محترمه امر سنڌو

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سنڌ جي مظلوم ۽ ظلمن جي ستايل عورتن لاءِ پنهنجي قلم توڙي مختلف فورمن تان عملي جدوجهد ڪندڙ امر سنڌو پنهنجي مزاج ۾ اڄڪلهه کان باغي عورت ناهي، ننڍپڻ کان ڪتابن مان شعور حاصل ڪري عام رواجي ڇوڪرين کان هٽي ڪري هن برقعو نه پائڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين امر سنڌو مردن جي ڪلهوڪلهي ۾ ملائي فورمن تي ڳالهائي ٿي ۽ لکي به ٿي، ڪوٽ غلام محمد تعلقي جي ڳوٺ دودو خان لغاري ۾ جنم وٺندڙ امر سنڌو اڄ پاڻ مڃايو آهي، سندس چوڻ آهي ته ”اسان جو ڳوٺ به عام رواجي ڳوٺن کان مختلف ناهي، ڳوٺ مٽ مائٽن تي ٻڌل ڄڻ هڪ ويڙهو آهي، جتي منهنجي پرورش ٿي، 5 درجا آئون پرائمري اسڪول ۾ پڙهيس، جيئن اڪثر ٻهراڙين ۾ 5 ڪلاس تائين ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ پڙهندا آهن، جنهن بعد مڊل اسڪول نه هجڻ ڪري ميرپورخاص ناناڻن ڏانهن هلي ويس ۽ وڌيڪ تعليم اتي ورتي. امر سنڌو ٻڌايو ته سندس تربيت عام رواجي ڇوڪرين وانگر ٿي پر هميشه ماءُ کان متاثر ٿي، ڇاڪاڻ جو هوءَ اڪثر ڪري ڪتاب پڙهندي رهندي هئي، ننڍپڻ ۾ ڪا خاص خواهش نه هئي ته وڏو ٿي هيئن ٿينديس، بعد ۾ يونيورسٽي ۾ استاد ٿيڻ جو شوق ٿيو، امر سنڌو کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو آهي ته سندس شهرت جي ڪيتري هاڪ آهي، مختلف ماڻهن کان شيون وٺي گم ڪرڻ جي کيس عادت آهي، جنهن ڪري اڪثر دوست ۽ گهر وارا مٿس ڪاوڙ ڪندا آهن، هن سفارش تي ڪڏهن به ڪو ڪم نه ڪرايو، سندس چوڻ آهي ته اها ٻي ڳالهه آهي ته سفارش ڪير ٻڌي ئي نٿو، هوءَ چوي ٿي ته نه آئون دولت جي پٺيان آهيان نه شهرت جي، بس ڪتاب پڙهڻ ۾ مزو ايندو آهي، ادب، تاريخ، شاعري، فلسفو، مذهبي ڪتاب به پڙهندي رهندي آهيان، عشق ڪنهن مرد سان نه پر ٻيا کوڙ سارا عشق ڪيا آهن. امر سنڌو شخصي آئيڊيلزم ۾ نه پر سندس مٿان نظرين جو سحر رهندو آهي. عام ماڻهن جيان امر سنڌو کي به ڪو هڪ ملڪ نه پر کوڙ سارا ملڪ وڻن ٿا. دولت، محبت ۽ شهرت مان امر سنڌو محبت کي ترجيح ڏيڻ پسند ڪري ٿي، سياست سان کيس گهري دلچسپي آهي. هوءَ چوي ٿي ته سياست منهنجي زندگي آهي، سياست انسان لاءِ بهترين سماج جي جوڙجڪ آهي، ڇاڪاڻ ته غير سياسي ماڻهو وٽ ڪو تصور ناهي هوندو، باصلاحيت عورت هوندي آهي يا مرد؟ واري سوال تي امر سنڌوءَ جو چوڻ آهي ته جنهن کي اظهار جا موقعا ملن ٿا، اهو باصلاحيت ٿي وڃي ٿو، صلاحيتون جنس جي آڌار تي نٿيون اچن، ها جيڪڏهن عورتون باصلاحيت گهٽ آهن ته ان جو مک سبب اهو آهي ته کين موقعا فراهم نٿا ڪيا وڃن. امر سنڌو لاءِ ٻي شادي ڪندڙ مرد ناقابل برداشت هجن ٿا. امر سنڌو عورتن جي بنيادي مسئلن بابت ٻڌائي ٿي ته انسان جو بنيادي مسئلو اهو آهي ته ان کي فرد جي حيثيت ملي، سماج ان کي فرد تسليم ڪري، خاص طور عورت کي فرد تسليم ڪرڻ لاءِ اسان جي سماج ۾ کوڙ ساريون رڪاوٽون آهن جيڪي ڪڏهن مذهب ته ڪڏهن ثقافت جي نالي ۾ موجود هجن ٿيون، کين جنس جي آڌار تي پوئتي رکيو وڃي ٿو، عورت جي غلامي، ماتحتي حيثيت بنيادي طور پڌر شاهي سماج آهي، جيڪو ذاتي ملڪيت تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ عورت کي ڪنهن نه ڪنهن جي ملڪيت سمجهيو وڃي ٿو. امر سنڌو ڪيتريون ئي مصروفيتن باوجود گهر ۾ رڌ پچاءُ جو ڪم ڪندي آهي، عورت جي آزادي بابت امر سنڌو ٻڌائي ٿي ته فرد جي آزادي جي حد عورت جي آزادي جي به آهي ۽ منهنجي نظر ۾ آزادي ذميواري سان ڳنڍيل آهي، اهو مرد هجي يا عورت، ذميواري کانسواءِ آزادي ڇڙواڳي آهي. موت جو خيال عام ماڻهن جيان امر سنڌو کي به ايندو آهي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته مون کي به ڪڏهن ڪڏهن موت جو خيال ايندو آهي ۽ ائين محسوس ٿيندو آهي ته موت ننڊ وانگر آهي، بس ماڻهو سمهي رهندو. ڪتاب، ڪمپيوٽر کي پنهنجي زندگي ۾ اهم سمجهندڙ امر سنڌو شيخ اياز ۽ لطيف جي شاعري کي گهڻو پسند ڪندي آهي ۽ اڪثر پڙهندي به رهندي آهي، عورتن جي صلاحيتن کي مڃتا نه ملڻ ۽ تسليم نه ڪرڻ واري سوال تي امر سنڌو جو چوڻ آهي ته نه رڳو عورتن پر طبقاتي سماج ۾ ڪمزوري هيڻن طبقن، قومن جي صلاحيتن کي تسليم نٿو ڪيو وڃي، قومي حوالي سان قوم جي صلاحيت کي نه مڃيو ويندو آهي، پاڪستان ۾ حڪمران اهو چوندا رهيا آهن ته سنڌين ۾ صلاحيت ناهي، پنهنجي لتاڙ لڪائڻ لاءِ اهڙا جواز ڳوليندا آهن، محبت جو اظهار امر سنڌو اڃا نه ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته کيس ڪڏهن موقعو مليو ته پيار جو اظهار ڪندي ۽ محبت کي هوءَ زندگي سمجهي ٿي، پنهنجي شخصيت مان امر سنڌو متاثر ناهي، سندس ٿورا دوست آهن، تعداد بدران هوءَ خاصيتن تي اهميت ڏئي ٿي. عرفانه ملاح کي پنهنجي بهترين دوست سمجهندڙ امر سنڌو کي پنهنجي هٿ سان پچايل کاڌا گهڻو وڻندا آهن.

    ڪاوش
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو