اختر حفيظ سنڌي ادب ۾ پِيري مُريدي

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي ادب ۾ پِيري مُريدي

    اختر حفيظ

    انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ادب گهڻي ڀاڱي پنهنجي جوهر ۾ ترقي پسند رهيو آهي. سياسي تحريڪن کان وٺي ترقي پسند لاڙن تائين سنڌي ادب پاڻ ملهايو آهي. اڄ جڏهن اسين شيخ اياز، نياز همايوني، ابراهيم منشي، استاد بخاري، حيدربخش جتوئي، محمد خان مجيدي ۽ اهڙن ٻين ڪيترن ئي شاعرن جي شاعري يا گيت ٻڌون ٿا ته اهو احساس پختو ٿيڻ لڳندو آهي ته اسان جا اهي شاعر سنڌ ۾ ترقي پسندي کي هٿي ڏيندڙ رهيا آهن. بلڪه رڳو شاعر ئي ڇو اسان جا ڪهاڻيڪار به ائين رهيا آهن. جن پنهنجن ڪهاڻين وسيلي سماج کي آئينو ڏيکاريو. نسيم کرل، امر جليل، ماڻڪ، علي بابا، نجم عباسي، ثميره زرين ۽ نور الهدى شاه کان وٺي رحمت ماڃوٺي، حفيظ ڪنڀر، رسول بخش درس، رسول ميمڻ، طارق عالم ابڙو. رزاق سهتو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن تائين انهن سمورن ڪهاڻيڪارن سنڌي ٻولي کي بهترين ڪهاڻيون ڏنيون. انهن جو قلم سدائين انهن لاڙن خلاف ويڙهه ڪندو رهيو جيڪي سنڌي سماج کي بدبودار ڪري ڇڏين ها.
    پر هاڻ جڏهن سنڌ ۾ نه ته اهي ادبي گڏجاڻيون ٿي رهيون آهن ۽ نه ئي ادب سياست سان ڳنڍيل نظر اچي ٿو ته انهي دوران جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، انهي جو فائدو انهن ڌرين وٺڻ شروع ڪيو آهي جن جي وڏي وقت کان اها خواهش هئي ته سنڌي ادب کي به انتهاپسندي جو جُبو پارائي انهي کي اهڙو ته ڪري ڇڏجي جو هر ڪنهن کان اها ڳالهه وسري وڃي ته سنڌي قوم ڪنهن زماني ۾ ادبي محاذ وسيلي به طاقتور ڌرين سان ويڙهه ڪندي رهي آهي. سنڌ ۾ هن وقت عجيب روايت جنم وٺڻ شروع ڪيو آهي. جنهن ۾ اسان جا "ادبي انتهاپسند دوست" هاڻ انهي خيال تي اچي بيٺا آهن ته ادب ۾ "پيري مريدي" کي هٿي ڏجي. اڳ ۾ سنڌ ۾ رڳو شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کي مرشد ڪري ليکيو ويندو هو پر هاڻي انهي جو دائرو وڌايو ويو آهي. يعني اڳ ۾ اهو لقب فقط شاعرن تائين محدود هو پر هاڻ اهو ڪهاڻيڪارن تائين وڃي پهتو آهي. فيس بوڪ تي علي بابا ۽ امر جليل جي ڪهاڻين جا ٽڪرا رکي انهن کي "مرشد علي بابا يا مرشد امر جليل" لکڻ جو رواج اڄوڪي دور ۾ نظر اچي رهيو آهي. علي بابا يا امر جليل ته ڪڏهن به اها دعوى نه ڪئي آهي ته انهن کي ادبي حوالي سان مرشد ڪري سڏيو وڃي يا کين ڪنهن مريد جي ضرورت آهي جيڪو سندن شان ۾ واهه واهه ڪندو رهي. جيڪڏهن اڃا به انهن دوستن کي اعتبار نٿو اچي ته امر جليل جي لکيل ڪهاڻي "اروڙ جو مست" وڃي پڙهن ته کين اندازو ٿي ويندو ته اهي جن کي پنهنجو ادبي مرشد ڪريو پيا هلن، انهي جون پنهنجون ڪهاڻيون انهي لاڙي جي باري ۾ ڇا ٿيون بيان ڪن.
    هي سنڌي ادب ۾ ئي عام روايت آهي ته اسين چڱي ڀلي شاعر کي شاعري وارو درجو ڏيڻ بدران ان کي ولي ڪري پيش ڪندا آهيون، ان کي ڪا ڪرامتن واري شخصيت طور پيش ڪندا آهيون. جڏهن ته شاعري جو رتبو پير ٿيڻ کان تمام وڏو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به ائين ناهي ته ڪو ماڻهو شاعر، ڪهاڻيڪار يا نثر نويس هجي ۽ اهو پير به هجي يا ڪنهن جو مرشد به هجي ۽ پنهنجي لکڻين وسيلي ماڻهن جي مرضن جو علاج به ڪندو هجي. پر سنڌ ۾ ائين وڏي وقت کان ٿي رهيو آهي. جنهن جو اهم ترين مثال حسن درس پاڻ آهي. انهي کي اسان جي "انتهاپسند ۽ تعويذ فروش" ٽولن به شاعر بدران پير ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ڪڏهن انهي لا تڪيا پئي ٺاهيا ويا ته ڪڏهن وري سندس ڪلام کي ائين پيش ڪيو ويو ڄڻ هو ڪو اهڙو شاعر آهي جيڪو ڪئين معجزا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پر دنيا وري به هن کي هڪ ترقي پسند شاعر جي حيثيت ۾ قبول ڪيو، اڄ به حسن درس کي هر ماڻهو هڪ شاعر طور پنهنجو دوست سمجهي ٿو. جنهن پنهنجي شاعري وسيلي اسان کي سهڻيون شيون پڙهڻ لا ڏنيون.
    اڄ جيڪڏهن اسان جو نوجوان نسل فيس بوڪ يا ٽوئيٽر تي ويهي پنهنجي پر ۾ ادبي مرشد ٺاهي پاڻ کي مريد طور پيش ڪري رهيو آهي ته اهو انهن ئي لاڙن جو تسلسل آهي جيڪو اسان جي سماج ۾ ڪن ماڻهن پاران متعارف ڪرايا ويا آهن. مثال طور علي بابا جيڪڏهن ڪنهن جو ادبي مرشد آهي ته هو ڪنهن کي دعا ڪري ڪهاڻي لکڻ نٿو سيکاري سگهي. هو دعا ڪري ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي ڪهاڻي جهڙو هڪ ڊائيلاگ به لکڻ نٿو سيکاري سگهي بلڪه ڪهاڻي لکڻ هڪ فن آهي ۽ اها انهي کي لکڻ ايندي جيڪو ڪهاڻي لکڻ جي ڏان کان واقف هوندو، انهي جي فني ۽ فڪري پاسن کان پاڻ کي باخبر رکندو پر ڪنهن جي دعا ڪرڻ سان ڪوبه ماڻهو ڪهاڻيڪار يا شاعر نٿو ٿي سگهي.
    سنڌي ادب ۾ هن وقت پيري مريدي واري لاڙي جو اڀار ان ڪري به ٿيو آهي جو هاڻ سنڌي ادب ۾ تنقيد کي منع ٿيل ميوو سمجهيو ويندو آهي. يعني تنقيد ڪرڻ جو مطلب ڪنهن کي بي عزتو ڪرڻ ليکيو ويندو آهي. آئون ڪئين اهڙين ادبي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيو آهيان جتي مون ماڻهن جي واتان لکڻين تي واهه واهه ته ٻڌي آهي پر انهن تي بحث يا ڪنهن قسم جي تنقيد نه ٻڌي آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن به ڪو ماڻهو ڪا شي لکي ٿو ته انهي جي ڪسوٽي واهه واهه ڪرڻ رهجي ويو آهي. جڏهن ته ادب ۾ سدائين اها گنجائش رهندي آهي ته انهي تي تنقيدي نظر وجهي اهي پهلو به ڳوليا وڃن جيڪي ليکڪ کان ڪنهن سبب جي ڪري رهجي ويا هجن. پر اسان وٽ تنقيد کي هڪ مضمون طور نٿو ڏٺو وڃي بلڪه انهي کان لنوايو ويندو آهي.
    جيڪڏهن پيري مريدي ايڏي ئي بهتر شئي آهي ته پو سنڌ ۾ جيڪي ماڻهو اڄ به ڪن گادي نشينن وٽ غلام ٿيا ويٺا مٽي پيا کائين، اهي انهن جي هڪ سڏ تي سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لا تيار آهن ته اسان جا ادبي مريد انهن کي برو ڀلو ڇو ٿا چون، ڇو اهي انهن لاڙن کي سنڌ لا نقصانڪار سمجهن ٿا ۽ اها خواهش رکن ٿا ته سنڌي ماڻهن کي پيري مريدي مان آزاد ٿيڻو پوندو، تڏهن وڃي سنڌ ترقي ڪندي. پر جيڪي جديد پير ۽ مرشد اهي پاڻ تيار ڪري رهيا آهن، انهن کان اسان کي ڇوٽڪارو ڪير ڏياريندو؟ غالب ۽ فيض احمد فيض اردو جا بلا شاعر آهن پر اڄ به نه غالب جو ڪو مريد ۽ نه فيض جو، اهي ٻئي ڪنهن جا مرشد نه آهن. بلڪه اهي اردو شاعرن جا استاد آهن. انهن جي قبرن تي پڙ نه پون ۽ دعائون ٿيون گهريون وڃن بلڪه انهن جا شعر پڙهي انهن کي ياد ڪيو ويندو آهي. شيڪسپيئر ڪنهن کان وسريو آهي پر اڄ به هن جي ڪم تي تنقيد جاري آهي ۽ هن جو وڏي ۾ وڏو نقاد ڊاڪٽر جانسن هو. جنهن کي جڏهن چيو ويو ته "توهان شيڪسپيئر تي تنقيد ڪريو ٿا پر هن ته اهڙيو بهترين شيون لکيون آهن جو لڳي ئي نٿو ته انهن کي ٻيهر لکڻ جي ضرورت هئي. انهي تي هن جو جواب اهو هو ته آئون سمجهان ٿو ته شيڪسپيئر کي پنهنجون شيون بار بار لکڻ گهرجن ته ڪجهه وڌيڪ بهتري اچي ها". اردو جي ترقي پسند ڪهاڻيڪار منٽو جو ڪوبه مريد اوهان کي نظر نه ايندو. اهي طوائفون به نه جن لا سڄي عمر هو لکندو رهيو ۽ انهن جي ڏکن سورن جون ڳالهيون هو پنهنجن ڪهاڻين ۾ ڪندو رهيو. پر اسان جا "تعويذ وارا بابا" شايد پاڻ ادبي مرشد ٿيڻ چاهين ٿا، ان ڪري اهي پاڻ پنهنجي منهن ادبي مرشد پيدا ڪري کين زماني ۾ بدنام ڪري رهيا آهن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو