. انگريزن سنڌ ۾ انهن ساڳين چالبازين کان ڪم ورتو هو، جيڪي بنگال ۾ سراج الدوله ۽ ميسور ۾ ٽيپو سلطان جي خلاف استعمال ڪري چڪا هئا. هنن کي سنڌ ۾ به مير جعفر ۽ مير صادق جهڙا ماڻهو ملي ويا هئا.
سر رچرڊ برٽن لکيو آهي ته،”سر چارلس نيپيئر جي بهادري واري فتح اصل ۾ رشوت جي وسيلي حاصل ٿي هئي. ميرن جي بندوق بردار سپاهين جي اڳواڻ رشوت وٺي مٿي هوا ۾ فائر ڪرايا هئا ۽ گهوڙي سوار دستن جو ڪمانڊر غداري ڪري پنهنجا دستا جنگ مان ڪڍي بي شرمائي سان ڀڄي هليو ويو هو“. انهن ٻنهي ڄڻن کان غداري جو ڪم ڪرائڻ وارو ماڻهو مرزا علي اڪبر هو، جيڪو اصل ايران جو هو. سنڌ ۾ اچي هن ميرن سان ويجها واسطا رکيا، ٻئي طرف پهرين جيمس آئوٽرام ۽ پوءِ چارلس نيپيئر جو منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. رچرڊ برٽن موجب چارلس نيپيئر پاڻ کيس ٻڌايو هو ته،”سنڌ کي فتح ڪرڻ واري چالبازي ۾ مرزا علي اڪبر هڪ هزار فوجين جي برابر ڪارنامو ڪري ڏيکاريو هو“. مرزا علي اڪبر مسلمان ڀاءُ هجڻ جي ناتي ميرن جي فوجي ڇانوڻي ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي ايندو هو ۽ هن ميرن جي بهترين فوجي ڪمانڊرن کي پئسن جي لالچ ڏئي جنگ جي ميدان کي ڇڏي ڀڄي وڃڻ تي آماده ڪيو هو. باقي انگريزن جي پنهنجي لکڻ موجب،”سنڌين جون ڇولين مٿان ڇوليون اڳتي وڌنديون آيون، جن کي نيپيئر جي برتر هٿيارن وسيلي ڪيرايو پئي ويو، تنهن هوندي به سنڌي بنا ڪنهن ڍرائي جي انگريزي توبن جي اڳيان وڌندا رهيا“. چارلس نيپيئر رت جو درياءُ اڪري حيدرآباد جي خزاني کي وڃي لٽيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني کيس سنڌ تي چالبازيءَ سان قبضي ڪرڻ جي عيوض 60 هزار پائونڊ انعام ڏنو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن کي رڳو حيدرآباد مان ڪيڏو وڏو خزانو هٿ آيو هوندو.
انگريزن جنهن سنڌ کي اونداهي دور مان ڪڍي روشن دور ۾ آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، تنهن آزاد ۽ خودمختيار ملڪ کي پهرين هڪ صوبو ۽ پوءِ ان حيثيت کي اڃا به وڌيڪ گهٽائي بمبئي پريزيڊنسي جي هڪ ڊويزن بنائي ڇڏيو. اهڙي ريت سنڌ جي غلامي جو هڪ اڻ کٽ دور شروع ٿي ويو.
shoro.shoukat@gmail.com
ڪاوش جي ٿورن سان