خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 16 جنوري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* بجليءَ جي صارفين لاءِ 120 ارب روپين جو رليف، کين ٽڪو به نه مليو (خبر)
** منهنجي خيال ۾ صارفين کي مليو ضرور آهي يعني ٺُٺيو (تبصرو)

* ٿر ۾ بي فائده اسپتالون، ماهر ڊاڪٽرن جا عهدا خالي (خبر)
** ڳڻتي نه ڪريو، اجھو قائم عليشاه سکڻن بيانن ذريعي مسئلو حل ٿو ڪري (تبصرو)

* بلاول ڀٽو انجنيئرنگ ڪاليج لياريءَ لاءِ هڪ ٽڪو به جاري نه ٿيو (خبر)
** جت انڌير نگري، چرٻٽ راجا هجي، اتي ائين ئي ٿيندو (تبصرو)

*شهيد بينظير سان منسوب 14 رٿائون مڪمل ڪونه ٿيون (خبر)
** آصف زرداريءَ جھڙا حڪمران هوندا ته چڱائيءَ جي اميد اجائي آهي (تبصرو)

* سنڌ ۾ هيپاٽائٽس مريضن جو انگ 30 لک ٿي ويو (خبر)
** قائم عليشاه چوندو: شڪر ڪريو جو مون اهو انگ هڪ ڪروڙ ٿيڻ نه ڏنو (تبصرو)

*وڏي وزير جي ٽيم شڪارپور جي کاتن کي ناڪام سڏيو (خبر)
** سکڻو شڪارپور ڇو؟ سڀني سرڪاري کاتن جو ٻيڙو ٻُڏل آهي (تبصرو)

* ٿرپارڪر ۾ 125 ميڊيڪل ڊسپينسريون بند هئڻ جو انڪشاف (خبر)
** ويچارو قائم عليشاهه ۽ مولوُ ڄٽ سدائين وانگيان بي خبر آهن(تبصرو)

* خيبر پختونخوا کدڙن فقيرن لاءِ قتل گاهه بڻجي ويو (خبر)
** سنڌ جي وڏي وزير کي اُتي موڪليو ته بيانن ذريعي مسئلو حل ڪندو (تبصرو)
 
Back
Top