سنڌ جا اقتصادي وسيلا

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ محمد ع سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏12 جنوري 2016۔

  1. محمد ع سومرو

    محمد ع سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    232
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    ڌنڌو:
    پورهيو
    ماڳ:
    سنڌ
    دوستو هن موضوع لاء ڪا مناسب جاء نه ملي ته زوري کڻي هتي ٽنبيو اٿمانس جيستائين سليمان وساڻ صاحب ۽ ذيشان رشيد صاحب کي رحم روح ۾ پوي جو سنڌ جي اقتصاديات جي باري ۾ ڪو چيپٽر ٺاهن

    هن موضوع ۾ منهنجو مقصد اهو آهي ته سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ چپي چپي جا اقتصادي وسيلا (جهڙوڪ معدني وسيلا، زرعي پيداوار، سير سياحت جون جايون) ۽ هنر ۽ منجهائن ڪهڙي ڪهڙي پيداوار آڻي سگهجي ٿي، ڳاڻاپي ۾ آڻجن۰ مثال طور ڪشمور ۾ جنڊيء جو هنري مرڪز آهي۰ جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن ۾ سارين جو فصل عام جام آهي جنهن منجهئون چانور جي پيداوار ته نڪري ئي نڪري پر سارين جي کل مان بُسي يا ڪٽي ٿئي ٿي يا وري ان مان چيپ بورڊ ٺاهي سگهجي ٿو۰ رني ڪوٽ (راڻي ڪوٽ جنهن کي انگريزئ ۾ لکڻ جي ڪري رني ڪوٽ چيو ويو) سياحت لاء آهي ته منجهس موجود پٿر ڪجھ معدنيات جي موجودگي جو ڏس ڏئي ٿو۰ راڻي ڪوٽ جي پويئون وري فؤاسل فاريسٽ آهي جيڪو سير سياحت جي جاء آهي۰ خيرپور ضلعي ۾ کارڪ عام جام ٿئي ٿي۰ کارڪ جا وري هرهڪ پيداواري ليول تي مختلف نالا آهن جيئن ڏوڪو، کارڪ، ڇهارو وغيرھ۰ کارڪ جي پن مان تڏيون ٺهن۰ اهڙي طرح سنڌ جي سامونڊي يا درياهي علائقن ۾ مڇئ جي پيداوار عام جام آهي۰

    هتي ته مان ٿلهي ليکي ڪجھ ضلعن جي پيداواري صلاحيت جو لکيو آهي۰ ايئن هرهڪ دوست پنهنجي پنهنجي يا ڪنهنجي ڪنهنجي به ڳوٺ جي پيداواري صلاحيت ٻڌائيندو ته سنڌ جي اقتصادي انسائيڪلوپيڊيا ٺهي پوندي جيڪا وري ڪنهن سرندي واري کي ڪم ايندي جو هو ڪو ڪارخانو ھڻي سگهي ۽ سنڌ واسين کي روزگار ملي۰

    دوستن کي گذارش آهي ته صحيح غلط يا موزون ناموزون جو خيال رکي بغير بهرو وٺن جيڪو پوء ڪنهن به مهل بهتر ڪري سگهجي ٿو۰

    ڪڙو منجھ ڪڙي جيئن لوهار لپيٽيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو