ميرن بابت غلط بيانيون

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    شوڪت حسين شورو
    ڪجهه سال اڳ جي ڳالهه آهي ته، سنڌالاجي ميوزيم ۾ ”ميرن جي درٻار“ جو ڊايوراما جڙي راس ٿيو ته ڪجهه دانشور دوستن مون کي ميار ڏني ته، ”ميرن کي ايتري اهميت ڏيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي! ميرن جو دور ته سنڌ جو اونداهو دور هو“. ڇا واقعي ائين هو يا بيٺڪيت جي اثر هيٺ ٺهي ويل Mind set سبب اهو هڪ عام خيال ٿي ويو آهي؟ سامراجي طاقتن دنيا ۾ جنهن به ملڪ تي قبضو ڪيو، اتي انهن جي طرفان ماڻهن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي ته اوهان جي ملڪ جا اڳيان حاڪم نااهل ۽ بيڪار هئا، جن کي پنهنجي ملڪ ۽ عوام جو ڪو به اونو ڪونه هو. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کانپوءِ ٽالپر گهراڻي جي مير حاڪمن جي خلاف اهڙي نموني پروپيگنڊا جي مهم هلائي جو ان وقت کان وٺي اڄ تائين سنڌي ماڻهو ائين سمجهندا رهيا آهن ته ميرن جو دور هڪ اونداهو دور هو، ۽ انگريزن ميرن کان سنڌ جي جند آجي ڪرائي، ان کي هڪ روشن دور ۾ داخل ڪيو. سنڌ ۾ ميرن جي خلاف ايتريون ابتيون سبتيون ڳالهيون پکڙيل آهن جو عام ماڻهو ته ٺهيو، پر پڙهيل لکيل ماڻهن به انهن کي قبول ڪري ورتو آهي. انگريزن جي دور کان وٺي اهو جيڪو Mind set (ذهني رويو) جڙيو، سو اڄ تائين قائم آهي. ميرن جي طرز حڪومت ۽ انگريزن سان ويڙهه تي چٿرون ڪرڻ، مذاق اڏائڻ ۽ کلڻ سڀ ان ذهني رويي جو نتيجو آهي. اهو ساڳيو ذهني رويو اسان جو پڙهيل لکيل طبقو، اديب ۽ دانشور لڏو انگريزن جي ڪٽر مخالف پير صبغت الله شاهه (سورهيه بادشاهه) بابت به روا رکندو آيو آهي.
    اسان کي اهو نه وسارڻ کپي ته مير هڪڙي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جا حاڪم هئا. هندستان، افغانستان، ايران توڙي انگلينڊ ميرن جي دور ۾ سنڌ کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ تسليم ڪيو هو. سنڌ جي ان آزاد ملڪ واري حيثيت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انگريزن سازشون شروع ڪيون. ميرن انگريزن جي دڙڪن داٻن يا لالچ وارين آڇن کي قبول ڪري کين سنڌ ٿالهيءَ ۾ رکي ڪا نه ڏني هئي، ۽ نه وري پاڻ ملڪ ڇڏي ڀڄي ويا هئا، نڪو ئي مير سنڌ جي مالي وسيلن توڙي ماڻهن کي ڦري لٽي، دولت کڻي ٻاهر ويا.
    اهو هڪ مڃيل بين الاقوامي اصول آهي ته ڪنهن به ملڪ جون اندروني حالتون ڀلي ڪيتريون به خراب هجن، پر ڪنهن ٻاهرين طاقت کي اهو حق نٿو پهچي ته اها انهن حالتن کي جواز بنائي هُلان ڪري ان ملڪ تي اچي قبضو ڪري. مٿان وري اها دعويٰ ڪئي وڃي ته ان ملڪ کي تباهي کان بچائڻ ۽ ماڻهن جي ڀلي خاطر اهو قدم کنيو ويو. جيڪڏهن ان دعويٰ کي حق بجانب سمجهيو وڃي ته پوءِ عراق تي آمريڪا جي قبضي کي غلط چوڻ نه کپي.
    ميرن کي جاهل، نڪما، نااهل ۽ ظالم حڪمران سڏڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ ۾ انگريزن جا پنهنجا مفاد ۽ غرض هئا ته ٻين ڳالهين سان گڏ کين اصل حاڪمن کان وڌيڪ بهتر ۽ برتر ڪري ليکيو وڃي. ماڻهن کي بدظن ڪرڻ جي لاءِ ميرن تي طرح طرح جا بهتان مڙهيا ويا، پنهنجن پگهاردار منشين کان غلط تاريخون لکايون ويون، ماڻهن انهن غلط ڳالهين کي نه رڳو ذهني طور قبول ڪري ورتو، پر انگريزن جا هميشه جي لاءِ ٿورائتا بنجي ويا. بيٺڪيت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي اها آهي ته ان جي وڃڻ کان پوءِ به مڪاني ماڻهن جو ذهني رويو اهو ئي رهي ۽ پاڻ وڌيڪ پڪو پختو ٿئي.
    حقيقت هيءَ آهي ته مير پڙهيل لکيل، علم ادب سان چاهه رکندڙ ۽ سمجهو حاڪم هئا. هنن حالتن پٽاندر حڪومت جو هڪ نئون نظام قائم ڪيو هو. ڪنهن هڪڙي ماڻهوءَ کي بادشاهه بنائي ويهارڻ بدران هنن هڪ ڪائونسل ٺاهي هئي، فيصلا فرد واحد نه پر ڪائونسل جي گڏيل صلاح مصلحت سان ڪيا ويندا هئا. مير عبدالحسين سانگيءَ جهڙو سنڌي جو وڏو شاعر ۽ شاهه لطيف جو ڄاڻو ان شاهي گهراڻي جو شهزادو هو. ملڪ جو وزير اعظم نواب ولي محمد خان لغاري جهڙو مدبر ماڻهو هو. ائين ڪو نه هو ته ميرن ۾ ڪمزوريون ۽ ڪوتاهيون ڪونه هيون، يا هنن کان انتظامي ۽ سياسي غلطيون ڪو نه ٿيون هيون، پر دنيا جا ڪهڙا حڪمران هئا، جيڪي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين کان آجا هئا؟! اڄوڪي جديد ۽ جمهوري دور جي حاڪمن کي ئي کڻي ڏسو! ان وقت سنڌ جي سرحدن تي حالتون سڻايون ڪو نه هيون. هندستان ذري گهٽ انگريزن جي قبضي ۾ اچي چڪو هو، انگريزن سان گڏ پنجاب جي مهاراجا رنجيت سنگهه جون اکيون ڳجهن وانگر سنڌ تي کتل هيون، ٻئي طرف افغان سردارن سنڌ کي تپائي کنيو هو. ميرن دور انديشي کان ڪم وٺي انهن سڀني خطرن کي منهن پئي ڏنو. ميرن تي الزام آهي ته هنن انگريزن جي خلاف ويڙهه ۾ بزدلي ڏيکاري ۽ مياڻي جي ميدان ۾ ميرن جي تعداد جي لحاظ کان وڏي فوج، انگريزن جي ٿورڙي فوج جو مقابلو نه ڪري سگهي. انگريزن سنڌ ۾ انهن ساڳين چالبازين کان ڪم ورتو هو، جيڪي بنگال ۾ سراج الدوله ۽ ميسور ۾ ٽيپو سلطان جي خلاف استعمال ڪري چڪا هئا. هنن کي سنڌ ۾ به مير جعفر ۽ مير صادق جهڙا ماڻهو ملي ويا هئا.
    سر رچرڊ برٽن لکيو آهي ته،”سر چارلس نيپيئر جي بهادري واري فتح اصل ۾ رشوت جي وسيلي حاصل ٿي هئي. ميرن جي بندوق بردار سپاهين جي اڳواڻ رشوت وٺي مٿي هوا ۾ فائر ڪرايا هئا ۽ گهوڙي سوار دستن جو ڪمانڊر غداري ڪري پنهنجا دستا جنگ مان ڪڍي بي شرمائي سان ڀڄي هليو ويو هو“. انهن ٻنهي ڄڻن کان غداري جو ڪم ڪرائڻ وارو ماڻهو مرزا علي اڪبر هو، جيڪو اصل ايران جو هو. سنڌ ۾ اچي هن ميرن سان ويجها واسطا رکيا، ٻئي طرف پهرين جيمس آئوٽرام ۽ پوءِ چارلس نيپيئر جو منشي ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. رچرڊ برٽن موجب چارلس نيپيئر پاڻ کيس ٻڌايو هو ته،”سنڌ کي فتح ڪرڻ واري چالبازي ۾ مرزا علي اڪبر هڪ هزار فوجين جي برابر ڪارنامو ڪري ڏيکاريو هو“. مرزا علي اڪبر مسلمان ڀاءُ هجڻ جي ناتي ميرن جي فوجي ڇانوڻي ۾ بنا روڪ ٽوڪ جي ايندو هو ۽ هن ميرن جي بهترين فوجي ڪمانڊرن کي پئسن جي لالچ ڏئي جنگ جي ميدان کي ڇڏي ڀڄي وڃڻ تي آماده ڪيو هو. باقي انگريزن جي پنهنجي لکڻ موجب،”سنڌين جون ڇولين مٿان ڇوليون اڳتي وڌنديون آيون، جن کي نيپيئر جي برتر هٿيارن وسيلي ڪيرايو پئي ويو، تنهن هوندي به سنڌي بنا ڪنهن ڍرائي جي انگريزي توبن جي اڳيان وڌندا رهيا“. چارلس نيپيئر رت جو درياءُ اڪري حيدرآباد جي خزاني کي وڃي لٽيو. ايسٽ انڊيا ڪمپني کيس سنڌ تي چالبازيءَ سان قبضي ڪرڻ جي عيوض 60 هزار پائونڊ انعام ڏنو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انگريزن کي رڳو حيدرآباد مان ڪيڏو وڏو خزانو هٿ آيو هوندو.
    انگريزن جنهن سنڌ کي اونداهي دور مان ڪڍي روشن دور ۾ آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، تنهن آزاد ۽ خودمختيار ملڪ کي پهرين هڪ صوبو ۽ پوءِ ان حيثيت کي اڃا به وڌيڪ گهٽائي بمبئي پريزيڊنسي جي هڪ ڊويزن بنائي ڇڏيو. اهڙي ريت سنڌ جي غلامي جو هڪ اڻ کٽ دور شروع ٿي ويو.
    shoro.shoukat@gmail.com


    ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. asad1280

    asad1280
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جون 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    سائين شوڪت صاحب جو لکيل مضمون بهترين آهي پر افسوس جو پاڻ جنهن مائنڊ سيٽ جي ڳاله ڪئي اٿن پان انمان نڪري نه سگهيا آهن اسان کي اهو هميشه ياد رکڻ کپي ته انگريزن جيان ئي ٽالپر به هڪ قابض قوم هئا ۽ هتي جي اصل سنڌين تي ظلم جا پهاڙ ٽٽل هئا جنهن جو هڪ ننڍڙو ثبوت اهو آهي ته ٻروٍٍچ سماٽن کان پاڻ کي مٿڀرو سمجهندا آهن ۽ سنڌين کي سڱ ڏيڻ پنهنجي بيعزتي سمجهندا آهن اصل ۾ سندن مٿي مان حاڪميت واري هوا نه نڪتي آهي ۽ هو عام سنڌين کي اج به پنهنجو غلام سمجهن ٿا
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    ادا اسد پنهنجي ڳاله ٿورو وڌيڪ وضاحت سان پيش ڪندا ته مهرباني ٿيندي
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    پيارا طاهر سنڌي تاريخ جا ڪجهه پُراڻا ورق مونکي به ياد اچي ويا آهن مير ٽالپرن جي باري ۾ ته هُو سنڌ ۾ ڪيئن آيا حوالو پيش خدمت آهي۔
    سنڌ ۾ ٽالپرن جو اچڻ​


    سنڌ ۾ٽالپر خاندان جي داخلا جو برٽن ڏاڍو دلچسپ نموني بيان ڪيو آهي

    : ميان مير محمد خان ڪلهوڙا گهراڻي جي پهرئين حڪمران پنهنجي ٻن جابلو بلوچ مريدن مير ”الودو“ ۽ ”مسودو“ سان وڏا وعدا ڪيا، ڪيئي مهربانيون ڪيون، جاگيرون باسيون ته هو جبل ڇڏي سنڌ ۾ اچي زمين آباد ڪن ، اها سندن موتمار غلطي هئي“ انهن وحشي ماڻهن جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو منظر مؤر خن هيئن چِٽيو آهي.

    ”جڏهن بلوچ خداآباد کان پندرهن ميلن جي مفاصلي تي پهتا ته بادشاهه سندن استقبال ڪرڻ لاءِ پنهنجا

    ڪيترائي امير ۽ وزير موڪليا، جن وٽ قيمتي ڪپڙن جا ٿان ۽ سونن سنجن سان گهوڙا هئا. انهيءَ لاءِ

    ته جيئن انهن معزز مهمانن کي سنڌ جي صدر مقام شهر ۾ عزت ۽ احترام سان وٺي اچن. جيئن اهو جلوس

    اڳتي وڌيو ته ان کي فقيرن جيان ڇنل ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڌراڙن جو هڪ ٽولو مليو، جن جي ڪڍ مال جا ڌڻ هئا

    ۽ جن جون زالون گڏهن تي سوار سندن پويان اچي رهيون هيون. جڏهن وزيرن ۽ اميرن ان ٽولي کان مير الودو

    جو پڇيوته سندن تعجب جي حد نه رهي، ڇو ته اهو فقيراڻي حال وارو ماڻهن جو ٽولو جن جي هٿن ۾ ڏاس جي

    ڍيري ۽ پٺيءَ سان ٻڌل ڪانبو هو، سو ئي معزز مهمانن جو جٿو هو، جنهن کي ادب ۽ احترام سان شاهي

    درٻار ڏانهن وٺي وڃڻ سندن منصبي فرض ۾ شامل ڪيو ويو هو(1). ڪلهوڙا جيڪڏهن هڪ گهڙيءَ لاءِ

    اهو سوچين ها ته انهن فقيراڻي حال وارن جابلو ڌنارن ۾ ڪڏهن اها طاقت ايندي جو سندن نسل وارن کي

    پنهنجي تخت تان هٿ ڌوئڻا پوندا ۽ فقيرن جو شاهي تخت ۽ تاج انهن ڌنارن جي آڏو رت ۾ ليٿڙيون

    کائيندو، جن جي هٿن ۾ ڪڏهن ڪتڻ جا ڍيرا ۽ پٺيان ٻڌل ڪانبن ۾ مال جا ڦر هئا.“

    (بحواله ”ڀٽ جو شاه“ ليکڪ ايڇ ٽي سورلي صفحو نمبر 51 ۽ 52 )​
     
  5. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    مهرباني ادا تمام سٺي تحرير آهي
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    ادا مهرباني اوهان جي۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي ................،،،،،،،،،،،،،،،
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    مهرباني ادا پسند ڪرڻ جي
     
  9. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    مهرباني پيارا اوهان ته منهنجي ٿريڊ کي جاندار بڻائي ڇڏيو.
    لک لائق
     
  10. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    ادا تمام سٺي ڄاڻ آهي ۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    مهرباني ادا عمران اوهان جي،،،
     
  12. محمد ايوب گهراڻو

    محمد ايوب گهراڻو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Nasarpur Sindh
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    ميرن بابت مضمون پڙهيم ڏاڍو پسند آيو ادا عمران جيڪي ڳالهه ڪئي آهي اها بلڪل صحيح آهي ،ته انگريزن کي ڪو اسان سنڌين جو لاچار نه هو هُنن کي ته هو ملڪ ڦٻائڻو ان ڪري سنڌ تي هلان ڪري آيا پر ان ۾ به اسان جي ڪجهه سنڌي غدارن جو هٿ هو نه ته ائين ڪنهن کي به ڪا طاقت نه آهي جو ڪنهن جي گهر ۾ ڪاهي پئي اسان ڏوهه ڪنهن کي ڏيون انهن ڳاڙهن انگريزن کي يا انهن جهول جي نانگن کي جن سڄي سنڌ کي ڏنگي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙو قهري زهر ڇڏيو آهي جو اڃا تائين ان جا اسر انهن جي پوين ۾ آهن جيڪي هر وقت سنڌي ماڻهن کي ڏنگي رهيا آهن ۔ ان ڪري منهنجي ساري سنڌ جي ماروئڙن کي اپيل آهي ته خدارا اک کوليو سنڌ اسان جي آهي ۽ اسان جي رهندي ۔
    هوش محمد وارو نعرو وري جياريو مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ميرن بابت غلط بيانيون

    بلڪل ادا اوهان جي ڳالهه 100 فيصد صحيح آهي، پسند ڪرڻ جي مهرباني۔
     
  14. مير جمشيد اختر ٽالپر

    مير جمشيد اختر ٽالپر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 مارچ 2018
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪري
    ماڳ:
    ٽنڊو جان محمد
    ميرن بابت مضمون ۾ شوري صاحب تاريخي حقيقتون بيان ڪيون آهن. تمام بهترين معلومات
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو