“سازش تماشو” ۽ “ گٽر پوليٽڪس” !!!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    “سازش تماشو” ۽ “ گٽر پوليٽڪس” !!!

    شفيق شاڪر

    سينيٽر مشاهداﷲ خان جي چوڻ مطابق حڪومت سنڌ حالت ڀنگ ۾ آهي يا حالت گند ۾ آهي.سائين قائم علي شاه جي چوڻ مطابق حڪومت سنڌ سازشن جي نشاني تي آهي.اهي سازشون ڪير پيو ڪري،سازشن جي نوعيت،تفصيل ۽ مقصد ڇا آهي،سائين جن “عظيم تر قومي مفاد ”جي پيش نظر ان معاملي ۾ بلڪل خاموش آهن.ڪراچيء جي نوجوان عالمگير کي ويٺي ويٺي خبر ناهي ڪهڙي “سازش “سجھي جو هن کليل گٽرن خلاف اجايو حڪومت سنڌ خلاف “سماج دشمن”سرگرميون

    شروع ڪري ڏنيون.ظاهر آهي ته اسان جهڙن “سڌريل ”۽ “جمهوري” معاشرن ۾ جتي زندگيء جون بنيادي سهوليتون هر شهريء کي بنان مطالبي جي سندس گھر جي چانئٺ تي آسانيء سان دستياب هجن اتي اهڙين ڪاروائين جي ذريعي هڪ هڪ اهل حڪومت کي اجايو بدنام ڪرڻ جي حرڪتن کي سازش نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي!ڀلو ٿيو جو عالمگير کي خدا ساڃاھ ڏني جو حڪومت جي گٽر پاليسيء خلاف ڏنڊو، ڌڪو، گوٻاٽو، ڏاٽو، ڪوڏر،بيلچو يا ٿوپاڪ عرف بندوق هٿ ۾ نه کنئي نه ته هو هيستائين دهشتگرديء کي ٻنجو ڏيندڙ ڪنهن عدالت جون حاضريون لڳائي رهيو هجي ها. پر جيئن ته “عوامي” حڪومتون پنهنجي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو منهن ٽوڙ جواب ڏينديون آهن سو هن اهم قومي معاملي تي ٻئي ڪنهن ڪاموري،وزير يا مشير کي ميديا تي اچي جواب ڏيڻ جي تڪليف ڏيڻ بدران سائين وڏو پاڻ ور ڇڪي، سندرو ٻڌي هڪ مظبوط پهلوان جيان ميدان ۾ لهي پيو ۽ پنهنجي هن اصولي جواب سان سڄي ميڊيا کي لاجواب ڪندي سنڌ جي عوام جون دليون موهي ورتيون ته “ گٽرن تي ڍڪڻ لڳائڻ وزيراعلﻰ جو ڪم نه هوندو آهي.” ظاهر آهي ته اهو ڪم شهنشاھ جهانگير جو هو جيڪو صديون ٿيون هن دنيا مان موڪلائي ويو. احتجاج ڪندڙ “شرارتين” کي اهو به ته ٻڌائڻ گھرجي ته دنيا جي ڪهڙي سڌريل ملڪ ۾ گٽرن جي ڍڪڻن ۽ صفائيء لاء حڪومت جي خلاف ڪو احتجاج ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير جي لاثاني بيانن جي روشنيء ۾ گٽر ته گٽر ٿيندو آهي چاهي ڍڪڻ سان هجي يا بنان ڍڪڻ جي!هڪڙو ته حڪومت ماڻهن کي مهربانيون ڪري کين گٽر جهڙي نعمت سان نوازي ۽ مٿان وري اها فرمائش ته انهن گٽرن جي صفائي ۽ انهن تي ڍڪڻ به حڪومت ئي لڳائي ته ان کي حڪومت خلاف سازش نه چئجي ته ڇا چئجي!

    هڪ ٻي سازش سنڌ حڪومت جي خلاف ٿر ۾ اهي معصوم ٻار به ڪري رهيا آهن جيڪي اجايو گڏجي مري رهيا آهن. سائين وڏي جي انڪشاف مطابق ٿر ۾ ٻار بکن ۽ بيماري سبب نه پيا مرن.

    ( مطلب ته سازش تحت يا شوق وچان مري رهيا آهن) پر انهن ٻارن جون مائرون انهن جي موت جون ذميدار آهن .( مطلب ته اهي پاڻ ٻارن کي گھٽا ڏيئي ماري رهيون آهن)اڃا تائين سائين جن پنهنجن فلسفياڻي تدبر جو مظاهرو ڪندي اهو واضح نه ڪيو آهي ته “ مرندڙ ٻارن کي بچائڻ جي ذميداري وڏي وزير جي نه آهي!”

    ويچاري سنڌ حڪومت هن وقت سازشن جي ڪيڏي وڏي ڄار ۾ ڦاٿل آهي “ اڻ پڙهيل” عوام کي ان جو اندازوئي ناهي. عوام کي هڪ جملي مان ئي اهو سڀ ڪجھ سمجھڻ گھرجي ته “ اڪيلي رضيا ڪتني غنڊون مين ڦنس گئي” انهيء ڪري عوام انوکا احتجاج ڪري پنهنجي پياري حڪومت جي غمن ۾ اضافو نه ڪري. مثال اڄڪلھ سڄي سنڌ جا روڊ رستا بنان ڪنهن قانوني جواز جي حڪومت خلاف سازش سٽيندي تمام تيزيء سان ٽٽندا، ڀڄندا،ڀرندا ۽ ڊهندا ٿا وڃن پوء به عوام کي حڪومت خلاف ٿيندڙ مڪروه سازشن جي ساڃاه نٿي اچي.سو عوام کي گھرجي سياسي “شعور” جو مظاهرو ڪندي حڪومت جي خلاف ٿيندڙ ڪنهن “سازش” جو حصو بنجڻ بدران حڪومت جي غم ۾ برابر جا شريڪ ٿين ۽ سندس سلامتيء جي لاء خير خيراتون ڪن ۽ دعائون گھرن.

    هڪ ڳالھ جيڪا هن وقت عوام جي ڊول ۾ بلڪل نٿي ويهي سا اها ته رينجرز جي اختيارن جي معاملي تي سائين وڏي جي چوڻ مطابق وفاقي حڪومت جيڪا عظيم سازش سندس حڪومت خلاف سٽي هئي ان جو ڇا ٿيو؟ ان معاملي تي سائين وڏي کان ويندي سندس وفادار وزيرن مشيرن تائين سڀ جا سڀ اوچتو خاموش ڇو ٿي ويا آهن. سازش ختم ٿي ويئي يا سازشون ڪندڙ خدا کي پيارا ٿي ويا؟ اهو معمو اسان جهڙن جاهلن جي سمجھ کان ٻاهر آهي.خبر ناهي عوام کي اڃا ڪيستائين اهي سازش تماشا ڏسڻا پوندا ۽ گٽر پوليٽڪس سهڻي پوندي!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو